سنڌ جي ورھاڱي جي خلاف سنڌ جي لڳ ڀڳ مڙني قومپرستن جي گڏيل اتحاد سنڌ ايڪيشن ڪاميٽي طرفان حيدرآباد ۾ ڪيل ڪامياب عوامي احتجاج کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ايس يو پي (سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي)جي ڪامياب احتجاج سان ملڪي اسٽبلشمينٽ جي آڏو سنڌين جو واضح موقف ۽ پيغام اچي ويو آھي تھ سنڌ جو ورھاڱو سنڌين جي لاشن تي ٿيندو، قومپرستن جي ان واضح اعلان کان پوءِ سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گهرائي، سنڌ جي ورھاڱي خلاف ھڪ دفعو ٻيھر قراردار پاس ڪري، پنھنجي ان عزم جو اظھار ڪيو آھي تھ:” سنڌ اسان جي ماءُ آھي ۽ ناقابل تقسيم آھي،“
ٻي پاسي ملڪي اسٽبلشمينٽ پاران صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي ان منصوبي تي راضي ڪرڻ جون ڪوششون پڻ اڃان تائين جاري آھن، اسٽبلشيمنٽ جي خاص نمائيندي ملڪ جي گهرو وزير محسن نقوي ان سلسلي ۾ لنڊن وڃي، صدر زرداري سان ھڪ وڌيڪ دفعا ملاقاتون ڪري چڪو آھي، ان سان گڏوگڏ مسلم ليگ(ن) جو سربراھھ نواز شريف، قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر اياز صادق، قانون جو وفاقي وزيراعظم نذير تارڙ ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ لنڊن ۾ موجود آھي، بلاول ڀٽو زرداري پڻ لنڊن پھچڻ وارو عصر سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ ملڪ جي ٻن وڏن جي وچ ۾ ڪنھن ملاقات جا قوي امڪان ظاھر ڪيا وڃن پيا، اھو ان حوالي سان بھ اھم آھي تھ چيو پيو وڃي تھ اسٽبلشيمنٽ ملڪ مان پارلياماني نظام کي ختم ڪري صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويٺي آھي، ڪجهھ صحافتي حلقا تھ واضح طور تي چئي رھيا آھن تھ، اسٽبلشيمنٽ محسن نقوي جي ذريعي صدر زرداري کي سڌو پيغام پھچايو آھي تھ، سندن ايجنڊا تي عمل ڪيو وڃي نھ تھ ٻي صورت ۾ ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪري بھ اسٽبليشمينٽ پنھنجا مقصد حاصل ڪري وٺندي. پيپلزپارٽيءَ سان ويھڙائي رکندڙ ڪجهھ حلقن جو چوڻ آھي تھ صدر زرداري محسن نقويءَ کي خاص طور تي سنڌ کي ورھائڻ واري سوال تي کتو جواب ڏنو آھي، جڏھن تھ اسٽبلشيمنٽ سان ويجھڙائي رکندڙ ڪجهھ ھمراھن جي چوڻ مطابق، لنڊن ۾ صدر زرداري، نواز شريف ۽ محسن نقوي جي گڏيل يا ڌار ڌار ملاقاتون ملڪ جي مستقبل جو مستقل فيصلو ڪنديون، ان حوالي سان صدر زرداري سان ويھڙائي جي دعويٰ ڪندڙ ھڪ پ پ پ اڳواڻ جو چوڻ آھي تھ، محسن نقوي جڏھن آصف زرداريءَ کي اسٽبليشمنٽ جو اھو پيغام پھچايو تھ:”صوبا ٺاھيو(اٺاويھين ترميم پاس ڪيو) نھ تھ اسين مارشلا ھڻي ٺاھينداسين.“ ان تي زرداري کيس جواب ڏنو تھ فيلڊ مارشل کي جيڪڏھن صدر ٿيڻ جو شوق آھي تھ ھو اھو شوق مارشلا ھڻڻ کان سواءِ ھونءَ بھ پورو ڪري نھ سگهندو، ان ڪري ڀل اوھين شوق پورو ڪريو.“
آخري نيتجي ۾ سنڌين لاءِ واضح پيغام اھو آھي تھ اسٽبليشمنٽ سنڌ کي ورھائڻ سميت پنھنجي پوري ايجنڊا مارشلا ھڻي بھ پوري ڪندي، ان ڪري سنڌين کي سنڌ ۽ سنڌ جي مفادن کي بچائڻ لاءِ جنرل ضياءُ الحق جي مارشلا کان بھ وڌيڪ بيرحم ۽ ننگي جارحيت کي منھن ڏيڻ لاءِ تياري ڪرڻي پوندي، جڏھن تھ ٻي پاسي سنڌ جو ٻچو ٻچو ذھني طرح تيار آھي ۽ فيصلو ڪيو ويٺو آھي تھ سنڌ جو ورھاڱو سنڌين جي لاشن تي ٿيندو،
ان وقت لاءِ ئي ڀٽائي شايد چيو ھو: ” چڙھندي چيائون، ويڙھھ ٿيندي وڏاندري !!“
سنڌ کي ورھائڻ جي منصوبي خلاف قومپرستن سان گڏ حيدرآباد جا ھزارين سنڌي، ”سنڌ اسان جو ناقابل تقسيم وطن آھي ۽ سنڌ جو ورھاڱو نامنظور!“ جي فلڪ شگاف نعرن سان ڪجھھ ڏينھن اڳ حيدرآباد جي روڊن ۽ رستن تي نڪري آيا. ڪيترن ئي قسمن جي ڳاڙھن جھنڊن جي جھرمر ۾ نعرو ھڪڙو ئي ھو :” سنڌ اسان جي ريڊ لائين آھي!“
ٻي پاسي گھرو وفاقي وزير محسن نقوي جي اڳواڻي ۾ ھن دفعي اسٽيبلشمينٽ بھ ھڪ ھڪاڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويٺي آھي، چيو پيو وڃي تھ اسٽيبلشمينٽ ھر قيمت تي صوبا ٺاھيندي پوءِ ان لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير کي مارشلا ئي ھڻڻو ڇو نھ پوي! تڏھن ئي ساڃاھ وند سنڌين کي بار بار خبردار ڪري رھيا آھن تھ ھن دفعي ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ :”چڙھندي چيائون تھ ويڙھ ٿيندي وڏاندري!“ ان ڪري سنڌين کي پنھنجون صفون جنگي بنيادن تي درست ڪرڻ گھرجن.!
اچو تھ غور سان جائزو وٺون ت پلان ڇا آھي؟!
پلان پراڻو آھي، شھادت کان ڪجھھ وقت اڳ نواب اڪبر بگٽي صوبن جي اختيارن بابت قومي اسيمبلي ۾ ھڪ قرارداد جمع ڪرائي ھئي، جيڪا پوءِ، ”بگٽي ڊوزير“ جي عنوان ۾ ڪتابي صورت ۾ بھ شايع ٿي، ان ۾ بگٽي صاحب صاف لکيو ھو تھ اسي جي ڏھاڪي ۾ جنرل ضياءَ الحق جي فوجي جنتا سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ وارن علائقن تي مشتمل نئون صوبو يا انھن علائقن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ھڪ پلان تي عمل ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي ھئي ۽ ان پلان کي مڪران ڊاڪٽرائين جو نالو ڏنو ويو ھو ۽ ان تي اڳڀرائي ڪرڻ ۽ ردعمل ڏسڻ جي نيت سان ان وقت جي سينيٽ جي بلوچستان جي ساحلي علائقن سان تعلق رکندڙ ٻن بلوچ سينيٽرن نوابزاده عمر گچڪي ۽ ڊاڪٽر اسحاق بلوچ کان نئون صوبو ٺاھڻ لاءِ سينيٽ ۾ قرارداد پڻ جمع ڪرائي وئي ھئي، پر پوءِ ڪيترن سببن جي ڪري، اھو منصوبو عملي جامو نھ وٺي سگھيو ھو، توڙي جو سنڌين جي مخالفت کي ڪچلڻ لاءِ ايم ڪيو ايم پڻ ٺھرائي وئي ھئي، سو سنڌين ۽ بلوچن کي اھا ڳالھھ ڳنڍ ٻڌي سڪ ڪرڻي پوندي تھ صوبن جي حوالي سان اسٽبلشمينٽ جو اھو پراڻو منصوبو آھي تھ ڪراچي ۽ ھاڻي گوادر تي پڻ قبضو ڪيو وڃي.
ٻيو منصوبو فيلڊ مارشل عاصم منير طرفان صدر ٿيڻ جو شوق پورو ڪرڻ آھي، ان منصوبي تحت ملڪ جي آئين کي پارلياماني طريقي مان صدارتي نظام ۾ تبديل ڪرڻ آھي ۽ ھر فيلڊ مارشل وانگر گھٽ ۾ گھٽ ڏھن سالن تائين اھڙو صدر ٿيڻو آھي، جنھن کان ڪو بھ پڇڻ آکڻ وارو نھ ھجي، فيلڊ مارشل ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءَ الحق ۽ آخر ۾ جنرل پرويز مشرف واري واري سان نھ صرف پنھنجو شوق پورو ڪري چڪا آھن، پر ملڪ ٽوڙڻ سان گڏ غربت، دھشت گردي ، ھيروئن آئيس ۽ ڪلاشنڪوف ۽ ڌاڙيل ۽ ايم ڪيو ايم جھڙن دھشت گرد گروپن جھڙيون ڪيتريون لنڊيون بلائون ملڪ ۽ قوم کي چنبڙائي ويا آھن، ان ڪري ھڪ نئين ڀيانڪ تجربي لاءِ پوري قوم کي تيار رھڻ گھرجي!
پلان تي عمل ڪيئن ٿيندو؟
صدر آصف علي زرداري ۽ ھن جي پ پ پ کي لٺ ۽ چٺ ڏيکاري نون صوبن، ارڙھين ترميم جو خاتمو، نيشنل فنانس ايوارڊ ۽ سنڌو نديءَ تي ڪينال جوڙڻ جھڙن منصوبن تي راضي ڪيو وڃي ۽ پھرين مرحلي ۾ اٺاويھين ترميم ھن ئي پارليامينٽ کان پاس ڪرائي وڃي، پر ٻڌڻ ۾ اھو پيو اچي تھ پ پ پ ان لاءِ راضي نھ پئي ٿئي، ان ڪري پلان بي تي عمل ڪندي اھا ترميم نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي معرفت ڪرائي وڃي، ڇاڪاڻ تھ پي ٽي آءِ جي 2008ع جي چونڊ منشور ۾ ملڪ کي 22 _ صوبن ۾ ورھائڻ جو واضح اعلان ڪيو ويو آھي، اسلام آباد ۽ پنڊي جا سياسي صحافتي حلقا تازو عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي سپريم ڪورٽ جي آرڊر کي ان پس منظر ۾ ڏسي رھيا آھن، پر چيو وڃي ٿو تھ عمران خان سان اسٽبلشمينٽ جي ڪنھن بھ ڊيل ٿيڻ کي نون ليگ پنھنجي پيرن ھيٺان زمين کسڪندي محسوس ڪري ٿي ۽ سو بھ ان صورت ۾ جڏھن نواز ليگ ۽ ان جي حڪومت کي ان خفيه ڊيل جي ڪا ٻڙڪ ئي نھ ھجي.!
پلان بي جي آڏو ٻھ وڏيون رڪاوٽون آھن، نمبر ھڪ، عمران خان جيتوڻيڪ صوبن سميت اسٽبلشمينٽ جي سڄي پلان سان اصولي طور تي متفق آھي، بلڪھ عمران خان ۽ ھن جي پارٽي اسٽبلشمينٽ جو جديد ۽ حقيقي سياسي چھرو آھي، جيڪو نواز شريف جي ضدي طبعيت مان جان ڇڏائڻ لاءِ اسٽبلشمينٽ وڏين محنتن ۽ سيڙپڪاريءَ ذريعي جوڙيو ھو، پر فوج جي اندر جي سياست عمران خان کي ھاڻوڪي اسٽبلشمينٽ لاءِ محبوب مان دشمن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ڏسڻو اھو آھي تھ محبوب جھيڙي کان پوءِ ٻيھر پرچاءُ سرچاءُ ڪري وٺن ٿا يا اھو وڇوڙو اڃان طويل آھي؟!
ٻي رڪاوٽ نواز شريف آھي، پھريون تھ نواز شريف ۽ مريم نواز پنجاب جي ورھاڱي تي راضي ٿيندا يا نھ؟
ٻيو جيڪڏھن اسٽبلشمينٽ انھن کي راضي بھ ڪري وٺي تھ عمران خان کي راضي ڪرڻ کان سواءِ ھاڻوڪيون اسيمبليون اٺاويھين ترميم پاس نھ ٿيون ڪري سگھن!
ٽيون رستو قومي حڪومت جو قيام آھي، پر اھو بھ ڪو آئيني بندوبست نھ آھي ۽ قومي حڪومت تي راضي ٿي ن ليگ ۽ پ پ پ پنھنجي ڳلي لاءِ ڦاسي جو ڦندو تيارڪرڻ لاءِ راضي نھ ٿينديون!
چوٿون رستو سڌو مارشلا جو آھي، جيڪو آھي تھ سولو، پر پنجابي اسٽبلشمينٽ جا ھڪ صديءَ جا خواب ان سان پورا ٿي نھ سگھندا، مطلب سنڌ ۽ بلوچستان جي سمنڊ تي قبضو ڪرڻ، مارشلا ھڻي اھي جيڪي بھ فيصلا ڪندا، انھن جي ڪا بھ آئيني حيثيت نھ ھوندي، مارشلا جيئن ئي ختم ٿيندي، صوبا /قومون ٻيھر پنھنجا حق وٺڻ لاءِ ميدان تي اچي وينديون، ڀل جنرل ڪورٽن جي ذريعي پنھنجي قدمن کي آئيني ڪور ڏيارين پر پوءِ بھ صوبن جي ورھاڱي جھڙا معاملا صوبا ۽ انھن جو عوام قبول نھ ڪندا.
اسان سنڌين کي ھن سڄي ميلي مچائڻ پٺيان ڪراچي تي قبضي ڪرڻ جي ڀيانڪ سازش سمجھڻ گھرجي، پوءِ اھا نواز ليگ ۽ عمران خان کي ملائي ڪئي وڃي يا سڌي مارشلا ھڻي، اسان جي وطن ڀاڱا ڪيا وڃن، سنڌين کي ھڪ ٻي مارشلا کي منھن ڏيڻ ۽ پنھنجي وطن جي ڦرجڻ خلاف ھڪ عظيم سياسي مزاحمت کي آڻڻ جي تياري ڪرڻ گھرجي،
رھيو فيلڊ مارشل جو صدارتي نظام آڻي، ڏھن سالن لاءِ ملڪ جو طاقتور ترين صدر ٿيڻ جو خواب تھ اھو مارشلا ھڻڻ کان سواءِ ممڪن نھ آھي ، ۽ پلان مطابق اھو تڏھن ڪيو ويندو، جڏھن اٺاويھين ترميم ھي اسيمبليون پاس ڪري ڪنديون، جي نھ تھ پوءِ ” ڍول سپاھيا تينون رب ديان رکان!“
***