ان ڳالھھ ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ جي دنيا تمام تيزي سان ترقي ڪري رهي آھي ۽ پوري دنيا اڄ جي دؤر ۾ هڪ گلوبل وليج بڻجي هڪ مٺ ۾ اچي گڏ ٿي آهي. پوري دنيا جي ترقي جو دارومدار جديد ٽيڪنالاجي يعني ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ مصنوعي ذهانت يعني اي آءِ توڙي سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي رهيو آھي، جنھن پوري دنيا جي ماڻهن کي ھڪ ٻئي جي ويجهو آڻي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. اڄ ڪنھن به شئِ جو ناممڪن ٿيڻ جو تاثر پوري طرح ختم ٿي چڪو آهي. اڄ هي پوري دنيا انساني فنگر ٽپس تي نچي رهي آھي، دنيا جنھن تيزئَ سان ترقيءَ طرف گامزن آھي ته وري اتي مصنوعي ذهانت اي آءِ ويتر ان ترقي کي اڃا سرس ھٿي ڏياري ڇڏي آھي.
ڏٺو وڃي ته دنيا جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ پاڪستان جا به ڪيترائي نوجوان ان ڊجيٽل وايومنڊل طرف راغب ٿي رهيا آھن ۽ پاڪستان جي آبادي جو گهڻو ڀاڱو خاص طور تي اسان جو نوجوان طبقو به دنيا جي ڀيٽ ۾ پوري تيزي سان ڊجيٽل سسٽم يعني جديد ٽيڪنالاجي جي طرف گامزن ٿي رهيو آھي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت اي آءِ جنھن جي سکيا ملڪ جي هر ننڍي وڏي اداري ۾ ڏني پئي وڃي ۽ نوجوان طبقو ان مان بخوبي لاڀ حاصل ڪري رهيو آھي. جتي پھريان ميڊيڪل سائنس ۽ انجنيئرنگ جهڙن شعبن ڏانھن نوجوانن يا والدين جو تمام گهڻو لاڙو رهندو هو ته اڄ وري انھن جي ڀيٽ ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان منسلڪ مختلف شعبن ڏانھن تمام گهڻو لاڙو وڌي رهيو آھي ۽ اهو ئي ڪارڻ آھي جو اسان اڄ دنيا جي ٻين خطن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آھيون.
جديد ٽيڪنالاجي طرف نه رڳو اسان جو پڙھيو لکيو نوجوان متوجھھ ٿي رهيو آھي، پر اڪثريت تمام گهٽ پڙھيل لکيل بلڪه بلڪل اڻ پڙھيل نوجوان به ان طرف متوجھھ ٿي رهيو آھي، جنھن جو ڪارڻ موبائل فونز آھن، جنھن ۾ تجربي جي بنياد تي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ذريعي نوجوانن جو شوق ان طرف تمام وڌي رهيو آھي. مختلف پليٽ فارمز ذريعي آنلائن ڪمائڻ انھن لاءِ بلڪل آسان ٿي چڪو آھي. خاص طور فري لانسنگ ذريعي نوجوانن کي آنلائن مارڪيٽنگ ۾ تمام گهڻا موقعا ملي رهيا آھن ۽ ان کان علاوه اي آءِ, يوٽيوب ۽ فيس بوڪ جھڙن مختلف ايپليڪيشنس تان تمام گهڻي محنت ڪري اڄ اسان جو نوجوان چڱو خاصو ناڻو ڪمائي آنلائن مارڪيٽنگ جي دنيا ۾ پنھنجو پير ڄمايون بيٺو آھي، پر اتي وري ڪافي اسان جا منفي سوچ رکندڙ نوجوان به موجود آھن جيڪي راتو رات ۾ امير ٿيڻ جا خواب ڏسي آنلائن مارڪيٽنگ ۾ مختلف بيٽنگ (جوا) ايپليڪيشنس ۽ گيمز طرف مائل ٿي پنھنجو پاڻ کي ڦرائي ويهي رهن ٿا، يعني جتي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي انساني زندگي ۾ مثبت تبديلي آندي آھي ته اتي وري ان جا منفي اثر به موجود آهن.
جتي اسان جو نوجوان جديد ٽيڪنالاجي کي مثبت طريقي سان استعمال ڪندي تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري رهيو آھي ته اتي وري جديد ٽيڪنالاجي ڪافي نوجوانن لاءِ وڏو چيلينج پڻ بڻيل آھي، ان ڪري جو اسان جا ڪيترائي نوجوان شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ پاڻ ڦرائي پنھنجي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آھن. خاص طور تي آنلائن گيميز (آنلائن بيٽنگ) جوا اسان جي نوجوانن کي بوکلاهٽ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آھي. وقتي طور فائدو رسائي انھن نوجوانن جي ذهنن سان کيڏي کين معاشي طور تمام ڪمزور بڻائي کين ڊپريشن ۾ آڻي سندن ذهني ۽ سماجي زندگي متاثر ٿي رهيون آھن. اهڙا ڪيترائي واقعا اسان توهان جي ارد گرد روزاني بنيادن تي رونما ٿي رهيا آھن، جتي اهي نوجوان آنلائن گيمز يعني جوا ذريعي قرض کڻي پاڻ کي تمام گهڻو نقصان پھچائي ۽ ان جو پورائو نه ٿيڻ يا متبادل حل نه ملڻ جي صورت ۾ اهي پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏين ٿا. اهڙا واقعا اسان جي سنڌ ۾ به ٿيندي نظر اچن ٿا، جنھن جو تازو مثال چمبڙ جي ڳوٺ نظر علي رند جي نوجوان دربان علي رند جو آھي، جنھن پڻ اهڙي آنلائن بيٽنگ (جوا) ۾ تقريبن 50 لک جو نقصان کائي، پنھنجي زندگي جو انت آڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. ان نوجوان جي آپگهات نه رڳو ان کان زندگي کسي ڇڏي، پر پنھنجي مٽن مائٽن خاص طور تي پنھنجي والدين جو جيءُ پڻ جهوري ڇڏيو! ان نوجوان پنھنجي زندگي جو انت آڻڻ کان پهرين هڪ وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪري ڇڏي هئي، جنھن ۾ ھو ان آنلائن بيٽنگ (جوا) سان وابسطه ۽ غير وابسطه نوجوانن کي وڏي درد ۽ پيڙاءَ سان ان کان پري رهڻ جي هدايت ڪري ٿو، سندس لفظن ۾ مايوسي، نااميدي ۽ پڇتاءَ جهڙي ڪيفيت شامل هئي. ان نوجوان جي خودڪشي واري فيصلي سان نه رڳو سندس خاندان بلڪه پوري انسانيت جي روح کي تڪليف پهتي آھي.
ان ڪري اسان جي نوجوانن کي گهرجي ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڪمائڻ جا ٻيا ڪيترائي رخ رستا موجود آھن، دنيا جنهن تيزي سان ترقي ڪري رهي آھي ته ان کان وڌيڪ اسان لاءِ آنلائن ڪمائي جا ذريعا به پيدا ٿي رهيا آھن، جتان اسين بهتر ۽ آسان طريقي سان پنھنجي محنت ڪري آنلائن پليٽ فارمز مان فائدو حاصل ڪري سگھون ٿا. ان کان علاوه وس وارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به ان طرف يعني مارڪيٽ ۾ موجود آنلائن بيٽنگ يا گيمز خلاف ڪو سخت تحرڪ وٺي مستقبل ۾ ڪنھن ماءُ جو ڪونڌر پٽ ڪسجڻ کان بچائڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي!