اڻويهين صدي پورهيتن لاءِ هڪ استحصالي صدي ثابت ٿي. هن ئي صدي جي شروعاتي دور ۾ پورهيتن جي عظيم مفڪرڪارل مارڪس جو جنم ٿيو. مارڪس جي فڪر نه رڳوانساني شعور جي آبياري ڪئي، پر ان انساني تاريخ ۾ وڏيون انقلابي تبديليون آڻڻ جي فڪري سگهه پڻ پيدا ڪئي، جيتري مخالفت، نظرياتي توڙي ذاتي بنيادن تي، مارڪس ۽ سندس فڪر جي خلاف ٿي آهي، اوتري شايد دنيا جي تاريخ ۾ڪنهن ٻئي نظرئي خلاف نه ملي. مذهب کان وٺي مختلف قدامت پسند خيالن تائين، مارڪسي فڪر هر محاذ تي تنقيد ۽ مخالفت کي منهن ڏنوآهي. ان سموري تنقيد جي باوجود، مارڪس هڪ اهڙي نظرئي جو بنياد وڌو، جنهن کي تاريخ ڪڏهن به مڪمل طور رد نه ڪري سگهي آهي. هن پنهنجي نظرئي جا بنياد سائنسي اصولن تي رکيا، جنهن ڪري کيس تاريخ ۾”سائنسي سوشلزم“ جو باني سڏيو وڃي ٿو. پهرين مئي جي فڪري بنيادن ۾ به مارڪسي سوچ جو اهم ڪردار رهيو آهي. مارڪس انسانيت کي هڪ اهڙو جديد فلسفو ڏنو، جيڪو خاص طور پورهيت طبقي جي بقا ۽ حقن جي جدوجهد جو رستو هموار ڪري ٿو. پهرين مئي جوواقعو 1883ع مارڪس جي وفات کان 3 سال پوءِ 1886ع ۾ پيش آيو، پهرين مئي، جيڪا اڄ مزدورن جي عالمي ڏينهن طور ملهائي وڃي ٿي، دراصل مزدورن جي ڊگهي جدوجهد جو نتيجو آهي. اها جدوجهد ڪيئن شروع ٿي، مزدورن ان ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو، ۽ هن تحريڪ دنيا جي پورهيتن لاءِ ڪهڙا نوان در کوليا. ان کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته، ان جي تاريخي پسمنظرجو جائزوورتو وڃي.
1827ع ۾پورهيتن جي شروعاتي يونين آمريڪا جي شهر فلڊلفيا (Philadelphia) ۾ اتان جي مزدورن پاران قائم ڪئي وئي. هن تنظيم مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. مزدورن جو مطالبوهوته، انهن کان وڌ ۾ وڌ 10 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ۽ مناسب اجورو ڏنو وڃي. ان کان پوءِ، 1834ع ۾ نيويارڪ ۾هڪ بسڪيٽ ٺاهيندڙ ڪمپني جي مزدورن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ هڙتال ڪئي. انهن مزدورن سان سرمائيدار مالڪن پاران غيرانساني سلوڪ ڪيو ويندو هو ۽ کانئن 16 کان 18 ڪلاڪ تائين ڪم ورتو ويندو هو. بعد ۾آمريڪي حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ ڪم جو وقت 10 ڪلاڪ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته، نجي شعبي ۾اها پابندي مڪمل طور لاڳو نه ٿي سگهي. آمريڪا ۾مزدورن جي جدوجهد کان متاثر ٿي برطانيا ۾به لکين مزدورن پنهنجي حقن لاءِ تحريڪ شروع ڪئي، جيڪا ”چارٽسٽ تحريڪ“ (Chartist Movement) جي نالي سان مشهور ٿي. هن جدوجهد ۾ مزدورن جووڏو تعداد شريڪ ٿيو. ساڳئي وقت، آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾مزدور وڌيڪ منظم ٿي رهيا هئا.انهن سرمائيدارن کان مطالبو ڪيو ته ،انهن کان صرف 8 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي، ۽ جيڪڏهن انهن کان وڌيڪ ڪم ورتو وڃي ته، پوءِ سندن اجرت ان موجب وڌائي وڃي. آمريڪي حڪومت ۽سرمائيدار طبقو شروعات ۾انهن مطالبن کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا. جنهن جي خلاف شڪاگوجي مزدورن پهرين مئي 1886ع تي پرامن احتجاج ۽ هڙتال جواعلان ڪيو، جيڪا وڏي پيماني تي مزدور تحريڪ جي صورت ۾ اڀري آئي.
احتجاج جي شروعات اسٽارڪمپني جي مزدورن جي بک هڙتال سان ٿي. ساڳئي ڏينهن، ملڪ جا 80 هزار مزدوربه بک هڙتال تي ويٺل هئا. ان کان پوءِ مسلسل احتجاجي تحريڪ جوسلسلو جاري رهيو. سرمائيدار طبقو مزدورن جي تحريڪ کان تمام گهڻو ڊنل هو. پهرين مئي کان پوءِ مسلسل ڇهه ڏينهن تائين ملڪ جي سمورن ڪارخانن جي مزدورن پنهنجواحتجاج جاري رکيو. آمريڪي سرڪار پورهيتن جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ استحصالي طريقا استعمال ڪيا. پورهيتن ۾يڪجهتي جو عنصر تمام مضبوط هو، جنهن کي ان وقت جي آمريڪي سرڪار ٽوڙي نه سگهي. مزدورن جي ذهنن ۾آمريڪي سامراج خلاف سخت نفرت واري سوچ موجود هئي. آمريڪي حڪومت پاران مزدورن کي ڊيڄارڻ لاءِ مزدورن جي جلسي ۾ بم ڌماڪو ڪرايو ويو، ۽ آمريڪي پوليس پاران شڪاگو جي پورهيتن تي سڌيون گوليون هلايون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور مارجي ويا، جڏهن ته، ڪيترائي مزدور جيلن ۾قيد ڪيا ويا. مزدور اڳواڻن کي به سرعام ڦاهيون ڏنيون ويون ته، جيئن هيءَ تحريڪ ختم ٿي وڃي. آمريڪي پوليس جي فائرنگ ۾شهيد ٿيل مزدورن جي رت ۾ڳاڙها ٿيل لباس، جڏهن جهنڊي جي صورت ۾هوا ۾جهومڻ لڳا، ته، انقلابي تحريڪ تيزي سان اڀري آئي. اهو جهنڊو سموري انساني تاريخ ۾مزدورن جي جدوجهد جي علامت بڻجي اڀريو. هيءُ جهنڊو حقيقت ۾انهن پورهيتن جو لباس آهي، جنهن کي رت سان ڳاڙهو بڻايو ويو هو. اهو ڳاڙهو جهنڊو، اڄ ڏينهن تائين سڄي دنيا جي پورهيتن جو سڃاڻپ بڻيل آهي. پورهيتن جي مزدورتحريڪ، جيڪا آمريڪا جي شهر مان پهرين مئي جي صورت ۾ چڻنگ بڻجي اٿي، اها اڳتي هلي ڀنڀٽ بڻجي طبقاتي جدوجهد ۾شعوري سگهه ثابت ٿي. شڪاگو جي پورهيتن جي قرباني کان پوءِ، انهن شهيد پورهيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 1889ع ۾ پورهيتن جي اڳواڻ ريمينڊ ليوين جي تجويز تي 1890ع کان ”پهرين مئي“ کي پورهيتن جي جدوجهد جي ڏينهن طور ملهائڻ جي شروعات ٿي. هي ڏينهن سڄي دنيا ۾”پهرين مئي“ طور ملهايو وڃي ٿو، ۽ شڪاگو جي انهن شهيد مزدورن کي سلام پيش ڪيو وڃي ٿو.
جائزو وٺجي ته ملڪ جا 6 ڪروڙ پورهيت پنهنجي آئيني ۽ بنيادي حقن کان محروم آهن، ۽ انهن لاءِ ڪوآواز بلند ڪرڻ وارو به نه آهي. 90 سيڪڙو ادارا گهٽ قيمت تي سندن کان ڪم وٺن ٿا، جڏهن ته کين پينشن ۽ سماجي تحفظ نالي ڪابه سهولت مليل ڪانه آهي. سمورن صنعتي ادارن ۾ غيرقانوني ٺيڪيداري نظام رائج آهي. اڪثر ادارن ۾صحت جا انتظام نه هجڻ جي برابر آهن، جنهن جي ڪري هر روز حادثا ٿيندا رهن ٿا. ماضيءَ ۾ڪراچي بلديه ۽ گڏاڻي شپ بريڪنگ وارا حادثا ان جو چٽو ثبوت آهن. رياست يا حڪومت مان مزدورن جون اميدون ختم ٿينديون وڃن ٿيون. سرمائيدارن پاران حڪومتي پُٺ ڀرائي سان پورهيتن سان غلامن وارو ورتاءُ جاري آهي. ڪارخانن نجڪاري وارو عمل وڌندو وڃي پيو. بجلي، پاڻي ۽ صحت توڙي ٻيا عوامي ادارا واپارين حوالي ڪرڻ جا سانباها جاري آهن. ايڪويهين صدي ۾ به گهر مزدورعورتون غلامي جي چڪي ۾ پيسجي رهيون آهن. اقتداري ڌريون فقط ٺلها بيان ڏين ٿيون. مزدورن، پورهيتن ۽ هارين جي حالت بدلائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪابه منصوبا بندي نظر نٿي اچي. جيڪڏهن عالمي سطح جو جائزو ورتو وڃي ته، پورهيتن جي تحريڪ ملڪن جي هڪ اهم سگهه هوندي آهي، جيڪا ماڻهن جي سائنسي، سماجي ۽ علمي جدوجهد ۾ تخليقي ڪردار ادا ڪندي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا سنڌ ۾لڳاتار 18 سالن کان حڪومت ۾ آهي، سندس ”ماني، ڪپڙو ۽ گهر“ واري ڳالهه فقط منشور جو حصو بڻيل آهي. سندس ئي دور ۾ پورهيتن جي خلاف مزدور دشمن قانون به لاڳو ٿيندا رهيا آهن.
پاڪستان بين الاقوامي پورهيتن جي تنظيم (آءِ ايل او) جي 36 ڪنوينشن، جن ۾ 8 بنيادي ڪنوينشن شامل آهن، جي توثيق ڪئي آهي، پر انهن تي عمل جي حوالي سان مجرماڻي طور خاموشي اختيارڪئي وئي آهي.پاڪستان پاران ”جي ايس پي پلس“ تحت يورپي يونين سان شين جي يورپي منڊي تائين رسائيءَ جي خاص رعايت حاصل ڪري، هر سال هڪ ارب ڊالر کان به وڌيڪ آمدني حاصل ڪئي وڃي ٿي، پر مزدورن کي حق ڏيڻ وارن واعدن کان عملي طور انڪار ڪيو وڃي ٿو. عالمي ڪنوينشن سان گڏ وفاقي ۽ صوبائي قانونن کي به ڄڻ معطل ڪيو ويو آهي، جنهن جو ثبوت ڪارخانن ۽ صنعتي جڳهين تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي صورتحال مان لڳائي سگهجي ٿو. حڪومتن پاران جوڙيل پورهيتن جي قانون جو جائزو وٺجي ته هن ملڪ ۾ پورهيتن جي حقن لاءِ ڪيترائي قانون موجود آهن، جيڪي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳو ٿين ٿا. 18 هين آئيني ترميم کان پوءِ گهڻا ليبر معاملا صوبن جي اختيار ۾ اچي ويا آهن. انهن ۾اهم قانون ”انڊسٽريل ريليشن ايڪٽ 2012ع“ آهي، جيڪو مزدورن کي يونين ٺاهڻ، اجتماعي ڳالهين، پنهنجي گهرجن جي پورائي لاءِ احتجاج ۽ هڙتال ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو. ان کان سواءِ، ”منيمم ويج آرڊيننس 1961ع“ تحت گهٽ ۾ گهٽ اجورو مقرر ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ”فيڪٽريز ايڪٽ 1934ع“ ڪارخانن ۾ ڪم جي ڪلاڪن، حفاظتي انتظامن ۽ مزدورن جي تحفظ بابت بنيادي ضابطا مهيا ڪري ٿو. ساڳي طرح، ”ورڪ مينزڪمپنسيشن ايڪٽ 1923ع“ ڪم دوران زخمي ٿيڻ يا زندگي ضايع ٿيڻ جي صورت ۾ مالي معاوضي جي ضمانت ڏئي ٿو. پر اهي قانون عملي طور ڪٿي به لاڳو ناهن، جنهن جي ڪري ڪارخانن ۽ ڪم ڪرڻ وارين جڳهين تي ڪو به مناسب تحفظ موجود نه آهي، ۽ نه ئي بروقت ڪو معاوضو ڏنو وڃي ٿو.
پاڪستان عالمي سطح تي پورهيتن جي قانونن جو پابند آهي، جنهن ۾ جبري پورهيو ختم ڪرڻ، ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ جو خاتمو، يونين ٺاهڻ جي آزادي، ۽ برابري جي بنيادن تي هڪجهڙي اجرت جهڙا بنيادي اصول شامل آهن. تنهن هوندي به، عملي طور انهن قانونن تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي. طئي ٿيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت ڏيڻ جي حوالي سان ملڪ جي ڪنهن به ڪارخاني يا فيڪٽري اندر ڪو به قانون لاڳو ڪونهي. ٺيڪيداري نظام جو وڌڻ، يونينن کي ڪمزور ڪرڻ، ۽ حفاظتي قانونن تي ڪمزور عملدرآمد عام مسئلا بڻيل آهن. خاص طور غير رسمي شعبي ۾، جتي گهڻا مزدور ڪم ڪن ٿا، اتي قانونن جو اثر گهڻو ڪري نه هئڻ برابر آهي. ان ڪري ضرورت آهي ته، موجوده قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي وڌندڙ مهانگائي سان ڳنڍيو وڃي، ٺيڪيداري نظام جو خاتمو ڪيو وڃي، ۽ غير رسمي شعبي- جهڙوڪ گهر مزدور، هاري ۽ ڏهاڙي وارن مزدورن لاءِ به واضح ۽ مضبوط قانون ٺاهيا وڃن، جيئن پورهيتن کي حقيقي تحفظ ملي سگهي.
صنعتي ادارن جو جائزو وٺجي ته، پورهيتن کي دٻائڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا. نان سول رٽائرڊ ڪامورن کي فيڪٽرين ۾ رکي پورهيتن کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو وڃي ٿو. هن وقت خطي جي جيڪا صورتحال آهي، وچ اوڀر ۾ هلندڙ سامراجي جنگ کان پوءِ جيئن مهانگائي ۾ واڌارو ٿيو آهي، خاص ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌيون آهن، ان سان پورهيت طبقو ٻيڻي استحصال جو شڪار ٿي رهيو آهي. حڪومت توانائي بچائڻ لاءِ لاڪ ڊائون لڳايو آهي، ۽ هفتي ۾ صرف 4 ڏينهن سرڪاري ۽ نجي دفترن جو ڪاروبار هلائڻ جو فيصلو لاڳو ڪيو ويو آهي، پورهيت ڪيئن پنهنجي گهر جو گاڏو ڪيئن هلائيندو، حڪومتي ايوانن ۾ ان مسئلن تي ڪوبه ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. جائزو ورتو وڃي ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي عورتون گهرن ۾ ويهي پورهيو ڪن ٿيون، پر انهن جو اجورو اڃا تائين مقرر نه ٿي سگهيو آهي. ضرورت آهي ته، گهر مزدور عورتن ۽ هارين کي سماجي اداري ۾ رجسٽرڊ ڪيو وڃي. حقيقت اها آهي ته، پورهيت ئي هن ملڪ جي زندگي کي بدلائي ٿو، ڇاڪاڻ ته، سندس تعلق ملڪي معيشت سان آهي. ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائڻو آهي ته سڀ کان پهرين مزدورن کي روزگار کان ويندي سماجي تحفظ ڏيڻو پوندو. اهو ئي عمل پيڙهيل طبقي جي ضرورت آهي، ۽ اهو ئي پهرين مئي جي جدوجهد جو حقيقي پيغام آهي.