DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
پريا ڪماري، فضيلا سرڪي ۽ ڪجھھ ٻين اغوا ڄاڻايل نياڻين جي باري ۾ انھن جي مائرن ۽ پيئرن سميت لڳ ڀڳ پوري سڄاڻ سنڌ ڄاڻي ٿي تھ انھن کي ڪنھن اغوا ڪيو آھي؟ ۽ ھن وقت اھي ڪھڙي ڪوٽ ۾ قيد آھن؟؟ پر بزدليءَ سبب نالا نٿا کڻن ۽ اڌ بزدلي / اڌ جرئت ( جيڪو بھ نالو ڏجي) وچان جڏھن پيپلز پارٽي جي ايم اين اي رميش ڪمار پريس جي آڏو دليري ڏيکاري آھي ۽ اقرار ڪيو  تھ پريا ڪماري کي جنھن اغوا ڪيو آھي ۽ اغوا ڪندڙ جي نالي جي کيس خبر آھي تھ پوءِ معاملو ڪافي آسان ٿي ويو آھي، آءِ جي سنڌ کي رميش ڪمار کان قانوني مدد  وٺڻ گھرجي ۽ اغواڪار تائين پھچڻ ۽ کيس گرفتار ڪرڻ ۾ دير نھ ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن آءِ جي سنڌ پنھنجو فرض منصبي پورو نٿو ڪري تھ پريا ڪماري جي والدين کي آءِ جي سنڌ کي ڪورٽ ۾ گھلڻ گھرجي، بلڪل سادا قانوني طريقا موجود آھن، پر اھو سڀڪجھھ نٿو ڪيو وڃي، آخر ڇو؟! ان جي پٺيان ڪھڙا سبب آھن؟!
چيو وڃي ٿو تھ اڳين ڌر ايتري طاقتور آھي جو ٻيا تھ ٺھيو پر پيءُ ماءَ بھ پنھنجي  ٻار جي بازيابي لاءِ  نالو کڻڻ کان ڊڄن ٿا!
ڇا ان ماءُ جي درد۽ ڪرب کان بھ وڌيڪ طاقتورآهن اغواڪار؟! جنھن جي نياڻي ھن جي اکين جي اڳيان اغوا ڪئي وئي ھجي ۽ کيس اغواڪار جي خبر بھ ھجي! پر سندن خوف ۽ نياڻي جي زندھ سلامتي لاءِ اھي ماٺ جو روزو رکن!!
پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ھڪ قسم جو  پريا ڪماري جي ماءُ پيءُ ۽ پوليس تي کليل الزام لڳايو آهي تھ انھن کي سڄي خبر آھي، پر نالو زبان تي نٿا آڻين!  اھو تھ اغواڪارن جي مدد ڪرڻ جي مترادف آھي.! 

جيڪڏھن پيءُ ماءُ نالو نھ کڻندا تھ پوءِ ڪير کڻندو؟!
ٿي سگھي ٿو تھ والدين پوليس وٽ نالو کنيو ھجي، پر پوليس روايتي وڏيري جي پرده پوشي ڪندي ھجي، ان ڪري جيڪڏھن پيءُ ماءُ کي انھن جي نياڻي سچ پچ ۾ کپي تھ کين سنڌ جي ماڻھن آڏو اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪرڻ بجاءِ ان وحشي درندي جو نالو کڻڻ کپي، جنھن وٽ پريا قيد آھي، پوءِ ڏسو تھ ڪيئن توھان جي بيوسي ختم ٿي ٿئي! ۽ سنڌ جو ماڻھو ان وحشي درندي جو حشر ٿو ڪري!
جيڪڏھن والدين کي موت جو خوف ٿو ٿئي تھ پوءِ اسين اوھان جي حالت ڏسي اوھان کي زنده انسان نٿا سمجھون، پر ھڪ اھڙو پکي ٿا سمجھون جنھن کي اڌ سير وجھي ڦٿڪڻ لاءِ پَٽَ تي اڇلايو ويو ھجي!

”جھرڪي پنھنجي ٻچي کي بچائڻ لاءِ باز سان وڙھي پوندي آھي.!!“  ***