جيڪڏهن تاريخ جو جائزو ورتو وڃي ته عورت ازل کان ئي مظلوم ۽ ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهبي رهي آھي. اسلام کان پهرين عرب دؤر ۾ نياڻي ڄمڻ کي نحوست سمجهي کيس زنده دفنائڻ کان وٺي اڄ جي دؤر ۾ کانئس اظهار جي آزادي جو حق ڇنڻ تائين جو سفر ان ڳالهه جون ڪڙيون آھن ته، عورت هميشه ئي معاشري ۾ جنسي اڻ برابري، ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافين جو شڪار رهي آھي. عرب دؤر ۾ نياڻي کي ڄمندي زنده دفنائڻ کان علاوه کيس سماج ۾ صرف گهر جي نوڪرياڻي جي حيثيت کان وڌيڪ ڪا نه ڏٺو ويندو هو، جنسي، سماجي توڙي ڪنھن به پھلو کان اڻ برابري جو درجو ڏئي، عورت کي هميشه حقير سمجهي سندس حق غصب ٿيندا رهندا هئا. مگر اسلام اچڻ کان پوءِ عورت کي شرعي بنيادن تي حق ۽ برابري ڏئي، کيس سماجي ۽ جنسي برابري سان گڏ مردن جي ڀيٽ ۾ ساڳيا ئي حق ۽ عدل ۽ انصاف جي تارازي ۾ توري ساڻس شرعي طور حق تلفي ختم ڪندي، کيس سماج ۾ تحفظ ته فراهم ڪيو ويو مگر ظاهري طور عورت اڄ به عرب دؤر جي ان ئي تسلسل جو شڪار ٿيڻ کان جند ڪو نه ڇڏائي سگهي آھي. اسلام کان پهرين يا اسلام کانپوءِ، چاهي يونان يا روم جون ريتون رسمون هجن يا يهودي ۽ هندو توڙي دنيا جو ڪو به مذهب هجي، پر عورت هميشه ئي اڻ برابري جو شڪار ٿيندي رهي آھي ۽ هن جا حق غصب ڪيا ويا آھن.
هاڻوڪي دؤر ۾ به عورت محفوظ ڪونھي رهي، خاص طور تي اسان پنهنجي ڳالهه ڪيون ته اسان وٽ اڄ به عورت سماج جي هٿ ٺوڪيل پابندين ۽ ريتن رسمن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ قيد آھي، حالانڪه دين اسلام ۾ عورت جا واضح حقوق ۽ کين شرعي طور هر سطح کان تحفظ فراهم ڪيو ويو آھي، مردن سان گڏ عورتن کي به هر بنياد کان اظهار جي آزادي ڏئي کيس گهر، تعليم ۽ سماج ۾ برابري جي سطح تي رکي کيس جيئڻ جو حق ڏنو ويو آھي ۽ مسلمان ملڪ هئڻ جي ناتي اسلامي جمهوريه پاڪستان جو قانوني نظام به اسلام جي قاعدن ۽ قانونن جي ئي پاسداري ڪرڻ جو پابند آهي، جنھن ۾ پڻ هر شھري مرد توڙي عورت کي آزاد ۽ پنھنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو پورو پورو حق مليل آھي، هتان جي عورت برابري جي بنيادن تي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ سماج جي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ پڻ برابر جي ڀاڱي ڀائيوار طور پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان جي آئين موجب، عورت خودمختيار ۽ عام شھري وانگر پنھنجي زندگي بسر ڪرڻ جو حق رکي ٿي پر افسوس عورتن جي معاملي ۾ اسان وٽ قانون جي پاسداري ٿيندي نظر ڪو نه اچي رهي آھي، هر روز پاڻ وٽ ڪو اهڙو واقعو ضرور رونما ٿي رهيو آھي، جتي هر روز ڪا نه ڪا هوا ڄائي نياڻي سماج جي هٿ ٺوڪيل ريتن رسمن ۽ تشدد جو شڪار ٿيندي، پنھنجي حياتيءَ تان به هٿ کڻي ويهي رهي ٿي. عورتن جي حقن ۽ تحفظ بابت پاڪستان ۾ قانون ته ڪيترائي متعارف ڪرايا ويا آھن پر انھن تي عملدرآمد اڄ به سواليه نشان بڻيل آھي. رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ ڪافي درندا اڄ به قانون جي پڪڙ کان پري آھن ۽ اسان جي نياڻين جا سفاڪ قاتل ۽ مجرم آزاد فضا ۾ گهمي ڦري رهيا آھن. ان کي لاقانونيت چئجي يا رياست جي ڪمزوري؟ خاص طور تي اسان جي سنڌ ۾ اهڙا بي شمار واقعا هر روز پيش اچي رهيا آھن، جتي ڪڏهن ڪنھن عورت کي غيرت جي نالي تي گولين جو بک بڻايو وڃي ٿو ته ڪنھن نياڻي کي لڄالٽ ۽ بليڪ ميلنگ جي ڄار ۾ ڦاسائي کيس موت جي ابدي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو.
مطلب ته عورتن سان درپيشن ايندڙ انهن مسئلن جو تدارڪ بلڪه اهڙن واقعن جي روڪٿام تمام ضروري آھي، اسان جي معاشري جو بنياد عورت ئي آھي ۽ عورت کي معاشري ۾ برابري جا حقوق ملڻ ۽ سندن تحفظ انتهائي ضروري ۽ لازم آھي. عورتن جي تذليل يا عزت پائمال ڪندڙ يا نياڻين جي رت سان رڱيل سمورن هٿن کي هميشه لاءِ ڪٽڻ گهرجي ۽ نياڻين کي قتل يا ڪنهن به طريقي سان نقصان پهچائيندڙ رهزنن کي عبرت جو نشان بڻائي ٻين لاءِ مثال قائم ڪندي نياڻين کي يقين ڏيارڻ گهرجي ته اوهان اسان جي معاشري ۾ برابر جو ميار رکندڙ حصو آھيو ۽ توهان جي حفاظت رياست سان گڏ هر شھري تي فرض بڻجي ٿي.