اسڪول مان لکين روپين جو سامان چوري
(رپورٽ: محمد اجمل)
ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ باھو چوڪي ويجهو قائم بوائز پرائمري اسڪول مدرسه محمدي هڪ ڀيرو ٻيهر نامعلوم چورن جي نشاني بڻجي ويو، جتي رات جي اونداهي ۾ نامعلوم چور اسڪول ۾ داخل ٿي قيمتي سامان ۽ اهم رڪارڊ چوري ڪري فرار ٿي ويا.
استادن موجب، چور اسڪول مان تدريسي ڪتاب، پنج پکا، ٿڌو پاڻي مهيا ڪندڙ فرج، ڇهه سولر پليٽون، پاڻي وارو نلڪو موٽر ۽ اسڪول جو مڪمل سرڪاري رڪارڊ کڻي ويا، جنهن سبب اسڪول جي تعليمي سرگرمين کي سخت نقصان پهتو آهي.
متاثر استادن جو چوڻ آهي ته گذريل هڪ مهيني دوران هي چوٿون واقعو آهي، جنهن ۾ اسڪول مان بار بار سامان چوري ڪيو ويو، پر حد جي پوليس چورن خلاف ڪا به اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي ۽ نه ئي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا ويا.
استادن الزام هنيو ته واقعي بابت فوري طور سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطو ڪيو ويو، پر باوجود اطلاع ڏيڻ جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. استادن موجب ايس ايڇ او پاران پهرين ته چوري واري واقعي کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ۽ چيو ويو ته ”چور ڀاڳيا پاڻ ۾ گڏ آهن، اسڪول مان ڪا چوري ناهي ٿي.“
پوليس جي مبينا بي ڌياني ۽ مسلسل چورين خلاف احتجاج طور استادن ۽ شاگردن اسڪول کان ٻاهر روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ايس ايڇ او علي نواز سبزوئي احتجاج واري هنڌ پهتو.
استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته جيستائين اسڪول مان چوري ٿيل سامان واپس نه ڪرايو ويندو ۽ واقعي ۾ ملوث چورن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويندو، تيستائين سندن احتجاج جاري رهندو.
هنن وڌيڪ چيو ته سخت گرمي ۽ ڏکين حالتن باوجود هو مجبور ٿي کليل آسمان هيٺ شاگردن کي تعليم ڏيڻ جاري رکندا، پر پنهنجن جائز مطالبن تان پوئتي نه هٽندا.