DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!.................. پڙهو مڪمل............... ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو تازو (شمارو نائون جولاءِ 2026ع)
Skip to Content
سنڌ لاءِ ناسور بڻيل قبيلائي تڪرار!
(رپورٽ:  نور محمد جت)

سنڌ جو لاڙ وارو امن پسند ضلعو سجاول اڄ به هڪ اهڙي دردناڪ حقيقت سان منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ڪيترن ئي گهرن جا ڏيئا وسائي ڇڏيا آهن.
ٻڊو ٽالپر ۾ سالن کان هلندڙ جت برادري جي خوني تڪرار ۽ دشمني ڪيترين ئي انساني جانين کي ڳڙڪائي چڪي آهي. ڪيترائي نوجوان مارجي ويا، ڪيترائي گهر اجڙي ويا، ڪيترائي ٻار يتيم ٿيا ۽ ڪيترين ئي مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين جي اکين مان ڳوڙها اڃا تائين سڪي ناهن سگهيا.
تازو هن تڪرار هڪ ٻي بهادر شخصيت، ربڏنو جت، کان به زندگي کسي ورتي ربڏنو جت صرف هڪ فرد نه هو، پر پنهنجي برادري جو درد رکندڙ، امن جو خواهشمند ۽ انسانيت جو علمبردار هو. سندس ڪوشش ڪندو رهيو ته جت برادري جي پراڻي دشمني ختم ٿئي، ماڻهو گڏ ٿين، فيصلا ٿين ۽ ايندڙ نسلن کي رت ۽ بارود بدران امن محبت ۽ ڀائيچاري جو ماحول ملي. پر افسوس جو امن جو پيغام کڻي هلندڙ اهو نوجوان پاڻ گولين جو نشانو بڻجي ويو.
ربڏنو جت پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ نه، پر انسانيت ۽ ڀائيچاري لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو. اربڏنو جت جي شهادت صرف هڪ فرد جو قتل ناهي، پر اها اسان سڀني لاءِ هڪ سوال آهي. ڇا اسان اڃا به خاموش رهنداسين؟ ڇا اسان اڃا به قبيلائي دشمني، ذاتي انا ۽ پراڻين رنجشن کي نسلن جي تباهي جو سبب بڻجڻ ڏينداسين؟ يا پوءِ هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو سجاول جو هر باشعور، غيرتمند ۽ انسان دوست فرد گڏجي امن، انصاف ۽ ڀائيچاري لاءِ آواز بلند ڪري،  جيڪڏهن اسان اڄ به خاموش رهياسين ته ايندڙ نسلون اسان کي معاف نھ ڪنديون، اسان کي پنھنجي ايندڙ معمار لاءِ ضرور سوچڻ گھرجي . 
سنڌ ۾ ڏھاڙي  قبيلائي  تڪرار جي ور چڙھيل  ڪونڌر نوجوان قتل ٿين ٿا. قبيلائي تڪرار کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي  ڪا خاص  حڪمت عملي جوڙڻي پوندي.
ڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سجاول جو  هر فرد، هر برادري، هر سياسي اڳواڻ ۽ هر سماجي شخصيت گڏجي امن لاءِ اڳتي اچي. ڇاڪاڻ ته خاموشي ڪڏهن به مسئلن جو حل ناهي هوندي، خاموشي ظلم کي طاقت ڏيندي آهي، جڏهن ته سچ ۽ انصاف ئي سماج کي بچائيندا آهن.
اسان سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ٿا ڪريون تھ خدارا سجاول ۾ خونريزي کي روڪڻ لاءِ ڪي تڪڙا قدم کنيا وڃن تھ جئين انساني جانيون محفوظ بڻجي سگھن ۽ عوام سک جو ساھھ کڻي سگھجي.

***