DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!.................. پڙهو مڪمل............... ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو تازو (شمارو نائون جولاءِ 2026ع)
Skip to Content

ننڍي کنڊ جي درگاھي ڪلچر جو نفسياتي ڇيد! ليکڪ: مسعود ڏيپلائي
مسعود ڏيپلائي
درگاهي ڪلچر جاگيرداري  دور ۾، مندر جي مقابلي ۾ رياستي پٽيلن ۽ ٺوڳي فقيرن جو ڦهلايل آهي، خاص طور تي۔ رياست جي فڪري ۽ ذهني اپروچ اڄ بھ ساڳي آهي. انڪري اسلام جي آمد بعد جڏهن خلافت بعد اختلافات شروع ٿيا ته مسلمان ٽن خيالن جا هئا۔، ٻه ٽولا اهي جيڪي ٻنهي گروپن سان تعلق رکن ٿا،  ٽيون گروپ اهو هو، جنهن خاموش يا گوشه نشين هئڻ پسند ڪيو يا اهو جنهن جهاد ۽ قتال بدران خانقاهي نظام قائم ڪري ورتو.  ۔برصغير ۾ هندن مان ڪنورٽ ٿيل مسلمان بنجي ته چڪو هو، پر ان جي فڪري ۽ نظرياتي گروٿ اڃان جاري هئي، ماحول ۾ سندس پراڻو مذهب هندو مت موجود ھو،  سماجي تعلق ۾ خاص ڪا تبديلي ڪانھ آئي ھئي. تڏھن نظام حڪومت م ننڍا حڪمران جاگيردار ۽ وڏيرا موجود ھئا، جن به نون مسلم عربن جي عزت يا دين جي عالمن جي عزت ٿيندي ڏٺي يا عربن جو هڪ ٻئي کي يا عالمن کي  ياسيدي يا سيدي چوندي ڏٺو، (منصوره جي گادي واري شهر ۾ مدارس ۽ مڪتبن ۾ سيدي کي اعلي مقام ڏٺائون) ته انهن به سيد سڏڻ شروع ڪيو يا سادات سان پنهنجو تعلق جوڙڻ شروع ڪيو يا عرب سڏائڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري سنڌ جي اڪثر قبيلن پاڻ کي عرب قبيلي جو سنڌي ورزن ڄاڻائي فخر ٿي محسوس ڪيو. ۔۔
عربن جي ساڍا ٽن سو سالن جي حڪومتي  دور ۾ مقامي توڙي مرڪزي سرڪار ڪمزور رهي، لاڳيتو گورنرن جي تبديلي جي ڪري  ۔مقامي جاگيردار ۽ وڏيرا، ننڍا ننڍا سالار ۽برادرين جا سردار سگهارا ٿيندا رهيا ۔ان بعد هر حاڪم اهو سومرو هجي يا سمون يا ٻيو ڪو، انهن سردارن جي عزت ڪئي ۽ سهائتا ڪئي.
۔پوءِ جڏهن پوري برصغير انهن مندر جي مقابلي ۾ درگاه يا خانقاه آندي  ته اها مندر جي مقابلي ۾ وڌيڪ لبرل هئي،۔اتي هر رنگ نسل جو انسان بنا روڪ ٽوڪ جي اچي سگهيو ٿي، ۔هڪ ئي ٿانوَ ۾ کاڌو کائي سگهيو ٿي، ۔جيئن ته هندو مت ۾ دلت ۽ درواڙن کي شديد نفرت کي منهن ڏيئڻو پيو ٿي. سندس مندر ۾ اچڻ جي منع آهي ته ساڳي وقت کاڌي پيتي جا ٿانوَ ڌار آهن، پٺن تي ڪپڙو پائڻ، سواري تي چڙهڻ جي منع اٿن، پر درگاه تي هو ٻين سان گڏ ويهي کائي پيئي سگهيو ٿي. قوالي ٻڌي سگهيو ٿي،۔ان ڪري انهن کي پير پوڄاري جي مقابلي ۾ وڌيڪ روشن خيال لڳو ٿي.
انڪري انگريزن به ان کي ريپليس ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سندس مفاد هو، پوءِ تھ هر جاءِ درگاهون ئي نظر اچڻ لڳيون. ۔
ننڍي کنڊ جي مسلم اقليت جڏهن اڪثريت تي حڪمراني ڪئي پئي، ان  پنهنجي حڪومتن کي بچائڻ  لاءِ هڪ طرف جاگيرداري کي هٿي پئي ڏني ته ٻي طرف درگاهي نظام جي ذريعي انهن ننڍا ننڍا علائقائي حڪمران پيدا ڪيا، جيڪي وڏي حاڪم جي حڪومت کي ڍل به ڏيندا هئا ته جنگ جي وقت ميئن پاور يعني فوج به فراهم ڪندا هئا. ۔۔
هندو مت مان ڪنورٽ ٿيل نون مسلمانن کي جيڪي غربت واري معاشري سان گڏ ذات پات جي نظام ۾ گهيريل معاشري م رهڻ ڪري، سماجي طور تي پاڻ کي محفوظ نه سمجهندا هئا، انهن پيرن ۽ درگاهن وسيلي يا ان جي سجاده نشين جو مريد بنجي، هڪ وڏي ٽولي جو حصو بنجڻ ٿي چاهيو، جيڪو ملڪ جي بادشاهھ جو خاص ماڻهو  ھو. اھو ئي سبب آھي جو درگاھي ڪلچر آساني سان ڦھيليو. سنڌ ۾  سيد سڏائڻ پاڻ کي بخاري ،قريشي، شيرازي، گيلاني سڏائڻ وارا تقريبن سنڌ ۾ سمن جي دور ۾ آيا، جڏهن هڪ ڪوڙي لالي پٺاڻ پاڻ کي پير سڏائي عوام کي مذهبي چمڪ سان مريد ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ، گجرات ان کي رد ڪري  ڇڏيو. سمن جي دور ۾  ان ٺوڳي پير کي بي عزت ڪري کيس نيڪالي ڏني وئي، ان ڪوڙي ٺوڳي پير جا مريد ۽ ارغون ترخان سنڌ جي سمن جي حڪومت ختم ڪري، پاڻ سنڌ جا مالڪ ٿي ويٺا، انهن سان گڏ آيل ڪي سيد ڪي شيرازي 'ڪي قريشي ۽ هاشمي سڏائڻ لڳا، سنڌ  اھڙن رھزنن جي حملن جو شڪار ٿي غلاميءَ جي ذلت ڏانھن ڌڪجي وئي!
هاڻ سنڌ رياستي طور تي انهن افغانين ۽ ساڳي طرح روحاني طور تي وري انهن پيرن جاگيردارن گادي نشينن ۽ سيد جي نالي ۾ انهن جمعڙين ، شاهن، پٺاڻن وٽ قيد ٿي وئي.
ٿورو غور ڪجي ته ان دور کان وٺي هي ٺوڳي پير هر دور حڪومت جو حصو رهيا، غداريون ڪندا رهيا ڌرتي ڌڻين کي وقت جي حاڪمن کان تھ ڪڏهن فرنگين کان مارائيندا رهيا پاڻ خانبهادر، معافيدار،  مئجسٽريٽ، خان صاحب جا خطاب وٺندا رهيا.  ساڳيا ٺوڳي پير مسندن تي ويهي عوام جا گهڻگهرا ٿي ويا .جڏهن ته اردوڳالهائيندڙ پناهگيرن جو وڏو حلقو به نواب ،ڪنور ،سردار ۽ سيد جي نالي واري اڇي  ڪاري جو ڌڻي ٿيئڻ لڳو، انهن ۾ وري زيدي ،عابدي ، علوي ، جعفري، قريشي ،نقوي  نالي سان انڊيا جي يوپي ، سي پي کان آيل تيلي ،  خواجا ،بڙهئي ۽ اتي جي درگاهن جا مجاور هتي به سادات جو نعرو هڻي ويهي رهيا.
ڪلهوڙن جي دور ۾ وري انهن جي مريدنٔ فقيرن سيد ٿيڻ جو رواج زورن تي رھيو ته ٻئي طرف سنڌ ۾ درگاهن جڙڻ جو رواج  به جنم وٺڻ لڳو.
تاريخ جي ورقن منجهان پتو پوي ٿو ته درگاھن جي جڙڻ جو اصل پسمنظر اھو ئي رھيو ته، سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي لاءِ آيل لشڪرن سان گڏ  اهي سڀ دين جو ويس ڍڪي برصغير جي بغاوت کي ديني ۽ مذھب جو نالو ڏئي، نفسياتي طور تي ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا انهن جي  ذريعي سنڌ مخالف جاسوسي ڪري معلومات فراهم ڪئي.
عوام تي نفسياتي طور رعب رکڻ لاءِ  گادي نشين پنهنجي درگاهھ  جي پذيرائي  پٺيان درگاه جي گادي نشينن جي نالي ڪوڙا  ڪرامتي قصن گهڙيا، ان ۾  سندن خليفن جو وڏو ڪردار ھوندو آھي، جيڪي  وتائي فقير جي گڏھ کپائڻ واري دلال جئيان سندن مشھوري جا اھڙا زٽ ھڻندا رھندا آھن.
اڪثر ٺوڳي پير وري پنهنجي علائقي جا جاگيردار ۽ وڏيرا هوندا آهن.  هو پيري مرشدي جي تقديس سان گڏ سياسي انتظامي طور تي طاقتور ھوندا آھن.  سوال آھي تھ سنڌ ۾ درگاهن تي مسڪين، بي پهچ، بي سهارا، ڏتڙيل، لاچار ۽ تعليم کان وانجھيل ماڻهن جو ميڙ ئي  ڇو هوندو آهي؟ ان سوال جي جواب جو نفسياتي لحاظ کان جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪبي تھ جواب سڌي  يا اڻ سڌي طرح ھن ريت ملندو، سماج ۾  بدعنواني، ناانصافي ۽ معاشي ۽ اقتصادي معاملا ۽ بدحالي جهالت آهي، مذهب هڪ اميد جو ڏس ڏي ٿو، جڏهن مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جا مسئلاحڪومتي ادارا يا سياسي وڏيرا حل نٿا ڪن،  تڏهن ماڻهو بيوس ۽ لاچار بڻجي درگاهن جو رخ ڪندا آهن ۽ اتي پناھ وٺندا آهن.
هو  درگاهن جي اوليائن کي الله جا مقرب بندا سمجهي پيش پون ٿا ته انهن معاملن جي حل لاءِ دعا گهرن ٿا ۽ پنھنجي نجات جو سبب سمجھن ٿا.
اهڙي طرح انهن اٻوجھھ ماڻهن کي معاشرتي پريشانين جي ڪري هو عبادت تصور ڪن ٿا، جيڪا انهن جي وڏي اڻ ڄاڻائي آهي.

مون کي افسوس آھي ته   اسان جي حڪومتي ڪارندن نام نهاد دانشورن اديبن، ليڪکن، وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن تي، جيڪي خاموش تماشائي بڻيل آهن .جيڪڏهن اهي سڀ گڏجي هنن فراڊ جي اڏن جي مذهبي تقديس جا پردا کولي انهن مجاورن جو اصل چهرو ڏيکارين ته  معاشري جي  غريب  مسڪين ۽ نادار انسانن جو ڀلو ٿي پئي، تھ جئين انهن ٺوڳي پيرن جي فريب کان اسان جو عوام بچي سگھي!