DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
تعليم ڪنهن به قوم جي ترقي، شعور ۽ خوشحالي جو بنيادي جز  آهي. جنهن بہھ قوم ۾ تعليم ناهي، اها قوم اکين هوندي بھ ہ انڌي ليکي ويندي آهي. سنڌ تاريخي طور علم، ادب ۽ تهذيب جو مرڪز رهي آهي. قديم زماني ۾ موهن جو دڙي جهڙيون عظيم تهذيبون، هن ڌرتيءَ تي وجود رکنديون هيون، جيڪي علم، تنظيم ۽ فڪر جي علامت هيون. سنڌ جي سرزمين ڪيترن ئي عالمن، شاعرن ۽ مفڪرن کي جنم ڏنو، جن علم جي روشني کي پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
افسوس سان اهو چوڻو پوي ٿو تہھ اڄ اسان جي تعليمي نظام کي ڪيترن ئي مسئلن مان هڪ وڏو مسئلو "ڪاپي ڪلچر" جو نظام آهي. ڪاپي ڪلچر مان مراد امتحانن ۾ ناجائز ذريعن نقل ڪري نمبر حاصل ڪرڻ آهي، جنهن سبب شاگردن جون حقيقي صلاحيتون نروار نہھ ٿيون ٿين. مختلف تعليمي رپورٽن ۽ سرويَن موجب، امتحانن ۾ نقل جا رجحان ڪيترن علائقن ۾ تعليم جي معيار کي متاثر ڪري رهيا آهن.
ڪاپي ڪلچر يا نقل ڪرڻ جو نقصان صرف شاگرد تائين محدود ناهي رهندو، پر اهو پوري سماج کي متاثر ڪري ٿو. جڏهن هڪ شاگرد محنت، قابليت ۽ علم بدران نقل جي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪري ٿو تہھ پوءِ مقابلي، تحقيق ۽ تخليقي صلاحيتن جي اهميت گهٽجي وڃي ٿي ۽ اهو رڳو رٽي لڳائڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو هوندو آهي. نتيجي طور اهڙا نوجوان عملي زندگيءَ ۾ گهربل مهارتن کان محروم رهجي ويندا آهن.
هن مسئلي جي ذميواري صرف اسڪولن يا استادن تي نہھ پر سماج جي مختلف طبقن تي پڻ عائد ٿئي ٿي.  والدين پڻ پنهنجن ٻارن کي هر حال ۾ وڌيڪ نمبر ڏيارڻ جي خواهش ۾ اسڪولن يا ٻين ذريعن تي دٻاءُ وجهندا آهن. اهڙي رويي سان هو اڻڄاڻائي ۾ پنهنجي ٻارن جي مستقبل کي نقصان پهچائيندا آهن، ڇاڪاڻ⁠ تہھ حقيقي ڪاميابي محنت، ايمانداري ۽ قابليت سان حاصل ٿيندي آهي، نھ ڪي نقل ڪرڻ سان.
حقيقت اها آهي تہھ هر ٻار قدرتي صلاحيتن سان مالا مال هوندو آهي. جيڪڏهن کيس مناسب رهنمائي، محنت جو جذبو ۽ سٺو تعليمي ماحول ملي تہھ هو پنهنجي قابليت جي بنياد تي وڏي کان وڏي اداري تائين پهچي سگهي ٿو. نقل ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابي عارضي هوندي آهي، جڏهن تھ محنت سان حاصل ڪيل علم زندگي ڀر ساٿ ڏيندو آهي.
انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ ضروري آهي تہھ
تعليمي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ شفاف بڻايو وڃي.
امتحاني نظام ۾ سخت نگراني کي يقيني بڻايو وڃي.
استادن جي تربيت ۽ احتساب کي بهتر ڪيو وڃي.
والدين ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي تہھ هو ٻارن کي محنت ۽ ايمانداري جي سبق ڏين. جيئن شاگردن ۾ خود اعتمادي ۽ تحقيق جي صلاحيتن کي هٿي ڏني وڃي.
اهڙي طرح ڪاپي ڪلچر يا نقل سنڌ جي تعليم لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. جيڪڏهن اسان واقعي پنهنجي ايندڙ نسل کي مضبوط، باصلاحيت ۽ بااعتماد ڏسڻ چاهيون ٿا تھ  نقل جي ثقافت کي ختم ڪري محنت، ايمانداري ۽ علم جي ثقافت کي فروغ ڏيڻو پوندو. اها ئي راھ سنڌ جي روشن مستقبل ۽ ترقي يافتہا سماج ڏانهن وٺي وڃي ٿي. محنت ڪرڻ سان هر ٻار باصلاحيت ۽ خوداعتماد بڻجي ويندو.

***