موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content

ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جو جائزو! ليکڪ: فياض نائچ
فياض نائچ

ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جو سبب ڇا آهي؟ اهو هڪ اهڙو بنيادي سوال آهي، جنهن جون پاڙون تاريخ جي انتهائي گهراين تائين وڃن ٿيون. ڳالهه شروع ڪٿان ڪجي؟ 28 فيبروري، 2026  کان جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ايران تي حملا ڪيا يا جون 2025 ۾ لڳل ” ٻارهن ڏينهن واري جنگ“ کان شروع ڪجي، جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ٻارهن ڏينهن تائين ايران تي حملا ڪيا ويا ۽ ايران پڻ جوابي ڪارروايون ڪيون. پر ايران تي حملن جي هن تازي قسط جو قصو ته گهڻو اڳ کان شروع آهي، 2024 جي جولاءِ مهيني ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا جو تهران ۾ قتل هجي يا 2020 ۾ بغداد ايئرپورٽ تي  ايران جي قدس فورس جي سربراه جنرل سليماني جو قتل هجي، يا وري 2010 کان ايران جي نيوڪليئر سائنسدانن جي ٽارگيٽ ڪلنگ هجي، سلسلو پراڻو آهي. ڪي ماڻهو آڪٽوبر 7، 2023 تي حماس پاران اسرائيل تي ڪيل حملن کي موجوده جنگ جو بنيادي سبب سمجهن ٿا. پر حماس آڪٽوبر 2023 ۾ اوچتو اسرائيل تي حملا ڇو ڪيا؟ اها ڳالهه ته هاڻي ڪو راز نه رهي آ ته ان وقت جڏهن حماس اسرائيل تي حملا ڪيا ان وقت سعودي عرب ”ابراهيمي معاهدي“ ۾ شموليت لاءِ بلڪل تيار ٿي ويو هيو، پر انهن حملن جي ڪري اها ڳالهه عمل ۾ نه اچي سگهي. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ”ابراهيمي معاهدو“ ڇا آهي؟  ٽرمپ 2016 ۾ جڏهن پهريون ڀيرو آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو هيو ته، سندس ان دور جي آخري سال يعني 2020 جي سيپٽمبر جي مهيني ۾ واشنگٽن ڊي سي ۾ گڏيل عرب امارتن ۽ بحرين، اسرائيل کي تسليم ڪندي ساڻس سفارتي ۽ تجاتي تعلقات جي قيام جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. ان معاهدي کانپوءِ صدر ٽرمپ ۽ بعد ۾ صدر بائيڊن سعودي عرب تي دٻاءُ وجهندا رهيا ته هو به ان معاهدي جو حصو ٿي ڪري اسرائيل سان سفارتي ۽ تجارتي لاڳاپا قائم ڪري. بائيڊن انتظاميا ڪنهن حد تائين سعودي عرب کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب به وئي هئي، پر 2023 جي آڪٽوبر جي مهيني ۾ حماس پاران اسرائيل تي ڪيل حملي ان عمل کي روڪي ڇڏيو. ظاهر آھي ته نه صرف اسرائيل ۽ آمريڪا پر دنيا جا اڪثر آزاد خيال تجزيه نگار به اهو سمجهن ٿا ته اسرائيل مٿان حماس پاران انهن حملن جي پٺيان ايران جو هٿ ۽ مدد شامل هئي.
پر ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته، اصل جهيڙو ته فيبروري 1979 کان شروع ٿي ويو هيو، جڏهن ايران ۾ رضا شاهھ پهلوي جي شهنشاهيت جو خاتمو آيو ۽ اقتدار تي شيعا مسلڪ جي مولوين قبضو ڪري ورتو. جنهن بعد نه صرف هر جمعي جي خطبي ۾ ايران جي هر مسجد جي ميمبر تان ” مرگ بر آمريڪا“ ۽ ”مرگ بر اسرائيل“ يعني آمريڪا مرده آباد ۽ اسرائيل مرده باد جا نعرا لڳندا هئا، پر تهران ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني تي اسلامي انقلاب جي حامي شاگردن قبضو ڪري 60 آمريڪي عملدارن کي لڳ ڀگ پندرهن مهينن تائين يرغمال بڻائي رکيو. پر ڇا ايران ۾ اسلامي انقلاب جي راه هموار ڪرڻ ۾ انقلاب کان 26 سال اڳ آمريڪي سي آئي اي ۽ برطانوي ايجنسي ايم آءِ 6، پاران ايران جي پارليامينٽ پاران منتخب وزير اعظم محمد مصدق جو تختو اونڌو ڪري اقتدار محمد رضا شاهھ پهلوي جي حوالي ڪرڻ وارو عمل نه هيو؟ وزيراعظم مصدق جو ڏوه به ته اهو هيو ته هن ايراني تيل کي نيشنلائيز ڪري ڇڏيو هيو، جنهن تي ان کان اڳ برطانيا جي ڪمپني ” برٽش پيٽروليم“ يعني ”بي پي“ جي اجاره داري هئي. مطلب ته هڪ چونڊيل وزيراعظم جو تختو صرف ان لاءِ اونڌو ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ملڪ جي وسيلن جي غيرملڪي ڪمپنين هٿان لٽ مار کي ختم ڪرڻ پئي چاهيو. ياد رهي ته ان وقت وزيراعظم مصدق ايراني قومپرستي جو اهڃاڻ هيو، جڏهن ته ايران جو شهنشاه محمد رضا پهلوي برطانوي ۽ آمريڪي ايجنسين جو سهڪاري هيو، جڏهن ته اڄ 73 سالن کان پوءِ شهنشاه محمد رضا شاه جو پٽ وليعهد رضا شاه پنهنجي ملڪ ايران مٿان آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جو حامي آهي، جڏهن ته  قبا پائيندڙ ايراني ملا ايراني قومپرستي جا اهڃاڻ بنيل آهن. اها هڪ ٻي ڳالهه آهي ته انهن 46 سالن ۾ ملن اسلامي انقلاب جي نالي ۾ کاٻي توڙي لبرل خيالن جي سياسي ڪارڪنن، دانشورن، عورتن، سان جيڪي حشر برپا ڪيا آهن، اهي ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونهن ڪي پر ٻاهرين حملا آور جي حمايت ڪرڻ جهڙو ڪڌو ڏوهه شايد ئي ڪو ٻيو هجي. پر هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته وزيراعظم مصدق کي هٽائڻ پٺيان اصل مقصد ايراني تيل تي برطانوي هڪ هٺي قائم ڪرڻ هيو.
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته، جهيڙي جي شروعات ته 1948 ۾ ان وقت ٿي وئي هئي جڏهن فلسطين مٿان برطانوي قبضي جو مدو پورو ٿيڻ تي اسرائيل پنهنجي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو هيو. پر فلسطين تي برطانيا جو قبضو ڪڏهن ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟ ان جي حقيقت اها آهي ته پهرئين مهاڀاري لڙائي جي نتيجي ۾ عثماني سلطنت جو خاتمو اچي ويو هيو. جنهن جي نتيجي ۾ جنگ جي فاتح ملڪن برطانا، فرانس، روس گڏجي پوري وچ اوڀر جو نئون نقشو  تيار ڪيو. ان سلسلي ۾ برطانوي ۽ فرانسيسي  حڪومتن روس جي تائيد سان هڪ معاهدي تحت وچ اوڀر جي مختلف علائقن تي قبضي لاءِ علائقا ورهائي کنيا. معاهدي ۾ برطانيه کي فلسطين (اڄوڪي اسرائيل سميت)، اردن ۽ ڏکڻ عراق جو ڪنٽرول ڏنو ويو، جڏهن ته فرانس کي ڏکڻ اوڀر ترڪي، ڪردن جا علائقا، شام ۽ لبنان جوڪنٽرول ڏنو ويو. برطانيا فلسطين تي قبضي ڪرڻ سان ئي 1917ع ۾ ”بيلفور ڊڪليئريشن“ وسيلي فلسطيني علائقن ۾ يهودين جي لاءِ الڳ وطن جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پر وچ اوڀر جي ڀڃ ڊاهه جو عمل پهرئين مهاڀاري لڙائي کان گهڻو اڳ شروع ٿي چڪو هيو. اڻويهين صدي جي آخري ۽ ويهين صدي جي پهرئين ڏهاڪي دوران ٻن عالمي طاقتن روس ۽ برطانيا وچ ۾ مختلف علائقن تي قبضا ڪرڻ، ڪنٽرول ڪرڻ پنهنجو اثر و رسوخ قائم ڪرڻ ڪرڻ جي جيڪا ڇڪتاڻ هلندڙ هئي انکي ”گريٽ گيم“ جو نالو ڏنو ويو. ان گريٽ گيم جي نتيجي ۾ 1907ع ڌاري ٻنهي عالمي قوتن هڪ معاهدي تحت ايران کي ٽن حصن ۾ ورهايو هيو. روس کي ايران جو اتريون حصو ڏنو ويو هيو، جنهن ۾ تهران، تبريز ۽ مشهد جهڙا وڏا شهر شامل هئا، جڏهن ته برطانيه کي ڏاکڻي حصي کي ڪنٽرول ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو، جنهن ۾بلوچستان، سيستان، ڪرمان وغيره شامل هئا، جڏهن ته وچين حصي کي بفر زون قرار ڏنو ويو هيو. مطلب ته قصو تمام گهڻو پراڻو آهي. روس اڄ به هڪ ڌر آهي، هاڻي ساڻس چائنا به گڏ آهي جڏهن ته ٻين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ برطانيا جي جگهه تي آمريڪا سپرپاور ٿي اڀريو هيو. تنهنڪري اهو ۽ اسرائيل گڏجي وچ اوڀر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوششن ۾ جنگيون ڪندا ٿا رهن. عراق، شام، لبنان، فلسطين، ۽ هاڻي ايران. هن سموري پسمنظر کي سمجهڻ کانپوءِ ٻه چار ڳالهيون ته بلڪل واضع آهن. پهرئين ڳالهه ته گذريل سوا سو سالن ۾  وچ اوڀر جا فيصلا نه ته اتي جي عوام ڪيا آهن ۽ نه ئي اتي جي حڪمرانن ڪيا آهن. جنهن ملڪ جي حڪمران عالمي قوتن جي مرضي جي خلاف ڪڏهن ڪو فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس عبرتناڪ سزا کي منهن ڏيئڻو پيو. مصدق کان، شاه فيصل، صدام کان موجوده ايراني حڪومت تائين ڪيترائي مثال اسان جي سامهون موجود آهن. ٻي ڳالهه اها به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته، آمريڪا ۽ اسرائيلي  ايران کي صفا سولو سمجهيو هيو پر ايران انهن جي وهم و گمان کان وڌيڪ ڏکيو ثابت ٿيو آهي. هاڻي ته لڳي ايئن ٿو آمريڪا جنگ مان نڪرڻ چاهي ٿو، پر ايران کيس نڪرڻ نه ٿو ڏي. ان ڳالهه جا واضح اشارا آمريڪي صدر ٽرمپ جنگ دوران پنهنجن مختلف بيانن ۾ ڏيئي چڪو آهي.
هتي آمريڪا ۾ جنگ جي هنن پنجن هفتن ۾ ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪس ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو ويو آهي، انهن مان ڪجهه هتي پيش ڪجن ٿا.
هتي هڪ ڳالهه جنهن جو بار بار ذڪر ڪيو وڃي ٿو اُها،  اِها آهي  ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ايران تي حملي ڪرڻ لاءِ ڏهاڪن کان وٺي آمريڪا جي مختلف صدرن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو جن ۾ بل ڪلنٽن، جارج بش، اوباما، بائيڊن شامل آهن، خود ٽرمپ کي به هن سندس پهرئين دور ۾ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ان وقت ٽرمپ جي ٽيم ۾ ڪافي تجر بيڪار ريپبليڪن شامل هئا، تنهن ڪري نيتن ياهو کي ڪاميابي نه ملي سگهي هئي. پر هن ڀيري هو صدر ٽرمپ کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان بحث سان گڏ اهي ڳالهيون به ڪيون پيون وڃن ته ايران آمريڪا جي ڌرتي توڙي مفادن لاءِ ڪو فوري خطرو ڪونھ هيو، تنهنڪري جنگ ڪرڻ جو ڪو جواز مناسب جواز ڪونھ هيو. ان سان گڏوگڏ هتي جي ميڊيا ۾ باربار اهي اسٽوريز به اينديون رهيون ته صدر ٽرمپ کي ايران سان جنگ ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پڻ زور ڀريندو رهيو. آمريڪا ۾ صحافتي ۽ دانشورن جي حلقي ۾ اهو به چيو پيو وڃي ته صدر ٽرمپ ايران کي جيترو ڪمزور سمجهيو هيو ايران سندس اندازن کي مڪمل طور غلط ثابت ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ اها ڳالهه به چئي پئي وڃي ته صدر ٽرمپ وٽ هن جنگ لاءِ ڪو واضح مقصد بلڪل ڪونهي، جنهن جي ڪري هو مسلسل متضاد بيان ڏيندو ٿو اچي. پهرئين اپريل تي هن جيڪو آمريڪي عوام کي خطاب ڪيو، ان ۾ ٽي اهڙيون ڳالهيون ڪيون جن مان محسوس اهو پئي ٿيو ته هڪ طرف ته ڄڻ پنهنجي شڪست قبول ڪئي. مثال طور هڪ ته هن چيو ته هن جنگ ۾ ايراني رجيم جي تبديلي ڪڏهن مقصد نه هيو، پر رجيم هڪ حساب سان خود بخود تبديل ٿي ويو آهي ڇاڪاڻ ته جنگ کان اڳ واري لڳ ڀڳ سموري قيادت قتل ڪئي وئي آهي، هن اهو به چيو ته ايران جا موجوده حڪمران قتل ٿي ويل قيادت کان بهتر آهن. حالانڪي اسان کي ياد آهي ته اڳ ۾ هو اهو چئي چڪو آهي ته ايران جو موجوده روحاني اڳواڻ مجتبي خامناءِ کيس قبول نه آهي. صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ اهو به واضح چيو ته، هرموز وارو لنگهه کولرائڻ سان سندس مٿي جي ڀري ڪونهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا جو تيل ته اتان ايندو ڪونهي تنهنڪري جن ملڪن جو تيل اتان ايندو آهي اهي پاڻ وڃي کولرائن، پر اسان ڏٺو ته تازو هن هڪ ڌمڪين وارو هڪ ٻيو پيغام سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن هرموز وارو لنگهه کولڻ لاءِ 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، جنهن کان پوءِ سندس چوڻ مطابق هو ايران کي پٿر جي دور ۾ پهچائي ڇڏيندو. ان بيان ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي ان تي به آمريڪي ميڊيا ۾ ڪافي تنقيد ڪئي پئي وڃي، ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي آمريڪي تجزيه نگارن جو اهو به چوڻ آهي ته، صدر ٽرمپ پاران ايران جي سويلين انفرااسٽرڪچر کي تباه ڪرڻ واري ڌمڪي جنگي ڏوهن جي دائري ۾ اچي ٿي. صدر ٽرمپ قوم کي ڪيل پنهنجي  خطاب ۾ اهو پڻ چيو هيو ته ايران وٽ يورينيم جا جيڪا افزوز ٿيل ذخيرا آهن اهي کڻڻ به آمريڪا جي ترجيحن ۾ شامل ڪونهي، سندس چوڻ هيو ته سيٽلائيٽ وسيلي انهن ذخيرن جي چرپر تي نظر رکي ويندي ۽ جي ايران اتي ڪا سرگرمي ڪئي ته اتي ٻيهر حملا ڪيا ويندا. مطلب ته قوم کي خطاب ۾ صدر ٽرمپ چيو ته هو رجيم به تبديل ڪونھ ڪندو، هرموز وارو لنگهه به نه  کولرائيندو، ۽ نيوڪليئر جا ذخيرا به ڪونھ کڻندو، جي اهي ٽئي ڪم نه ٿيندا ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي جنگ ڇو ڪئي وئي؟
بهرحال هي سٽون لکجڻ تائين سموري دنيا جون نظرون صدر ٽرمپ جي تازي ڌمڪي جي ڊيڊ لائين جي خاتمي تي کتل آهن ته اهو وقت جڏهن پورو ٿيندو ته ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟
آمريڪي ميڊيا ۾ ته اهي خبرون به هلن پيون ته پاڪستاني فوج سربراه فيلڊ مارشل عاصم منيرآمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي لاءِ ٽياڪڙي ڪندي، هڪ فريم ورڪ ٻنهي ملڪن جي قيادت تائين پهچايو آهي. ميڊيائي خبرن مطابق امن منصوبي ۾ پنجيتاليهه ڏينهن جي عارضي جنگ بندي جي تجويز ڏنل آهي، جنهن دوران ايران هرموز وارو لنگهه کولي ڇڏيندو، انهن 45 ڏينهن ۾ مستقل جنگ بندي لاءِ ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون. خبر مطابق پاڪستان جي آرمي چيف، فيلڊ مارشل عاصم منير، آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس، خاص سفير اسٽيو وِٽڪوف ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان سڄي رات رابطي ۾ رهيو آهي. ان حوالي سان ايراني خابرو اداري تسنيم واضح لفظن ۾ چيو آهي ته، ايران جي پاليسي ۾ جنگ جي پاڇي هيٺ ڪنهن به عارضي ٺاهھ جي ڪا گنجائش ڪانهي.

هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته، انهن پنجن هفتن جي عرصي ۾ ايران پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته پنج هفتا مسلسل جيتري بمباري مٿس ڪئي وئي آهي ۽ جهڙي نموني سان سندن قيادت کي قتل ڪيو ويو آهي ان جي باوجود به، نه صرف ايراني قيادت جا حوصلا بلند آهن پر اسرائيل، ۽ پاڙيسري عرب ملڪن ۾ موجود آمريڪي اڏن تي سندن حملن ۾ به ڪنهن به قسم جي ڪا گهٽتائي نه ٿي آهي، تازو آمريڪي جهازن ۽ هيليڪاپٽرز کي ڪيرائڻ کانپوءِ ته ايران ثابت ڪيو آهي ته هو عراق، لبيا، شام يا وينزويلا نه آهي، پر سندس ڀيٽ ويٽنام ۽ افغانستان سان ڪري سگهجي ٿي، جتي آمريڪا کي آيل شڪستون تاريخ جو حصو بنجي چڪيون آهن، شايد ان ۾ هڪ نئين باب جو واڌارو ايران جنگ جي صورت ۾ ٿئي.