موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سوريڪا غرور ۽ تڪبر وچان يا غلطيءَ سان 15- مئي 2026ع تي (صرف ھڪ ھفتو اڳ ۾) ڀارت جي جين - زي بيروزگار نوجوانن ۽ سياسي ۽ سماجي ورڪرز  کي ڪاڪروچ سان تشبيھھ ڏيندي چيو تھ:” اسان جو اھو نسل پورو وقت نيٽ تي ويھي وقت برباد ڪري ٿو ۽ اھي ڪاڪروچ آھن.“
16مئي تي چيف جسٽس جي وصف رکندڙ ھڪ ڪاڪروچ نالي ابيجيت سوشل ميڊيا تي Voice of  Lazy & Unemployed جي نالي سان ويب سائيٽ لانچ ڪندي، چيف جسٽس جي پوري جين - زي نسل ۽ بيروزگارن خلاف ڪيل چٿر کي ڀرپور تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ان ويب سائيٽ ذريعي Cockroch Janta Party جوڙڻ جو اعلان ڪيو. ۽ اڄ جي سياسي سماجي تاريخ جو عظيم ڪارنامو ۽ ڪرشمو ڪري ڏيکاريو آھي. 22- مئي صرف ھڪ ھفتي اندر ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پوري ڀارت جا 2.1 ڪروڙ ڪاڪروچ ميمبر ٿي چڪا آھن. سوشل ميڊيا جي ماھرن جي چوڻ مطابق، اھو انگ ڀارت جي سڀ کان وڏي  ٽوئيٽر اڪائونٽ جي ميمرشپ رکندڙ مودي سرڪار جي ڀارتي جنتا پارٽي کان سٺ سيڪڙو وڌيڪ آھي، ڪانگريس ۽ عام آدمي پارٽي تھ ان ڊوڙ ۾ ڪاڪروچن کان ڪوھين ڏور آھن، ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي اھا ميمبرشپ عام آدمي پارٽي کان ڇھوڻ تي وڌيڪ آھي.
ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو سرواڻ اڀيجيت 2020ع کان 2023ع تائين ٽي سال عام آدمي پارٽي جي سوشل ميڊيا ٽيم جو حصو رھيو آھي ۽ ھن کي اڄ جي سوشل ميڊيا جي طاقت جو ڀرپور احساس آھي ۽ ھن سوشل ميڊيا کي بھترين نموني سان استعمال ڪيو. ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي منشور مان ئي صاف ظاھر آھي تھ ڀارت جا ڪروڙين بيروزگار نوجوان پنھنجي حڪمران طبقن، اسٽبلشمينٽ ۽ موجوده سياسي پارٽين کي ئي پنھنجي بيروزگاري، غربت ۽ بيوسيءَ جو ذميوار سمجھن ٿا ۽ انھن جين - زي نوجوانن کي ان تي شديد غصو تڏھن اچي ٿو، جڏھن اھي ڦورو ۽ غاصب حڪمران طبقا وري نوجوانن کي سست، ڪاھل ، ڪمچور ۽ ڪاڪروچ سمجھن ٿا ۽ چون ٿا. انھن حڪمران طبقن جي خلاف شديد غصي ۽ غيرت جي گھرائي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي پنج-نقاطي منشور کي غور سان سمجھڻ سان معلوم ٿي ويندو.
ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو پھريون نقطو آھي تھ:”سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ريٽائر ٿيڻ جي ڇھن مھينن کان پوءِ (ڀارتي موجوده آئين مطابق) لوڪ سڀا جو ميمبر ٿي نھ سگھندو.“ ٻيو نقطو آھي:” ڪو بھ ايم پي (لوڪ سڀا ميمبر) پارٽي تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ ويھن سالن تائين ڪو بھ سرڪاري عھدو حاصل ڪري نھ سگھندو.۽ ووٽ کي چوري ٿيڻ ھرگز نھ ڏنو ويندو.
ٽيون ڪاڪروچ پارٽي اقتدار ۾ اچي ھاڻوڪي مودي سرڪار جي سڀني وزيرن مشيرن توڙي ٻين حڪومتي عھديدارن جي اڪائونٽس جي غيرجانبدار اداري کان تحقيق ڪرائيندي. چوٿون، لوڪ سڀا ۽ ٻين عھدن تي پنجاهھ سيڪڙو عورتن جي نمائندگي ھوندي.
پنجون، ڪاڪروچ پارٽي اقتدار ۾ اچي حڪومتن جي ناجائز مدد ڪندڙ ۽ حقيقي رپورٽنگ نھ ڪندڙ وڏن ميڊيا چينلن تي بندش وجھندي.
ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي پنج نقاطي منشور تي غور ڪرڻ سان ٻيو ڪجھھ سمجھھ ۾ اچي يا نھ، پر ھڪ ڳالھھ بلڪل واضح آھي تھ ڀارت جو مظلوم عوام پنھنجي حڪمران طبقن کي پنھنجي مصيبتن جو ذميوار سمجھي ٿو ۽ انھن کان شديد ترين نفرت ڪري ٿو. اھوئي سبب آھي جو جڏھن جين - زي جي بيروزگار نوجوانن کي Voice of Lazy and Unemployed جي پليٽ فارم تان پنھنجي آواز کي اٿارڻ جو موقعو مليو تھ انھن ھڪ ھڪ صدي جي سياسي پارٽين ۽ طاقتور حڪمرانن کي پنھنجي آواز جي طاقت ۽ شدت ذريعي ذري گھٽ زمين دوز ڪري ڇڏيو.
جين زي جي بيروزگار نوجوان جو ھي طاقتور آواز ڀارتي حڪمران طبقن کي ايترو ڊيڄاري ڇڏيو آھي جو انھن ڪاڪروچ پارٽي جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ڀارت ۾ بندش وجھي ڇڏي آھي.

پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جون سياسي پارٽيون توڙي حڪمران طبقا تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ دفن ڪرڻ جھڙا آھن، ڇا سنڌ جا بيروزگار ۽ ھرروز حڪمرانن جون ذلتون برداشت ڪندر جين زي ڀارت جي جين زي جھڙي ڪا ھمت ۽ غيرت ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿا؟!