سنڌ منهنجي سڄي سون آهي، پر سنڌ سموري هڪ دردن جو داستان به آهي.۔ سنڌ جي پٺتي پيل علائقي کاروڇاڻ جي ڳوٺ آٿرڪي جي اڄ ڏکن جي ڪتاب کي کولي پڙهيو ته دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ٿي!۔ آٿرڪي ڪنهن وقت ۾ کاروڇاڻ جيان هڪ خوشحال ۽ وسندڙ ڳوٺ هو، پر وقت جي بي رحم ۽ اڻ مندائتي واچوڙي هن ڳوٺ جي خوشحالي کي ائين ٻوهاري ڇڏيو، جيئن سمنڊ ميدانن جا ميدان ڳڙڪائي ڇڏيندو آهي. ۔هن علائقي جي ماڻهن جي سوچ به اڄ تائين تبديل نه ٿي سگهي آهي، هن ڳوٺ جا ماڻهو اڄ تائين به جهالت جي گهري سمنڊ ۾ آهن،۔ هتي جي ماڻهن جو ڌنڌو صرف مڇي مارڻ تي آهي ۽ ٻيو ڪو به وسيلو نه آهي،هتي جون زمينون سمنڊ جي گھڻائي ڪري بنجر ٿي ويون آهن، ھتان جو ماڻھو بنيادي سھولتن کان محروم آھي، ھتي نھ ڪي اسڪول ۽ نھ ئي اسپتال جي ڪا بنيادي سھولت آھي، روڊ رستا سمورا کنڊر بڻيل آھن، ڊرينيج سسٽم پڻ مڪمل تباھھ آھي ۽ نه ئي وري ڪا مٺي پاڻي جي خاص ڪا سهولت موجود آھي. شاھ صاحب چيو آهي ته:
اسين مارو ٿر جا، ڏک اسان جا ڏيج،
وسي تان وارو ملي نه ته گهوريو سارو هيج،
ڪڏهن ٿئي ريج، ته ڪڏهن پاڻي لا! به پساه وڃي۔!
هن علائقي جو حال ٿر جي ماروئڙن کان به وڌيڪ خراب آهي، روزگار لاءِ ڪي بھ سھولتون موجود نھ آھن، گرمي سردي ھتان جي ماڻھن جو گذرسفر وقت مڇي تي آھي، ۽ جيڪڏھن مڇي جو شڪار ٿئي تھ ٺيڪ نھ تھ لنگھڻ تي ويلو ڪاٽڻو پئي ٿو. انھن ماڻھن لاءِ ڏک، خوشي، شادي مرادي ۽ عيد ۾ تھ جھڙوڪ ڪو فرق ئي نھ آھي. جن لاءِ لطيف سائين فرمايو:
جا عمر تو مل عيد ساسان سوءَ ورتي سومرا،
وئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد،
سڪڻ ڪيا شھيد، مارو جي ملير جا!
اسان سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن کي گذارش ٿا ڪريون تھ خدارا آٿرڪي جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڌري، فوري طور مسئلن کي حل ڪيو وڃي.