موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content

آيت اللھ علي خامناءِ جي شھادت، شھادت جو شوق يا سيڪيورٽي جي خامي؟؟
حبيب جتوئي
سي آءِ اي جو اڳوڻو آفيسر مشھور ماھر ۽ وي لاڳر ”اسڪاٽ رٽر“ چوي ٿو:”مون کي لڳي ٿو تھ، علي خامناءِ کي سچ پچ ۾ شھيد ٿيڻ جو شوق ھو، نھ تھ ٻي ڪا بھ صورت نھ ھئي، جو  ھو آمريڪا ۽ اسرائيل جھڙي ڪوڙي ۽ مڪار دشمن جي ڳالھين جي دولاب ۾ اچي پنھنجي سرڪاري رھائشي ڪمپائونڊ ۾ پنھنجي سڄي فوجي ڪمانڊ کي گھرائي، پاڻ سان گڏ مارائڻ جو خطرو کڻي ھا.“
آئون جڏھن سي آءِ اي جي اڳوڻي ڪارندي جا ھي لفظ ٻڌان ٿو تھ، مونکي منير نيازي جو ھي سٽون ياد ٿيون اچن:
”ڪچھھ شھر دي لوڪ ڀي ظالم سڻ،
تي ڪجھھ سانو مرڻ دا شوق وي سي.!!“
”اسڪاٽ رٽر“ جائزي طور تي چوي ٿو:”خامناءِ جي پنھنجي رھائشي ڪمپائونڊ ۾ ھاءِ ليول سيڪيورٽي ميٽنگ ڪندي مارجي وڃڻ موساد، سي آءِ اي ۽ ايم آءِ  جو ڪو بھ ڪمال ڪونھي، انھن جو ڪمال تڏھن چئجي ھا، جو اھي خامناءِ ۽ ان جي ٽاپ ڪمانڊرکي ايران جي جبلن ۾ ڪنھن ڳجھي اطلاع تي قتل ڪن ھا....“
خامناءِ جي شھيد ٿيڻ واري ڏينھن ھن جي ھڪ وڊيو دنيا ۾ وائرل ھئي، ھن جي ھڪ خطاب دوران  ھڪ ايراني ٻار ھن وٽ اچي ٿو، ھن جا ھٿ چمي ٿو ۽ چوي ٿو:”آقا! مونکي دعا ڪيو تھ، آئون شھيد ٿيان.“
”تون شھيد ٿيندين؟؟“ خامناءِ کائنس تعجب ۽ تجسس مان پڇي ٿو.
”جي آقا!!“ ٻار جي چھري تي معصوميت ۽ ايثار جا تاثر چٽا نظر اچن ٿا.
”نھ“ ھن جي چھري تي ٻاجھھ محبت ۽ شفقت جون لڪيرون اڀري اچن ٿيون.
”پھرين تون وڏو ٿي وڃ، جلدي وڏو ٿي وڃ. گھڻو علم حاصل ڪر، وطن ۽ دين جي خوب خدمت ڪر. اسي نوي سال زندھ رھھ ۽ ان کان پوءِ شھيد ٿي وڃجانءَ، ٺيڪ آھي.“ ھن عظيم ٻار جي اکين ۾ گھوري کيس عظمت جو عظيم درس ڏنو.
”ٺيڪ آھي.“ ٻار پنھنجي آقا جي حڪم تي لبيڪ ڪيو تھ، آقا ھن جي پيشانيءَ تي چمي ڏني ۽ ڀاڪر پاتو.
مون ڪيئي دفعا اھا وڊيو غور سان ڏٺي، خامناءِ جيڪي ڪجھھ زندگيءَ ڀر پاڻ ڪيو ۽ ڇھاسي سالن جي عمر ۾ شھادت حاصل ڪئي، اھو ئي درس ھن پنھنجي ايندڙ نسلن کي ڏنو.

آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي کانپوءِ......!!
روسي صدر ولاديمير پيوٽن پاران ايران تي ڪيل حملي تي پھريون ۽ فطري (spontaneously) ڪيل تبصري ۾ چيو:”
America stepped in shit. ترجمو: ”آمريڪا پنھنجي منھن ۾ ڌوڙ پاتي آھي.“
دنيا جي اڪثر غيرجانبدار سياسي عسڪري ماھرن جو چوڻ آھي تھ، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو ۽ صيھوني لابي ۽ رياست  Zionists   جي ايجنڊآ آھي تھ دجلھ ندي کان وٺي، فرات نديءَ تائين جو سڄو علائقو بائبيل مطابق صيھونين جو آھي، انڪري ان ايجنڊا تي عمل ڪندي ان جي راھھ ۾ رڪاوٽ سمجھياويندڙ سڀئي اسلامي ملڪ يا تھ ٽوڙي گھرو ويڙھين جي نذر ڪري بنھھ ئي ڪمزور ڪيا ويا آھن، يا انھن ملڪن جي بادشاھن حڪمرانن کي ڊيڄاري ڌمڪائي يا لالچائي انھن جي مزاحمت کي صفر بڻايو ويو آھي، ان راھھ جي باقي بچيل سڀ کان وڏي رڪاوٽ ايران آھي ۽ انکي ختم ڪرڻ لازم آھي، انڪري ايران تي گذريل سال جون ۾ بھ حملا ڪيا ويا ھيا، پر اسرائيلي/ آمريڪا نقطھ نگاھ سان اھا جنگ اڌوري رھجي وئي ھئي، جنھن کي ھاڻي پورو ڪرڻ لاءِ 28_فيبروري تي ان وقت اوچتو حملو ڪيو ويو، جڏھن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اومان جي ٽياڪڙي ۾ ڳالھيون ھلندڙ ھيون.
صدر ٽرمپ، نيتن ياھو جو دُم_ڇلو ڇو بڻيل آھي؟؟!!
آمريڪا اڄ جي دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي ۽ سياسي طاقت آھي، پر ان جي باوجود اھو اسرائيل جو ھميشھ پڇ لٽڪايو ڇو پئي رھيو آھي ۽ خاص طور تي صدر ٽرمپ تھ جھڙوڪ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جي کيسي ۾ پيو ھجي؟!!
آمريڪا ۾ موجود ڪجھھ ٿورڙائي، اھڙا غيرجانبدار ۽ حق گو سياسي ۽ عسڪري تجزئي نگار وڃي بچيا آھن، جن کي سخت تشويش آھي تھ انھن جي عظيم ملڪ جي پرڏيھي پاليسي اسرائيل جي ھٿ ۾ ھلي وئي آھي، انھن جي چوڻ مطابق، ايران سان جنگ ڪرڻ ۾ آمريڪا جو ڪو بھ مفاد نھ آھي، بلڪھ آمريڪا ايران تي حملو ڪري آمريڪي مفادن کي سخت ڇيھو رسايو آھي.انھن جو چوڻ آھي تھ ھر آمريڪي صدر ۽ آمريڪي انتظاميھ آمريڪا ۾ موجود يھودي لابي جي چونڊ مھمن ۾ اربين ڊالرن جي فنڊ (رشوت) ۽ ملڪ جي معاشي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڍانچي تي يھودين جي قبضي سبب اسرائيلي مفادن جي تابع پئي رھي آھي، پر انھن جي چوڻ مطابق ھاڻوڪو صدر ٽرمپ شايد ڪجھھ وڌيڪ ئي نيتن ياھو ۽ اسرائيلي اختيارين جي ھٿان بليڪ ميل ٿيندو نظر اچي پيو. انھن جو واضح اشارو Epstein File   طرف آھي. سندس چوڻ مطابق، صدر ٽرمپ جي متعلق Epstein file ۾ ڪجھھ اھڙو ضرور آھي، جيڪو ھن کي نيتن ياھوءَ جي ھر فرمائش پوري ڪرڻ تي مجبور ڪري رھيو آھي ۽ اھي تجزئي ڪار نيتن ياھوءَ پاران ھر قيمت تي ھاڻي ئي ايران تي حملي ڪرڻ لاءِ باضد ھجڻ تي پڻ ساڳيو تبصرو ڪري رھيا آھن تھ، شايد ٻيھر ڪو اھڙو آمريڪي صدر يھودي لابي کي نھ ملي، جيڪو ھنن جي ھٿان ان حد تائين بليڪ ميل ٿيڻ لاءِ تيار ھجي.

اڄ جنگ جو پنجون ڏينھن آھي!!
اڄ جنگ جو پنجون ڏينھن آھي ۽ جيڪڏھن ھن وقت تائين جي جنگ جو غيرجانبداراڻو مختصر تجزيو پيش ڪجي تھ ڪجھھ ھن ريت تصوير جُڙي ٿي.
1. اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي ايران جي روحاني پيشوا آيت اللھ خامناءِ سميت ان جي اعليٰ فوجي قيادت کي مارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ سمجھيو پئي تھ ايران قيادت جي فقدان سبب گوڏا ٽيڪي ڇڏيندو، ھٿيار ڦٽا ڪري، سرينڊر ڪندو يا ڪنٽرول اينڊڪمانڊ نھ ھئڻ سبب فيصلا سازي ۾ افراتفريءَ جو شڪار ٿي ويندو ۽ موساد ۽ سي آءِ اي پنھنجي ايجنٽن جي ذريعي تھران ۽ ٻين شھرن ۾ وڳوڙ ڪري ويڙھھ واري صورتحال پيدا ڪندا ۽ ان کانپوءِ ايئرڪرافٽ ڪيرير ابراھيم لنڪن ۽ جيرالڊ فورڊ مان ميزائيلن جي برسات وسائي ٿورڙن ڏينھن جي جنگ ۾، ايران جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويندا ۽ ھڪڙي پاسي کان ڪرد، ٻئي پاسي کان بلوچ ۽ ٽئين پاسي کان سي آءِ اي، موساد ۽ ايم آءِ 6 جي مدد سان مختلف  علائقن تي قابض ٿي ويندا ۽ صدر ٽرمپ وڏي طرم طراق سان بوزڪيءَ جا پٽڪا پائي ايراني صدر پيشگيان کي پڻ زنجيرن ۾ قيد ڪري ابراھيم لنڪن جي ڊيڪ جي مٿئين حصي تي لٽڪائي ابراھيم لنڪن تي سڄي دنيا جي ميڊيا کي گھرائي پنھنجي عظيم فاتح ھئڻ جو بلڪل ساڳي طرح، اعلان ڪندو جئين ھن وينزويلا جي شريف صدر ۽ عزت واري ھن جي زال کي اغوا ڪرائي زنجيرن ۾ جڪڙي دنيا آڏو عبرت جو نشان ڪري پيش ڪيو ھو!  پر شايد صدر ٽرمپ ۽ نيتن ياھو جي سڀني خواھشن ۽ حڪمت عملين جي باوجود ايران ۾ شايد وينزويلا وارو ايڪشن ري پلي ٿيڻ ڪونھ پيو وڃي.
ان حوالي سان ھن وقت تائين جي، جنگ مان پاڻ ھي نتيجا اخذ ڪري سگھون ٿا:
(الف). علي خامناءِ جي شھادت خاص طور تي ايراني قوم کي تفڪري ۾ وجھڻ جي ابتڙ متحد ڪرڻ جو عظيم ڪم ڪري وئي آھي، انڪري ايران جي روڊن رستن تي ھڪ ئي مھل لکين ماڻھن جو ايراني حڪومت جي حمايت ۾ نڪري اچڻ ۽ پنھنجي عظيم روحاني پيشوا ۽ ٻين اڳواڻن جو انتقام وٺڻ جي عزم جو ڀرپور ۽ مڪمل اظھار ڪرڻ وارن عظيم ميڙاڪن کي ڏسي ايراني حڪومت جي مخالفن جي چيلھھ چٻي ڪري ورتي آھي، ۽ Color revolution واري خواھش پوري ٿيندي نظر نھ پئي اچي.
(ب). خامناءِ سان گڏ گھٽ ۾ گھٽ 48  فوجي اڳواڻن جن ۾ وزير دفاع، آرمي چيف ۽ پاسدارن انقلاب (IRGC) جي ڪمانڊرن چيف جا نالا ورتا وڃن ٿا، تن کي اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان پنھنجي Decapitation مھم وسيلي قتل ڪرڻ کانپوءِ لازمي طور تي ائين سمجھيو پئي ويو تھ، فوجي قيادت جي ھڪ ئي ڌڪ سان قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪنٽرول اينڊ ڪمانڊ سٽم، ختم ٿي ويندو تھ ايران آمريڪا ۽ اسرائيل کي جواب ڏيڻ جي اھليت ۽ طاقت وڃائي ويھندو، پر گذريل پنجن ڏينھن ۾ ايران پاران اسرائيل ۽ آمريڪا جي فوجي بيسز سان گڏ آمريڪا کي فوجي اڏا فراھم ڪندڙ خليج جي عرب رياستن جي شھرن ۽ تيل ۽ گئس جي ذخيرن کي جنھن غيض و غضب ۽ ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو آھي، تنھن مان تھ صاف نظر اچي پيو تھ ايران جي صلاحيت، فوجي طاقت ۽ ڪنٽرول اينڊ ڪمانڊ سسٽم بخوبي ڪم ڪري پيو.
ايراني فوجي اسٽبلشمينٽ سان ويجھڙائي رکندڙ تبصرينگارن جو چوڻ آھي تھ، ايراني سياسي ۽ عسڪري قيادت آمريڪا ۽ اسرائيل جي Decapitation حڪمت عملي جو ٽوڙ ڪڍندي، سڄي ملڪ جي 33 صوبن جي پاسدارن انقلاب جي صوبائي ڪمانڊرن کي مڪمل اختيار ۽ وسيلا ڏئي ڇڏڻ سان گڏ ھر ڪنھن کي ھٿيار پاور ۽ ميزائيل، ڊرون وغيرھ ورھائي ڇڏيا ھيا تھ جئين ڪنٽرول اينڊ ڪمانڊ سٽم نھ رھڻ جي صورت ۾، اھي دشمن سان بغير متاثر ٿيڻ جي جنگ جاري رکي سگھن ۽ پنجن ڏينھن جي ايراني جوابي حملن ايراني سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ان ڏاھپ واري فيصلي کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو.
2. ان جنگ جو ٻيو صاف نتيجو اھو ڏسڻ ۾ اچي پيو، جنھن جو ظاھر آھي تھ چٽو امڪان بھ ھو تھ اسرائيلي ۽ آمريڪي جديد فائر پاور ايران جي شھرن، سول توڙي فوجي اسٽيڪچر ۽ خاص طور ايراني شھرين جي زندگي کي سخت نقصان رسائيندو. چيو وڃي ٿو تھ گذريل رات اسرائيل ۽ آمريڪا ايران جي لڳ ڀڳ پنجاھھ ننڍن وڏن شھرن تي حملا ڪري، سوين شھري ماري ڇڏيا آھن. آمريڪي ۽ اسرائيلي دعوائن موجب، ھن وقت تائين  وڌيڪ ايراني عام شھري مارجي چڪا آھن، ٻي پاسي ايران لڳاتار ناقابل يقين حد تائين اسرائيل جي فوجي تصيبات ۽ شھرن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بنائي رھيو آھي، اسرائيل جي گاديءَ جو ھنڌ تل ابيب ۽ ان جو معاشي مرڪز ۽ بندر گاھن سميت ڪو بھ اھڙو شھر ناھي، جنھن تي مسلسل ايراني ميزائيل ڪرندا نھ ھجن. ايراني شھري ۽ اسرائيلي شھري جنھن عذاب مان گذري رھيا آھن، ان جي نفسياتي پھلوئن جي باري ۾ آمريڪي سي آءِ اي جو اڳوڻو عملدار مشھور وي لاگر ”اسڪاٽ رٽر“ ڏاڍو خوبصورت تبصرو ڪري ٿو، ھو چوي ٿو تھ:”ايرانين جي درد، تڪليف کي برداشت ڪرڻ جي سگھھ گھري ۽ پراڻي آھي، جڏھن تھ اسرائيلي شھرين کي ڪڏھن مڇر بھ چڪ ناھي پاتو، اسرائيلين لاءِ ايڏو اٿاھ، درد برداشت ڪرڻ تاريخ جو نرالو واقعو آھي.“
ٻي پاسي ايراني فوج طرفان وڇ اوڀر ۾ آمريڪا جي موجود 27 فوجي اڏن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻائڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ريجن ۾ موجود آمريڪي سفارتخانن کي چئليج ڪري ميزائيلن سان چٿڻ، آمريڪا کي فوجي اڏن مان پنھنجون فوجون ڪڍڻ ۽ سفارتخانا بند ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو آھي. ٽئين پاسي پاسدارن انقلاب پاران ايئرڪرافٽ ڪيرير ابراھيم لنڪن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪرڻ ۽ آمريڪا طرفان فوري طور ترديد ڪرڻ تھ سمجھھ ۾ اچي ٿو، پر ابراھيم لنڪن کي پھريان ايراني سامونڊي حدن مان عدن ڪاھي وڃڻ ۽ ھاڻي تازو خبرون پون پيون تھ ابراھيم لنڪن کي ايراني ميزائيل حملن کان بچائڻ لاءِ ۽ خوف جي عالم ۾ آمريڪا بھادر عربي سمنڊ ۾ ڀڄائي ورتو آھي، جيڪڏھن انھن تازين خبرن ۾ ٿورڙي بھ صداقت موجود آھي تھ، پوءِ لڳي ٿو تھ عظيم آمريڪي طاقت جو تڪبر ۽ غرور جلد خليج فارس جي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ وڃي پيو، ۽ ان ڪاميابيءَ جو سھرو ظاھر آھي، عظيم آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڪلھن تي ڀائبو.
.جنگ جي پنجين ڏينھن تائين انتھائي اسٽريٽجڪ اھميت جي حامل Strait of Hormuz   کي ايراني نيوي ذري گھٽ چوڪ ڪري رکيو آھي، تيل کڻي ايندڙ ڪيترن ئي بحري جھازن کي ايراني نيوي نشانو بڻايو آھي ۽ دنيا 20 سيڪڙو کان 30 سيڪڙو تائين حاصل ڪندڙ تيل کان محروم بڻيل آھي. عالمي مارڪيٽ ۾ 70 ڊالر في بئرل ڊالر 80 ڊالر تي ھاڻي ئي پھچي چڪو آھي، پاڪستان وٽ وڌ ۾ وڌ ھڪ ھفتي جو ۽ انڊيا وٽ وڌ ۾ وڌ ويھن ڏينھن جو تيل اسٽاڪ ھوندو آھي، جڏھن تھ گئس جي سپلاءِ جاري نھ رھڻ، سڀ ھاڻي ئي اسٽاڪ مارڪيٽن ڪريش ڪرڻ شروع ڪيو آھي، جڏھن تھ جيڪڏھن جنگ ھفتن بلڪھ مھينن تائين جاري رھي تھ عالمي معشيت تباھھ ٿي ويندي ۽ ان جو نقصان گھڻي کان گھڻو آمريڪا کي ئي پوندو ۽ ايراني پنھنجو اھو قول ثابت ڪري ويندا تھ:”ھم تو ڊوبي ھين صنم، تم ڪو بھي لي ڪر ڊوبينگي.“
چوٿين پاسي سڀ کان وڌيڪ خراب صورتحال وچ اوڀر جي آمريڪي اتحادي عرب ملڪن جي آھي. ايران نھ صرف وچ اوڀر جي انھن عرب ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي غيض و غضٻ جو نشانو بڻائي رھيو آھي، پر ان سان گڏوگڏ يو اي اي، بحرين، قطر، ڪويت، عمان، سعودي عرب وغيرھ جي تيل، گئس جي ذخيرن کي ميزائيل ٺوڪي رھيو آھي، پر انھن جي شھرن، ايئرپورٽن، تي موجود آمرڪي سفارتخانن ۽ انھن جي شھرن کي بغير ڪنھن روڪ ٽوڪ جي نشانو بڻائي رھيو آھي ۽ عرب ملڪ جيڪي پنھنجي دفاع جو پورو تڪيو  آمريڪا بھادر تي لڳايو ويٺا ھيا، اھو پنھنجو پٽڪو  بچائي نھ پيو سگھي تھ يارن جي سنڀار ڪٿان لھي!! سوني تي سھاڳو  آمريڪا بھادر طرفان عرب ملڪن جي دفاع لاءِ لڳايل patriot system اسرائيل جي دفاع لاءِ عرب ملڪن مان اسرائيل منتقل ڪرڻ واري فيصلي عرب بادشاھن جي ھٿن جا طوطا ڇڏائي ڇڏيا آھن. اسرائيل اھو طوطو آھي، جنھن ۾ آمريڪا جو ساھھ آھي، انڪري تازيون خبرون اھي آھن تھ آمريڪا بھادر ڏکڻ ڪوريا مان پڻ Patriot ۽THAD  دفاعي سٽم اسرائيل تيزيءَ سان منتقل ڪري رھيو آھي،  ڇاڪاڻ تھ ايراني ميزائيل اسرائيلي فوجي معاشي ٺڪاڻن ۽ شھرن تي بنان روڪ ٽوڪ جي وسي رھيا آھن.

جنگ ڪيترو وقت جاري رھندي؟؟!!
ايران، اسرائيل. آمريڪا جنگ ڪنھن جي فائدي ۾ ناھي ۽ ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي بلڪ آمريڪا کي چتاءُ ڏنو آھي تھ:”ھن جنگ جو ڪوبھ فاتح نھ ھوندو.“ پنجين ڏينھن جي ھن وقت تائين جي جنگ مان ظاھر ٿئي ٿو تھ، اسرائيل آمريڪا پنھنجي جنگ مقصدن مان ڪو ھڪ بھ مقصد حاصل نھ ڪري سگھيا آھن ۽ انھن جو سڀ کان وڏو مقصد Regime change    وارو  خوا ب پورو ٿيڻ ڪونھ پيو وڃي ۽ جئين جئين جنگ ڊگھي ٿيندي ويندي تھ آمريڪي توڙي ٻيا عسڪري ماھر ۽ خود آمريڪي فوج جي جوائيٽ چيف آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڪين جي ھڪ ليڪ ڪيل ڊاڪيومينٽ مان ظاھر آھي تھ، ھن آمريڪي صدر ٽرمپ کي چتاءُ ڏنو تھ جنگ جي ڊگھي ٿيڻ جي صورت آمريڪي اسٽاڪ پائيلز اڳ ۾ ئي يوڪرين جنگ ۽ اسرائيل کي ڏيڻ سبب گھٽ آھن، انڪري جنگ ڊگھي ٿي وئي تھ ميزائيل ۽ اميونيشن وغيرھ جي سپلاءِ جاري رکڻ ڏکيو ٿي ويندو. عسڪري ماھرن مطابق، آمريڪا وٽ ھڪ سئو پيٽرياٽ  ميزائيل ساليانو ٺاھڻ جي صلاحيت موجود آھي ۽ ھڪ ايراني ميزائيل کي روڪڻ لاءِ ٻھ پيٽرياٽ ميزائيل کپن، انڪري آمريڪا کي وچ اوڀر ۾ پنھنجي فوجي اڏن توڙي، ابراھيم لنڪن ۽ جيرالڊ فورڊ کي بچائڻ سان گڏ اسرائيل کي ايران جي گھٽ ۾ گھٽ 5000 ميزائيلن ۽ ھزارين سستن ڊرونن کان بچائڻ لاءِ ھزارين ميزائيل کپن، جيڪي مھيا ڪرڻ آمريڪا جي وس کان ٻاھر آھي.
آمريڪا ۽ اسرائيل شروع شروع 92 ڪلاڪن جي فضائي حملن جي پلاننگ ڪئي ھئي، انھن 92 ڪلاڪن ۾ ايران کان گوڏا کوڙائڻ ٿي چاھيا، ٽرمپ پوءِ ھڪ ٻن ھفتن جي ڳالھھ ڪئي، ھاڻي گھٽ ۾ گھٽ اٺن ھفتن جي جنگ ٿيڻ بابت آمريڪي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش پيو ڪري، ٻئي پاسي ايران گذريل 47 سالن کان آمريڪا سان سڌي جنگ ٿيڻ ۽ ان کي منھن ڏيڻ جي تياري ڪري رھيو ھو، انڪري ان زير زمين پنھنجا فوجي ڪارخانا بلڪھ زير زمين شھر جوڙيا آھن، غزا ۾ حماس کي انڊر گرائونڊ ۽ فوجي ٺڪاڻا ٺاھي، اسرائيلين سان وڙھڻ جي تربيت ايرانين ڏني آھي.
آمريڪا ۽ اسرائيل کي جنگ ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آھي، انڪري ئي آمريڪا ڳجھن رابطن ذريعي ٽي دفعا ايران کي جنگ جي پيشڪش ڪري چڪو آھي، اڄ تھ اسرائيلي وزيراعظم جنگ بنديءَ جي آڇ ڪندي ايران کي چيو آھي تھ:”اسرائيل وڌيڪ وڙھڻ نٿو چاھي.“ ٻي پاسي ايراني فوجي توڙي سولين اسٽبلشمينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ مضبوط ڪردار علي لاريجاني واضح طور  ھڪ کان وڌيڪ دفعا سرڪاري ايراني ٽي وي  تي چئي چڪو آھي تھ:”ايران پنھنجي ڇھھ ھزار سالن جي تھذيب، تمدن جي بقا جي جنگ وڙھندو ، توڙ تائين وڙھندو، انڪري ڪا بھ جنگبندي نھ ٿيندي، ڇاڪاڻ تھ آمريڪي صدر ٽرمپ اسان سان ھر دفعي ڳالھين جو بھانو ڪري حملا ڪندو رھيو آھي....“

آمريڪي ۽ اسرائيلي جلدي جنگبندي ڪرڻ چاھين ٿا، جڏھن تھ ايراني ڊگھي جنگ ڪرڻ چاھين ٿا، ڇاڪاڻ تھ ڊگھي جنگ ۾ اھي اسرائيل جي جنگ جو پراڻو شوق پورو ڪرڻ جو ھي قيمتي موقعو ڏسن ٿا. ڏسجي تھ ڇا پيو ٿئي، ڇاڪاڻ تھ جنگ ڪنھن وقت ڪھڙو پاسو مٽائيندي، ان جي باري ۾ ڪجھھ چئي نھ ٿو سگھجي، سو ڏسي رھجي تھ ڇا ٿو ٿئي؟؟!