ڪجھھ ڏينھن اڳ سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ متوقع 28 هين آئيني ترميم ۽ ان ذريعي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ، صوبن جي مالياتي حصي کي گهٽ ڪرڻ ۽ خودمختياري ختم ڪرڻ جهڙن خطرن خلاف هڪڙو ڪٺ گڏ ڪيو. ڪٺ ۾ آئيني ماهر، سول سوسائٽي جا نمائندا، صحافي ۽ نام نهاد دانشور گهرايا ويا. وفاق پاران اهڙن امڪاني قدمن کي ننديو ويو. نام نهاد دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن هڪ پاسي ”وڏيرا شاھي کي پيپلز پارٽي کان الڳ ڪري“ ۽ وفاق جي حرڪتن کي پيپلز پارٽي کان الڳ بيهاري، پيپلز پارٽي تي مٺي تنقيد ڪئي ۽ وفاق کي به چتاءُ ڏنو ته اهڙا عمل نه ڪري. پيپلز پارٽي ڄاڻي ۽ اسان ڄاڻون، باقي وفاق سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي به نه ڏسي !!
اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته پيپلز پارٽي موجوده ريجيم جو اهم حصو آهي، ۽ سوديبازي ذريعي ئي پهريان 26 ۽ 27 هين آئيني ترميمون ٿيون، ۽ هاڻ اهڙو ڪو به عمل سندن سوديبازي کان سواءِ نه ٿيندو. سنڌ ۾ 144 لاڳو ڪري پريس ڪلبن کي تالا، سياست تي بندش، بار جي ادارن کي يرغمال ڪرڻ، مورو واقعو وغيره سڀ پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري سان ٿيو آهي. ان سان گڏ اها ڳالهه به واضع آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو حقيقي پاور بيس وڏيرا شاھي ۽ ٺيڪدار آهن، جن جي سياسي سرپرستي ذريعي هو ووٽ کڻي ٿي ۽ ٻئي پاسي فوج سان سنڌ جي وسيلن تي سوديبازي ذريعي اقتدار ۾ اچي ٿي. ان ڪري ان ڳالهه کي دهرائڻ ايترو ضروري ناهي. هتي پيپلز پارٽي جي soft power تي ڪجهه لفظ ڳالهائڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو هو اديبن، نام نهاد دانشورن، صحافين، مطلب جنھن کي عام معنيٰ ۾ ”سول سوسائٽي“ چئون ٿا، ان ذريعي استعمال ڪري پنهنجي لاءِ سنڌ ۾ همدردي، legitimacy پيدا ڪري ٿي ۽ مخالفت کي ٿڌو ڪري ٿي. جيتوڻيڪ ماضي ۾ مان ”سول سوسائٽي ۽ عوامي سياست ۽ سنڌ جي سياسي ثقافتي مين اسٽريم جي تشڪيل“ جي عنوانن سان تفصيلي مقالا لکي چڪو آهيان، پر هتي ڪجهه مختصر ڳالهيون رکجن ٿيون.
1993ع ۾ جڳ مشهور مفڪر ارنيسٽ گيلنر سول سوسائٽي ۽ لبرلزم تي Conditions of Liberty: Civil Society and Its Rivals جي عنوان سان ڪتاب لکيو. اهو سرد جنگ جي خاتمي جو دور هو ۽ دنيا ۾ لبرل جمهوريت جا راڳ الاپجن پيا. سرد جنگ جي آخر ۾ سوويت بلاڪ اندر جيڪي ڪميونزم مخالف لبرل تحريڪون هليون، انهن کي اولهه ۾ ”سول سوسائٽي“ جون تحريڪون چيو ويو، جيڪي لبرلس مطابق ڪميونزم جي آمريت خلاف انفرادي آزادين لاءِ وڙهي رهيون هيون. ان جو وڏو مثال پولينڊ جو هڪ نيٽورڪ Solidarity ھو، جنھن ۾ ٽريڊ يونين، استاد، پروفيسر، صحافي ۽ ٻيا مڊل ڪلاس جا پرت شامل هئا، جنھن کي اتان جي عيسائي چرچ ۽ آمريڪي سي آءِ اي جي مدد هئي. دنيا ۾ ٻيهر ”سول سوسائٽي“ جو اصطلاح عام ٿيو ۽ گيلنر اهو ڪتاب لکيو.
گيلنر مطابق سول سوسائٽي قانون جي حڪمراني تي ٻڌل رياست ۽ لبرل آزاد مارڪيٽ جي معاشري لاءِ بنيادي ضرورت آهي. گيلنر جي لفظن ۾ ”سول سوسائٽي اهڙا غير سرڪاري ادارا آهن، جيڪي رياست کي توازن ۾ رکن ٿا، ۽ جيتوڻيڪ رياست کي امن قائم ڪرڻ واري ڪردار کان نه ٿا روڪن، پر اهي ايترا طاقتور آهن جو رياست کي سماج تي قابض ٿيڻ به نه ٿا ڏين.“ سول سوسائٽي مختلف يونينن، ايسوسيئيشنز، ڪلبن، سياسي ادارن جو اهڙو وچون دائرو آهي جيڪو رياست جي سماج ۾ آمراڻي مداخلت کان روڪي ٿو ۽ فردي آزادين جو بچاءُ ڪري ٿو. پر سول سوسائٽي لاءِ خاص انسان جي ضرورت آهي، جيڪو آزاد لبرل معاشرو تعمير ڪري ٿو. ان انسان کي گيلنر modular man (ٽڪرن ۾ ورهايل انسان) چئي ٿو. گيلنر مطابق جيئن جديديت کان اڳ انسان قبائلي سرشتي ۾ اهڙن رشتن ۾ بند هو، جتي هن کي پنهنجي قبيلائي ۽ ذات پات جي تعلقن ۾ هميشہ زندھھ رهڻو هو، انهن جو تحفظ ڪرڻو هو، يا جيئن انقلابي نظريَن ۾ آدرشي انسان پنهنجي پوري سڃاڻپ، زندگي، خاندان انقلابي آدرش ۽ انقلابي جماعت لاءِ وقف ڪندو آهي، سول سوسائٽي جو ٽڪرن ۾ ورهايل انسان اهڙو بلڪل نه آهي. هو هڪ ئي وقت گهڻن عملن ۽ تنظيمن سان جڙيل ٿي سگهي ٿو، پر ڪا هڪ ڌر يا عمل هن جي سڃاڻپ واضح نٿي ڪري. هو اهڙو اديب، استاد، رانديگر، وڪيل ٿي سگهي ٿو، جيڪو صبح تي ڪنهن خاص ناانصافي خلاف ڪنهن ڌر جي احتجاج ۾ شريڪ ٿئي ۽ شام جو تفريحي ڪلب جو به ساڳئي وقت حصو هجي. ساڳئي وقت هو پنهنجي پروفيشنل تنظيم جو به حصو هجي! ـ ڪنهن ڌر سان ڪنهن خاص ناانصافي خلاف احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جو مقصد اهو نه آهي ته هو ان ڌر سان مڪمل سھمت به هجي ۽ نه ئي هو پابند آهي ته ڪنهن خاص تنظيم يا اداري جو حصو ٿي، هو ان کي ڇڏي نه سگهي يا سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هو ڪنهن عمل ۾ انقلابي ڌر سان به گڏ ٿي سگهي ٿو ۽ ڪجهه معاملن ۾ حڪمران سياسي پارٽين جي تعريف به ڪري سگهي ٿو ۽ انهن سان گڏ ويهي انهن جي ڪنهن خاص عمل تي تنقيد به ڪري سگهي ٿو. گيلنر modularity جو اصطلاح فرنيچر مان کنيو. جيئن modular صوفا الڳ الڳ ورهايل هوندا آهن ۽ اوھان جاءِ جي ضرورت مطابق انهن کي assemble ڪري مختلف صوفن جو سيٽ ٺاهي سگهو ٿا. گيلنر جي سول سوسائٽي اهڙن ٽڪرن ۾ ورهايل ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي ئي هن مطابق انفرادي آزادين جا ضامن آهن. گيلنر جو سول سوسائٽي جو تصور 17 ۽ 18 هين صديءَ جي انقلابن واري ان ڪلاسيڪل سول سوسائٽي جي تصور يا گرامچي جي سول سوسائٽي جي تصور کان بلڪل مختلف تصور آهي، جنھن ۾ مختلف نظريَن جا ماڻهو ڪيفي تي، ميگزينن ۽ اخبارن ذريعي، مختلف يونينن ۾ پنهنجي نظريي ۽ سياست جي حڪمراني لاءِ وڙهندا هئا. ۽ ماڊيولر انسان جو تصور به ان مثالي سياسي ڪارڪن جي بلڪل مخالف آهي، جيڪو هڪ آدرش لاءِ زندگي وقف ڪري ٿو، ۽ ان ڪلاسيڪل دانشور کان به، جيڪو سچ خاطر طاقت سان ڌر تي ڪري ٽڪرائي ٿو، جنھن لاءِ ايڊورڊ سعيد چئي ٿو ته ان جي بنيادي ڪنڊيشن ”جلاوطني“ واري آهي ـ
گيلنر مطابق سول سوسائٽي جا دشمن اسان جهڙن معاشرن ۾ هڪ مارڪسزم آهي ۽ ٻيو سياسي اسلام آهي، ڇاڪاڻ ته هو فرد ۽ نظام کي پنهنجي نظريي سان مڪمل تبديل ڪرڻ گهرن ٿا. بهرحال، سرد جنگ کان پوءِ اسان ڏٺو ته اولهه اندر اهو بيانيو هليو ته پوئتي پيل ملڪن ۾ جمهوريتن جي بحالي لاءِ اُتان جي سول سوسائٽي کي سگهارو ڪيو وڃي. پوءِ اسان ڏٺو ته اسان وٽ به اين جي اوز، ٿنڪ ٽينڪ، ايڊوڪيسي تنظيمون ٺهيون. هاڻ ته اديب ۽ ادبي ميلا به ان جو حصو آهن، ماحوليات تي ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمون ۽ مزدورن اندر ٺهندڙ ٽريڊ يونيون به. انهن جو ڪم سماج جي وچين دائري وارو آھي: هڪ پاسي حڪمران جماعتن ۾ بهتر قانون سازي ۽ پاليسين لاءِ ايڊوڪيسي ۽ صلاحون ڏيڻ، خاص عملن تي تنقيد ڪرڻ، ۽ وري سماج ۾ متحرڪ سياسي جماعتن ۽ ڪارڪنن سان اينگيج ٿي انهن جي به پٺي ٺپڻ. اهو رياست ۽ طرز حڪمراني کي متوازن ڪرڻ جو سندن طريقو آهي.
سنڌ اندر پاڪستان پيپلز پارٽي ان سول سوسائٽي کي بهترين انداز ۾ ڪتب آندو آهي. ان سول سوسائٽي جي modus operandi (طريقِ واردات) سمجهڻ انتهائي اهم آهي. سڀ کان پهرين، اھا سول سوسائٽي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي هر قسم جي ناجائزي تي سماج مان اٿندڙ آواز سان اينگيج ٿيندي، پر ساڳئي وقت پيپلز پارٽي تي اصلاحي دوستاڻي تنقيد ڪندي ته ”ڏسو اوھان جمهوري پارٽي جو ڇا حال ڪيو آهي؟“ مطلب ته پيپلز پارٽي پنهنجي جوهر ۾ هڪ جمهوري ترقي پسند سنڌ دوست جماعت آهي، پر سندن ڪجهه ڪردار يا عمل خراب آهن، جن کي ٺيڪ ڪجي. وري جيڪڏهن ڪنهن وڏي عوامي دٻاءَ سبب پيپلز پارٽي جو وزير اسيمبلي ۾ دبنگ تقرير يا اعلان ڪري ڇڏي، ته سڀ کان پهريان اهي اٿي ويلڪم ڪندا: ”فلاڻي پياري جي عمل کي ويلڪم ڪيون ٿا، ۽ اها عوام جي اصل فتح آهي.ان ذريعي سول سوسائٽي سماج ۾ هر تحرڪ کي نظام جي تبديلي بجاءِ پريشر گروپ تائين محدود رکڻ چاهي ٿي، جيڪو صرف ساڳئي حڪمرانن ۾ اصلاح جو ڪم ڪري.
***
اها سول سوسائٽي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي سوال تي آواز اٿاريندي، پر اهي کنڀجن ڇو ٿا، قومي غلامي خلاف decolonization جو معاملو ڇا آهي، ان تي ڳالهائڻ بجاءِ صرف انساني حقن تائين پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي محدود رکندي. سنڌو درياءَ، ملير ۽ ڪوهستان ۾ زمينن تي قبضي خلاف ۽ مقامي ماڻهن جي دربدري کي ماحوليات جي تحفظ ۽ مقاميت جي تحريڪ ڪري کڻندي، پر ان ماحولياتي تباهيءَ پويان رياستي ڪالونائيزيشن ۽ سنڌ جي مجموعي جياپي جي سوال کي جوڙي نه کڻندي. مذهبي انتهاپسندي کي ائين ننديندي ته اسان هر قسم جي انتهاپسندي جي خلاف آهيون، پر اهو نه چوندي ته هي خاص مذهبي انتهاپسندي هن رياست ۽ پيٽرو ڊالر جي پيداوار آهي. فرينچ مفڪر بارٿ چوندو هو ته اسان طاقت جي ننگهه کان بچڻ لاءِ طاقت جي اصطلاحن ۽ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا آهيون. ان ڪري وفاق جي هر ظلم خلاف ان حلقي جو پسنديده جملو اهو هوندو آهي: ”اوھان قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان سان غداري ڪري رهيا آهيو“! اهو آهي سول سوسائٽي جو ٽڪرن ۾ ورهايل انسان، جيڪو ڪڏهن اوھان پاڻ سان به ڏٺو هوندو ۽ حڪمرانن جي پروگرامن ۾ به کيس ٻڌو هوندو.
***