DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
چيو وڃي ٿو ته ،انصاف ڪنهن به رياست جو سڀ کان مضبوط ٿنڀو هوندو آهي، پر جڏهن اهو ئي ٿنڀو ڪمزور ٿي وڃي، جڏهن قانون جي ترازو هڪ پاسي جهڪي پوي، جڏهن ڏوهاري آزاديءَ جا مزا ماڻين ۽ حق جي ڳالهه ڪندڙ زنجيرن ۾ جڪڙيا وڃن، تڏهن سوال صرف هڪ فرد جو نه رهندو آهي، پر پوري سماج جي ضمير جو بڻجي ويندو آهي، ڪنهن ڏاھي چيو هو ته، ”جڏهن سچ جو آواز گهٽجڻ لڳي ته سمجهو سماج جي رڳن ۾ خوف جو زهر داخل ٿي چڪو آهي.“پر تاريخ جو ٻيو سچ اهو به آهي ته هر دور ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به پيدا ٿيندا آهن، جيڪي زنجيرن جي جهنگار کان نه ڊڄندا آهن، جيڪي ظلم جي اکين ۾ اکيون وجهي سوال ڪرڻ جو حوصلو رکندا آهن، اهي ئي ماڻهو پوءِ وقت جي ورقن تي مزاحمت، سچ ۽ ضمير جي علامت بڻجي ويندا آهن، مگر اسان جي ملڪ ۾ قانون جو ٻٽو معيار ڪنهن کان لڪل ناهي، هتي سچ ڳالهائڻ جرم بڻجي ويو آهي، پنهنجي ڌرتيءَ جي وسيلن جي، پنهنجي ماڻهن جي مالڪيءَ جي ڳالهه ڪرڻ بغاوت سڏجي ٿي، حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻ دهشتگردي قرار ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته ڪرپشن جا بادشاهه، عوامي وسيلن جا لٽيرا، اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندڙ ۽ ملڪ کي معاشي تباهيءَ ڏانهن ڌڪيندڙ ماڻهو عزت، پروٽوڪول ۽ انعامن سان نوازيا وڃن ٿا، اهو به هڪ الميو آهي ته اڄڪلھھ ڪنهن به بااثر شخص، ڪرپٽ عملدار، چونڊيل نمائندي يا ڪنهن اداري جي غلط فيصلي تي تنقيد ڪرڻ واري کي بھ ڏوھي سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو  سچ لکي ٿو، جيڪو سچ ڳالهائي ٿو، ان خلاف بنا جاچ جي ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا، ڪردار ڪشي ڪئي وڃي ٿي، گرفتار ڪيو وڃي ٿو! ڄڻ ته هن ملڪ ۾ سچ ڳالهائڻ سڀ کان وڏو گناھ هجي، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هتي لکين ماڻھو  انصاف لاءِ واجھائيندي نظر اچن ٿا. مورو جي شھيدن جي رت جي ڪھاڻي ھجي، ميهڙ جي ٽن گهر ڀاتين جو هاءِ پروفائل قتل ڪيس هجي، معصوم ٻارن سان ٿيندڙ ظلم هجي، توهينِ مذهب جي نالي تي ٿيندڙ خونريزيون هجن، صحافي نصراللُّه گڏاڻي جو قتل هجي يا ناظم جوکيو جي بي رحماڻي قتل جو واقعو، ڪيترن ئي ڪيسن ۾ متاثر خاندان اڄ به انصاف جا منتظر آهن، قصور جي معصوم ٻارڙين سان ٿيل زيادتين کان وٺي سنڌ جي اغوا ٿيل نياڻين فضيلا سرڪي، پريا ڪماري ۽ ٻين ڪيترين ئي بي وس نياڻين تائين، ڪيترائي اهڙا زخم آهن، جيڪي اڃا تائين هن سماج جي سيني تي تازا آهن، منشيات فروشن جا نيٽ ورڪ، ڌاڙيلن جا ٽولا، پڪي جا ڌاڙيل ،ڪرپٽ آفيسر، عوام جي حقن جا ڦورو ۽ ڌرتيءَ جي وسيلن تي قابض مافيا اڄ به طاقتور نظر اچن ٿا، جڏهن ته قانون انهن آڏو بي وس بڻيل آھي، مگر ساڳئي ملڪ ۾ جڏهن ڪو نوجوان پنهنجي ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاري ٿو، جڏهن ڪا نياڻي پنهنجي قوم جي جبري گم ڪيل ماڻهن جي وارثي ڪري ٿي، جڏهن ڪو فرد ظلم خلاف پرامن جدوجهد ڪري ٿو، تڏهن رياست جا سمورا ادارا اوچتو جاڳي پون ٿا، جيلن جا در کلي وڃن ٿا، ٽارچر سيل آباد ٿي وڃن ٿا ۽ سزائن جا فرمان جاري ٿيڻ لڳن ٿا، اهڙي ئي صورتحال ۾ ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ جو نالو سامهون اچي ٿو، ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ جنهن پنهنجي ماڻهن جي درد کي پنهنجو درد سمجهيو. جنهن جبري گمشدگين خلاف آواز اٿاريو، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ جي زخمن تي مرهم رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دنيا کي ٻڌائڻ چاهيو ته هن سرزمين تي ڪي اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي پيارن جي واپسيءَ جا منتظر آهن، سوال اهو آهي ته سندس ڏوهه آخر ڇا آهي؟ ڇا پنهنجي مظلوم ماڻهن جي نمائندگي ڪرڻ ڏھھ آهي؟ ڇا جبري گمشدگين خلاف آواز اٿارڻ جرم آهي؟ ڇا پنهنجي قوم جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ بغاوت آهي؟ ڇا ظلم خلاف بيهڻ دهشتگردي آهي؟ يا پوءِ سچ ڳالهائڻ ئي هن دور جو سڀ کان وڏو گناهه بڻجي ويو آهي؟ جيڪڏهن اهي سڀ ڳالهيون ڏوھھ ناهن، ته پوءِ ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ کي عمر قيد جهڙي سخت سزا ڪهڙي قانون ۽ ڪهڙي انصاف جي بنياد تي ٻڌائي وئي آهي؟ هي سوال رڳو ماهرنگ جو ناهي، پر هر ان ماڻهوءَ جو آهي، جيڪو حق، سچ ۽ انصاف تي يقين رکي ٿو، موجوده وقت ۾ عوام حڪمرانن کان گهڻي حد تائين مايوس ٿي چڪي آهي، ماڻهن جي آخري اميد عدالتن سان وابسته آهي، جيڪڏهن انصاف جا در به بند ٿي ويا، جيڪڏهن عدالتن مان به اميد جو ڏيئو اجهامڻ لڳو، ته پوءِ عوام وٽ رهندو ئي ڇا؟ رياستون طاقت سان نه، پر انصاف سان مضبوط ٿينديون آهن، خوف ماڻهن کي خاموش ته ڪري سگهي ٿو، پر سندن دلين مان سوال ختم نٿو ڪري سگهي، ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ کي ٻڌايل سزا کي ڪيترائي ماڻهو حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش سمجهن ٿا، تاريخ شاهد آهي ته قيدخانا سچ کي شڪست نه ڏئي سگهيا آهن، زنجيرون سوچن، فڪر کي قيد نه ڪري سگهيون آهن، سزائون جذبن کي ختم نه ڪري سگهيون آهن ۽ حق جي آواز کي طاقت سان خاموش نٿو ڪرائي سگهجي، وقت جي عدالت هميشه طاقتور جي نه، پر سچ جي شاهدي ڏيندي رھي آهي،
شايد انهيءَ ڪري اڄ به ڪيترائي ماڻهو اهو سوال ورجائي رهيا آهن،
”جي سچ ڳالهائڻ ڏوهه آهي، ته پوءِ انصاف جي معنيٰ ڇا رهجي وڃي ٿي؟ تڏھن تھ ،سنڌ جي محبوب سچل سائين  بيباڪ چيو ھو:
”ماٺ ڪيان تھ مشرڪ ٿيان، ڪڇان تھ ڪافر!

انھيءَ وائي ور، سمجھي ڪو سچ ڏنو چئي!