هر سال 8 مارچ تي سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن رڳو ھيپي وومين ڊي چوڻ جو ڏينھن نه آھي، پر هي ان ڊگهي جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو جيڪا عورتن پنهنجي بنيادي حقن، برابري ۽ سماجي انصاف لاءِ ڪئي آهي.
هن ڏهاڙي جي شروعات 20 صديءَ جي آغاز ۾ ٿي، جڏهن نيويارڪ جي ڪپڙي جي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن پگهارن ۾ واڌ، ڪم جي ڪلاڪن ۾ گهٽتائي ۽ ووٽ جي حق لاءِ آواز اٿاريو. 1977ع ۾ گڏيل قومن (UN) باقاعده طور تي هن ڏينهن کي تسليم ڪيو.
سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ ۾ عورت جو ڪردار هميشه مٿانهون رهيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ ستن سورمين (مارئي، سسئي، نوري، وغيره) ذريعي عورت جي همت، وفاداري ۽ آزاديءَ جي تڙپ کي بيان ڪيو آهي. اڄ جي دور ۾ به سنڌي عورتون تعليم، صحت، سياست ۽ زراعت جي ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جيتوڻيڪ اڄ جي عورت چنڊ تي پهچي چڪي آهي، پر اسان جي سماج ۾ اڃا به ڪجهه وڏا مسئلا موجود آهن اڃا به ڪيترن ئي علائقن ۾ نياڻين کي تعليم پرائڻ جي حق کان محروم رکيو وڃي ٿو، اسڪول وڃڻ کان روڪيو وڃي ٿو. عورتن جي فيصلن جي نا قدري ڪئي وڃي ٿي، عورت جي راءِ کي اھم نھ ٿو سمجھيو وڃي،گھر جي خاص فيصلن ۾ يا ان جي پنھجي ذاتي زندگي جي فيصلن ۾ ان جي راءِکي اھميت نه ٿي ڏني وڃي. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جو اصل مقصد تڏهن پورو ٿيندو، جڏهن ھر ھنڌ نياڻين کي اعليٰ تعليم جا برابر موقعا ملندا.
عورتن کي پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي آزادي هوندي. سماج ۾ کين محفوظ ماحول فراهم ڪيو ويندو. عورت جي ترقي ئي دراصل قوم جي ترقي آهي. جيڪڏهن اسان هڪ روشن مستقبل چاهيون ٿا ته، اسان کي عورت جي عزت، تعليم ۽ خودمختياريءَ کي يقيني بڻائڻو پوندو.