اندازو لڳايو ويو آهي ته، ڪُل ساڍا ست هزار ماڻهو هن مارڪيٽ ۾ هر وقت موجود ئي هوندا آهن، جيڪي يا ته دڪاندار آهن يا اتي نوڪري ڪندڙ ملازم. ڪل ٻارهن سئو دڪان آهن، جن مان هر دڪان تي فقط هڪ گراهڪ سمجهون ته به ٻارهن سئو ماڻهو ٿين ٿا. شهر ۾ شادين جي سيزن آهي ۽ شاديءَ جو هر سامان هن مارڪيٽ ۾ هڪ ئي وقت موجود هوندو آهي. ڪراچيءَ جي مڊل ڪلاس جي هيءَ پسنديده مارڪيٽ آهي ۽ شاديءَ جو سامان وٺڻ لاءِ مرد ته، هڪڙو فقط پئسا ڏيڻ لاءِ گڏ هوندو آهي باقي عورتون ۽ ٻار هوندا آهن، هڪ شاديءَ جو سامان وٺڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار عورتون ۽ اوترا ئي ٻار گڏ هوندا آهن. باھھ ڇنڇر واري ڏينهن ۽ سنڌي حساب سان آچر واري رات لڳي، مطلب هن رات وڌيڪ رش هوندي. هن مارڪيٽ جي وينٽيليشن لاءِ رکيل سڀ ڳڙک واپاري صاحبان بند ڪرائي اتي مال سٿي ڇڏيو هئائون ۽ اچ وڃ وارن دروازن جي مھڙ وٽ به ايترو مال سٿيل هوندو آهي، جو ٻه ماڻهو گڏ داخل ڪونه ٿي سگهندا آهن، هڪ ٻئي پويان ئي هلڻو پوندو آهي ۽ مٿي نھاربو ته بجلي جي ڪچين تارن جو هڪ جهنگ هوندو آهي. هوادان بند ٿيڻ کان پوءِ اندر هڪڙي ورن وڪڙن واري گذر هوندي آهي ۽ جن جي هڪ کان ٻئي سيڪشن جي وچان ڪي گس آهن، ته به انهن جي واپارين کي ته خبر هوندي پر گرهاڪن کي ڪانه هوندي آهي. جيئن ئي باھ لڳي ته دڪاندارن ڪجهه سامان ڪڍڻ واري ڪئي پر باھھ وڌندي وئي ته دڪاندارن مال جي پچر ڇڏي ۽ وڏي تعداد ۾ پاڻ ته نڪري آيا، پر دروازي تي رکيل مال کي به باھھ لڳي ته گرهاڪ ڪٿان نڪري نه سگهيا. ڪجهه دڪاندار ۽ ملازم به انهن ۾ شامل آهن، جيڪو گم ٿيلن جو تعداد ٻڌايو پيو وڃي سو فقط دڪاندارن ۽ مزدورن جو آهي، ظاهر آهي گرهاڪن جي کين به خبر ڪانه هوندي آهي. ٻاهر جيڪي جائز ناجائز پارڪنگ وارا هوندا آهن تن مان هڪ چاٻي ڏيکاريندي چيو؛ ڪار ۾ زال مڙس آيا ساڻن ٻه ٻار هئا، چيائون ڪلاڪ کن ۾ موٽي ٿا اچون، تون گاڏي لڳائي. . پارڪنگ واري چيو؛ ڪلاڪ جو چئي ويل اڃا نه موٽيا آهن.
هن مارڪيٽ ۾ اڪثر رڪشن تي سفر ڪندڙ مڊل ڪلاس جا ماڻهو ايندا آهن، ڪارن وارا نه، باقي موٽر سائيڪل وارا جام، جيڪي هن مھل ڪنھن ڳڻپ ۾ ڪونه آهن. ڪراچيءَ جي سوڙهن فليٽن ۾ رهندڙن جون دليون به ايتريون تنگ ٿي ويون آهن، جو عزيز قريب مٽ مائٽ يا ڀائر به هڪٻئي سان رابطو گهٽ رکن. گم ٿيلن جو اصل انگ ته ٻن هفتن کان پوءِ به شايد ئي ملي سگهي. هڪ عورت چيو؛ منهنجو هڪڙو ڀاءُ آهي ۽ دين دنيا ۾ هڪڙو ئي پٽ آهي، خريداري ڪرڻ آيا هئا. هاڻ ڪنھن معجزي جي منتظر آهيان، توهان دعا ڪريو. هن عورت جون ڳالهيون هانو ڏاريندڙ هيون. هڪ ماڻهو گهر ميسيج موڪليو؛ چوطرف باھ آهي، منهنجو نڪرڻ ممڪن ناهي، مونکي چيو چايو معاف ڪري ڇڏجو. هڪ نوجوان جي ماءُ پئي چيو؛. منهنجي مڙس جي وفات کانپوءِ اڄ ئي منهنجو پٽ هتي نوڪريءَ تي لڳو هو ته جيئن گهر جو چلهو ٻري، پر هو ته پاڻ ٻري ويو. هڪ نوجوان فليٽ جي گيلريءَ ۾ مدد جي آسري ۾ بيٺو هو، هٿ ۾ موبائل هئس، لڳل جاليءَ (گرل) کي جيئن جهلي بيٺو ته ايئن بيٺل حالت ۾ ئي ڪوئلو ٿي ويو ۽ موبائل به ايئن ئي ڪوئلو ٿي هٿ ۾ ئي رهي.
باھھ جو اطلاع ملڻ کانپوءِ فائر برگيڊ جي گاڏي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ پهتي، انهيءَ جو سبب ته گاڏي خالي هئي، اطلاع ملڻ کانپوءِ پاڻي ڀرڻ وئي. دير جو ٻيو سبب اهو به آهي ته بندر روڊ جيڪو سدائين جام هوندو آهي، سو باھھ لڳڻ کانپوءِ دڪاندارن، ميڊيا جي گاڏين جي ڪري صفا بلاڪ ٿي ويو هو . جيڪو مدد گار عملو آيو تن وٽ ڪو اڪيوپمنٽ ڪونه هو، اوزار ۽ وسيلا ته ٺهيو، چار ماڙ بلڊنگ جنھن ۾ پنجاھ کن فليٽ هئا، تن جي سڙندڙ رهواسين جي گيلري تائين پهچڻ لاءِ ڏاڪڻ به ڪانه هئي، اهو شھر جيڪو سڄي ملڪ کي ٿو کارائي، تن جي رهواسين سان ظالماڻو ورتاءُ ته ڏسو ۽ حاڪمن جي شادين ۾ هڪڙي ڳائڻي کي ڇھھ ڪروڙ ملن ۽ اهڙا اڌ ڊزن ڳائڻا....
ياد اٿم لياريءَ جي موسا لين ۾ بسم الله بلڊنگ نالي هڪ عمارت ڊهي پئي، ماڻهو دٻجي ويا، ڀٽو صاحب وزير اعظم هو، اسلام آباد کان انهيءَ ڏينهن حادثي واري جاءِ پھتو ھو ۽ وارثن کي ڀاڪر ۾ ڀري اشڪبار اکين سان کين دلاسا ڏيندو رهيو. پر اهو ڀٽو هو، هي حڪمران شريف آهن، وزير اعظم ته ٺھيو، پر هن واقعي واري جاءِ جي ڏيڊ ٻن ڪلوميٽرن تي موجود ميئر ڪراچي، جنھن جي اولين ذميواري آهي، سو صاحب به چوويھھ ڪلاڪن کان پوءِ پهتو ۽ وزير اعلي صاحب ۽ هڪڙو خاصخيلي وزير صاحب به ايتري ئي وقت کان پوءِ آيا ۽ ڀاشن ڏئي، انهيءَ مھل ئي روانا ٿيا.
اهي ته هئا حڪمران، پر ڪنهن سياسي پارٽي ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، اي اين پي، پي ٽي آئي جي سنڌ سطح وارا ڪراچيءَ جا گهڻگهرا به ڪونه پھتا. سنڌي پارٽيون ته ڪراچي ڪراچي ڪنديون آهن، پر دلي طور تي ته ڪراچيءَ کي پنهنجو سمجهن ئي ڪونه، سمجهن ها ته سندن پارٽين جا مرڪزي دفتر ڪراچيءَ ۾ نه هجن ها! باقي کين ڪراچيءَ جي پلاٽن سان بيشڪ پيار آهي. تنھن کان ڪھڙو ڪافر انڪار ڪندو؟
ڪھڙا سور پٽجن، هن واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ جيڪو ايڪن ڏهاڪن ۾ پيو ٻڌايو وڃي سو سوَن هزارن ۾ آهي.
ڪراچي سوڳوار آهي. ننڊ وھھ ٿي وئي آهي، اکيون پورڻ سان باھ جا الا ٿا نظر اچن ۽ انهيءَ آڳ ۾ سڙندڙ ٻار... اللہ اڪبر.
ڀلا هاڻ ته حڪومت مھرباني ڪري، اسان جي پيءَ تي احسان ڪري، ڪراچيءَ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ڳُتيل مارڪيٽون آهن، انهن جي انسپيڪشن ڪري ته وينٽيليشن ڇو بند آهن، دروازن تي دڪاندارن مال ڇو سٿيو آهي. هتي ته دڪاندارن مان ڪجهه جي غلطين جي سزا کين ملي، سندن کربن روپين جو نقصان به ٿيو، خبر ناهي ڪيترو وقت بي روزگار به رهندا! ڇا حڪمرانن کي ننڊ ۾، هي سڙندڙ ٻار ڏسڻ ۾ ايندا؟ ڇا سندن ڪنن ۾ سندن ريهون ڪيڪون ۽ مائرن جون رڙيون؛ "خدا جي واسطي ڀلا اسان جي ٻارن کي ئي بچايو" واريون صدائون کين ننڊ مان ڇرڪ ڀرائي جاڳائي سگهنديون؟؟!!