موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
جيڪڏهن تاريخ جو جائزو ورتو وڃي ته عورت ازل کان ئي مظلوم ۽ ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهبي رهي آھي. اسلام کان پهرين عرب دؤر ۾ نياڻي ڄمڻ کي نحوست سمجهي کيس زنده دفنائڻ کان وٺي اڄ جي دؤر ۾ کانئس اظهار جي آزادي جو حق ڇنڻ تائين جو سفر ان ڳالهه جون ڪڙيون آھن ته، عورت هميشه ئي معاشري ۾ جنسي اڻ برابري، ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافين جو شڪار رهي آھي. عرب دؤر ۾ نياڻي کي ڄمندي زنده دفنائڻ کان علاوه کيس سماج ۾ صرف گهر  جي نوڪرياڻي جي حيثيت کان وڌيڪ ڪا نه ڏٺو ويندو هو، جنسي، سماجي توڙي ڪنھن به پھلو کان اڻ برابري جو درجو ڏئي، عورت کي هميشه حقير سمجهي سندس حق غصب ٿيندا رهندا هئا. مگر اسلام اچڻ کان پوءِ عورت کي شرعي بنيادن تي حق ۽ برابري ڏئي، کيس سماجي ۽ جنسي  برابري سان گڏ مردن جي ڀيٽ ۾ ساڳيا ئي حق ۽ عدل ۽ انصاف جي تارازي ۾ توري ساڻس شرعي طور حق تلفي ختم ڪندي، کيس سماج ۾ تحفظ ته فراهم ڪيو ويو مگر ظاهري طور عورت اڄ به عرب دؤر جي ان ئي تسلسل جو شڪار ٿيڻ کان جند ڪو نه ڇڏائي سگهي آھي. اسلام کان پهرين يا اسلام کانپوءِ، چاهي يونان يا روم جون ريتون رسمون هجن يا يهودي ۽ هندو توڙي دنيا جو ڪو به مذهب هجي، پر عورت هميشه ئي اڻ برابري جو شڪار ٿيندي رهي آھي ۽ هن جا حق غصب ڪيا ويا آھن.
هاڻوڪي دؤر ۾ به عورت محفوظ ڪونھي رهي، خاص طور تي اسان پنهنجي ڳالهه ڪيون ته اسان وٽ اڄ به عورت سماج جي هٿ ٺوڪيل پابندين ۽ ريتن رسمن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ قيد آھي، حالانڪه دين اسلام ۾ عورت جا واضح حقوق ۽ کين شرعي طور هر سطح کان تحفظ فراهم ڪيو ويو آھي، مردن سان گڏ عورتن کي به هر بنياد کان اظهار جي آزادي ڏئي کيس گهر، تعليم ۽ سماج ۾ برابري جي سطح تي رکي کيس جيئڻ جو حق ڏنو ويو آھي ۽ مسلمان ملڪ هئڻ جي ناتي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو قانوني نظام به اسلام جي قاعدن ۽ قانونن جي ئي پاسداري ڪرڻ جو پابند آهي، جنھن ۾ پڻ هر شھري مرد توڙي عورت کي آزاد ۽ پنھنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو پورو پورو حق مليل آھي، هتان جي عورت برابري جي بنيادن تي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ سماج جي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ پڻ برابر جي ڀاڱي ڀائيوار طور پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان جي آئين موجب، عورت خودمختيار ۽ عام شھري وانگر پنھنجي زندگي بسر ڪرڻ جو حق رکي ٿي پر افسوس عورتن جي معاملي ۾ اسان وٽ قانون جي پاسداري ٿيندي نظر ڪو نه اچي رهي آھي، هر روز پاڻ وٽ ڪو اهڙو واقعو ضرور رونما ٿي رهيو آھي، جتي هر روز ڪا نه ڪا هوا ڄائي نياڻي سماج جي هٿ ٺوڪيل ريتن رسمن ۽ تشدد جو شڪار ٿيندي، پنھنجي حياتيءَ تان به هٿ کڻي ويهي رهي ٿي. عورتن جي حقن ۽ تحفظ بابت پاڪستان ۾ قانون ته ڪيترائي متعارف ڪرايا ويا آھن پر انھن تي عملدرآمد اڄ به سواليه نشان بڻيل آھي. رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ ڪافي درندا اڄ به قانون جي پڪڙ کان پري آھن ۽ اسان جي نياڻين جا سفاڪ قاتل ۽ مجرم آزاد فضا ۾ گهمي ڦري رهيا آھن. ان کي لاقانونيت چئجي يا رياست جي ڪمزوري؟ خاص طور تي اسان جي سنڌ ۾ اهڙا بي شمار واقعا هر روز پيش اچي رهيا آھن، جتي ڪڏهن ڪنھن عورت کي غيرت جي نالي تي گولين جو بک بڻايو وڃي ٿو ته ڪنھن نياڻي کي لڄالٽ ۽ بليڪ ميلنگ جي ڄار ۾ ڦاسائي کيس موت جي ابدي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو.

مطلب ته عورتن سان درپيشن ايندڙ انهن مسئلن جو تدارڪ بلڪه اهڙن واقعن جي روڪٿام تمام ضروري آھي، اسان جي معاشري جو بنياد عورت ئي آھي ۽ عورت کي معاشري ۾ برابري جا حقوق ملڻ ۽ سندن تحفظ انتهائي ضروري ۽ لازم آھي. عورتن جي تذليل يا عزت پائمال ڪندڙ يا نياڻين جي رت سان رڱيل سمورن هٿن کي هميشه لاءِ ڪٽڻ گهرجي ۽ نياڻين کي قتل يا ڪنهن به طريقي سان نقصان پهچائيندڙ رهزنن کي عبرت جو نشان بڻائي ٻين لاءِ مثال قائم ڪندي نياڻين کي يقين ڏيارڻ گهرجي ته اوهان اسان جي معاشري ۾ برابر جو ميار رکندڙ حصو آھيو ۽ توهان جي حفاظت رياست سان گڏ هر شھري تي فرض بڻجي ٿي.