موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content

ستاويھين ترتيم کانپوءِ ملڪ جو امڪاني سياسي منظرنامو
حبيب جتوئي

26_ھين ۽ 27 ھين ترميم کان پوءِ ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جو عھدو آئيني طرح ھميشھ لاءِ چيف آف آرمي اسٽاف جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ ملٽري اسٽبليشمينٽ کي اڃان ٻيو ڇا گھرجي؟؟
اھي ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آھن، اڳئي چوندا ھيا تھ Bloody Civilians انھن کي پوريءَ طرح اختيار نٿا ڏين، نھ تھ اھي ملڪ ۾ جيڪر کير ۽ ماکيءَ جون نديون وھائي ڇڏين. ھاڻي تھ Bloody Civilians تھ پنھنجي ڏاڙھي بھ آئيني طرح انھن جي ھٿ ۾ ڏيئي ڇڏي آھي تھ پوءِ ڇا ملڪ جو ڏھاڪن کان ڏتڙيل عوام ھاڻي اھا اميد رکي تھ اسان جا High and Mighty ھاڻي خدا جي خلق لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻن ويلن جي سولي مانيءَ جو بندوبست ڪندا؟؟!!
فوج جي Top Brass ھميشھ اھو سوچندي ۽ چوندي  رھي آھي تھ چونڊيل حڪومتون ۽ سياستدان ڪرپٽ نااھل ۽ ملڪ دشمن آھن، اھي ملڪ جا وسيلا کائي ھڙپ ڪري وڃن ٿا، انڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري. ان ”مائينڊسيٽ“ جو نتيجو آھي جو جنرل سياسي ايڊوينچر ڪري ھر ڏھن پندرھن سالن کان پوءِ ملڪ ۾ مارشلا لڳائي سڌيءَ ريت اقتدار تي قبضو ڪندا رھيا آھن. پر جنرلن جي ”مائينڊ سيٽ“ جي بنيادي غلطي اھا آھي تھ اھي اقتدار تي قبضو ڪري ان سياست جي ميدان ۾ ڪاھي پون ٿا، جنھن جي ايف_ب کان بھ اھي واقف نٿا ھجن. انڪري ان عمل سان اھي نھ صرف ملڪ کي لاتلافي نقصان ڏين ٿا، پر ملٽري کي بھ اداري طور ملڪ ۾ متنازع بڻائڻ سان گڏ پنھنجي اداري جي پروفيشنل صلاحيتن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳائن ٿا.
ملڪ ۾ بار بار مارشلائون لڳائڻ جي نتيجي ۾ ھڪ دفعو تھ ملڪ ٽٽي چڪو آھي، جڏھن تھ جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف جي مارشلائن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر ھر قسم جي سياسي، مذھبي ۽ فرقيواراڻي دھشتگرديءَ ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا آھن.
ڊگھين مارشلائن جي ناڪام تجربن ۽ ملڪ اندر ھر روز وڌندڙ سياسي معاشي ۽ ثقافتي ابتري جنرلن کي ان نتيجي تي پھچايو تھ مارشلائون لڳائي اھي ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي ترقيءَ جي راھھ تي وٺي وڃي نٿا سگھن، خاص طور تي ملڪ معاشي ڏيوالي جو شڪار ٿئي ٿو ۽ ان جو حل جنرلن وٽ ھرگز نھ آھي، انڪري جنرلن ملڪ تي ”ھائبرڊ سياسي نظام“ مڙھيو آھي، جنھن تحت سولين ۽ ملٽري ليڊرشپ کي ”ھڪ پيج“ تي آڻڻ جا چرچا عام جام آھن.
توڙي جو ”ھڪ پيج“ جي ڪھاڻي ھن مھل تائين بھ مارشلائن کان بھ وڌيڪ خراب ثابت ٿي آھي ۽ شايد اڃان خراب ثابت ٿيندي، ان جا ٻھ ننڍڙا مظھر”ھڪ پيج“ جي سڀ کان وڏي داعي ۽ حامي عمران خان جو حشر ۽ شريف ۽ صدوري پالتو شھباز شريف ۽ نوازشريف پاران چيف آف ڊفينس فورسز جي سمريءَ تي صحيح ڪرڻ ۾ڊگھي دير ۽ نوازشريف ۽ شھباز شريف ”delay tactics“ خاطر لنڊن ھليا وڃڻا آھن.
غيرجانبدار سياسي، معاشي ۽ عسڪري ماھرن جو متفقھ تجزيو آھي تھ پاڪستان ۾ ڪجھھ وقت کان جاري ”ھائبرڊ سياسي نظام“ ملڪ ۾ مارشلائن لاڳو ڪرڻ واري تجربي کان بھ وڌيڪ برو ثابت ٿيندو. پاڪستان جي تازي معاشي صورتحال ۽ ٿورڙي عرصي ۾ پنجاھھ ھزار اربن جي ڪرپشن جي ڪھاڻي. ”آءِ ايم ايف“ پنھنجي تازي شايع ڪيل رپورٽ ۾ بيان ڪئي آھي. حيرت جي ڳالھھ اھا آھي تھ آءِ ايم ايف ”ھائبرڊ نظام“ جي سڀ کان وڏي ۽ Icon پروگرام ”ايس آءِ ايف سي“ جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آھن. ان پروگرام ۾ خاص طور تي آرمي چيف سعودي عرب، قطرم يو اَي اِي۽ چين وغيرھ جا بار بار دورا ڪري ڪيترين ئي پريس ڪانفرنسن ۾ ملڪ جي عوام ۽ ادارن کي يقين ڏياريو ھو تھ ڇاڪاڻ تھ سڄيو پروگرام Bloody Civilians کان پاڪ ۽ صاف آھي ۽ آب زم زم جا ڌوتل جنرل ان پروگرام جي اڳواڻي ڪري رھيا آھن، انڪري  ان ۾ جئين تھ ڪا بھ ڪرپشن ۽ نااھلي وغيرھ جو سوال ئي پيدا نھ ٿو ٿئي، انڪري غير ملڪي سيڙپ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ اربين کربين ڊالر ايندا ۽ ملڪ جي معاشي ترقي راڪيٽ جي رفتار سان ترقي ڪندي. ان پروپئگينڊا تحت صوبن کان زور زبردستي ڪري زمينون ورتيون ويون ۽ صوبن جا وسيلا منرلز وغيرھ کي پنھنجي اختيار ۾ ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪيون ويون. پر سياسي، معاشي ۽ عسڪري ماھرن جي ڳڻيل ڳتيل راءِ مطابق جنرلن جا سياسي، معاشي ۽ ثقافتي منصوبا جئين تھ صرف وڏين خواھشن تي ٻڌل ھوندا ۽ ٻيو اھي ان منصوبن ۾ ذاتي ۽ صرف پنھنجي اداري جي مالي فائدن کي نظر ۾ رکي جوڙيا ويندا آھن، انڪري انھن جا اڪثر منصوبا ناڪامي سان دوچار ٿيندا آھن. ساڳيو حشر پئروپيگنڊا ڪري زمين آسمان ھڪ ڪندڙ ھن منصوبي جو ٿيو آھي. آءِ ايم ايف پنھنجي تازي رپورٽ ۾ سخت تنقيد ڪندي اعتراض اٿاريو آھي تھ پاڪستاني اختيارين بلند ھانگ دعوائون ڪيون ھيون تھ انھن جي ان منصوبي تي تمام وڏي غير ملڪي سيڙپڪاري ٿيندي، جڏھن تھ حقيقت ۾ ٽن سالن جي گذرڻ کانپوءِ بھ ڪابھ ذڪر لائق سيڙپڪاري ناھي ٿي.
ملڪ ۾ مارشلائون نافذ ڪندڙ جنرلن جو اھو بار بار دھرايل طريقو رھيو آھي تھ اھي پنھنجي ناڪام مارشلائن جو اعتراف ڪرڻ بجاءِ ان جو الزام Bloody Civilians تي ھڻندا رھيا آھن، ملڪ جي ٽٽڻ جو الزام بھ سياستدانن تي لڳايو ويندو آھي، بلڪل ساڳي طرح ”ھائبرڊ سياسي نظام“ ھاڻي کان ئي پنھنجي ان ناڪام نظام جو الزام پڻ Bloody Civilians تي لڳائڻ شروع ڪيو آھي، پر ھن دفعي ”ايس آءِ ايف سي“ جي ناڪامي جو الزام ملڪ جي سڀني Bloody Civilians تي لڳائڻ جي بجاءِ سنڌ جي Bloody Civilians تي لڳائڻ جي شروعات ڪئي وئي آھي. ڪجھھ ڏينھن اڳ ”آءِ ايم ايف“ طرفان ”ايس آءِ ايف سي“  پروگرام تي ڇتي تنقيد ڪرڻ جھڙوڪ ھائبرڊ سياسي نظام جي معاشي ترقيءَ جي بلند بانگ دعوائن جي پت وائکي ڪرڻ کان پوءِ ”ايس آءِ ايف سي“ جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد ڊگھي پريس ڪانفرنس ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن تي ڇوھھ ڇنڊيا تھ انھن جئين تھ سنڌو درياءَ تي اسان کي نوان ڪينال ٺاھڻ نھ ڏنا ۽ اسان جي منصوبي کي متنازع بڻائي ڇڏيو، انڪري ٻاھرين ملڪن ۽ ڪمپنين سيڙپڪاري ڪرڻ کان گريز ڪيو آھي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻي آھي تھ؛”پڄي پاڻ نھ سگھي، لک لعنت گوڏن تي“. ڪڙو سچ ۽ بنيادي حقيقت اھا آھي تھ، سياست ڪرڻ، حڪومت ڪرڻ توڙي معاشي ۽ ثقافتي رٿائون جوڙڻ سياسي حڪومتن، سياسي پارٽين ۽ جنرلن جي ٻوليءَ ۾ Bloody Civilians جو ڪم آھي. فوج جو ڪم بنيادي طور تي عسڪري معاملن کي ڏسڻ آھي جنھن جا اھي ماھر آھن، جنرل دراصل پاڻ کي سياسي ۽ معاشي مامرن ۾ منجھائي ملڪ کي بھ نقصان ڏيئي رھيا آھن تھ ان سان گڏوگڏ فوج کي ھڪ اداري طور پڻ متنازع بڻائڻ سان گڏ ”نان_پروفيشنل“ ادارو ٺاھي رھيا آھن. ان جو ھڪ مثال اھو آھي تھ چيو پيو وڃي تھ وزيراعظم شھباز شريف سي ڊي ايف جي سمري تي انڪري صحيح ڪرڻ ۾ دير لڳائي ڇو تھ ڪجھھ ڏينھن اڳ ملڪ کي ايئرفورس جي ڪجھھ وڏن آفيسرن، عھديدارن نوازشريف سان ملاقات ڪري کيس آرمي چيف کي ھميشھ لاءِ سي ڊي ايف جو ڪمانڊر بڻائڻ واري آئيني ترميم سان اختلاف ڪيو. چيو پيو وڃي تھ انڪري نواز شريف پنھنجي حڪومت کي ان موضوع تي وڌيڪ سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ چيو. توڙي جو آئين ۾ لٺ ۽ چٺ ذريعي ترميم ڪرائڻ کان پوءِ حوالي نھ ڪرڻ لاءِ اھو جواز ڏيڻ ٻاراڻو ٿو لڳي ۽ اداري جي اندر ڪھاڻيءَ کان واقف ماڻھن جو ڀڻڪو اھو بھ آھي تھ آءِ ايس آءِ چيف، ڊپٽي آرمي چيف ۽ ٻين اھم فوجي مقررين مان نواز شريف  ڪو حصو پتي ڇڏائڻ جي چڪر ۾ ھو، پر اھا ھن جي اھا حرڪت بھ ٻاراڻي ٿي لڳي، ڇاڪاڻ تھ انھن پنھنجي ڏاڙھي طاقتوارن جي ھٿ ۾ ڏيئي پنھنجا ھٿ وڍائي  ڇڏيا ھيا.