وفاقي حڪومت (5_جون) تي گھرايل قومي اسيمبليءَ جو بجيٽ اجلاس، بغير ڪو سبب ٻڌائي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آھي، بجيٽ اجلاس ملتوي ڪرڻ سان گڏ قومي اقتصادي ڪائونسل (ايڪنڪ) جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آھي، ڇاڪاڻ تھ بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ ايڪنڪ مان ان جي منظوري ورتي ويندي آھي، اھا قانوني گھرج آھي. اوچتو بجيٽ اجلاس ۽ ايڪنڪ جو اجلاس ملتوي ڪرڻ پٺيان آخر ڪھڙي ماجرا آھي؟!
اسلام آباد جي پاورڪاريڊور سان ويجھڙائي رکندڙ ميڊيا جا گرو انھن عملن کي خطري جي گھنٽي سمجھن ٿا، انھن ميڊيائي پنڊتن مطابق اسٽبليشمينٽ ھرحال ۾ اٺاويھين ترميم پاس ڪرائڻ چاھي ٿي ۽ ان پاران حڪومت کي واضح طور تي اھڙي ترميم ڪرڻ لاءِ چيو ويو ھو، پر وزيراعظم شھباز شريف ۽ سندس حڪومت ان ڦڏي ۾ پوڻ کان اڳ گھٽ ۾ گھٽ بجيٽ پاس ڪرائڻ پئي چاھي، پر سڄاڻ حلقن مطابق اسٽبليشمينٽ حڪومت جي ان عمل کي cheating سمجھندي، حڪومت تي دٻاءُ وجھي بجيٽ اجلاس ئي ملتوي ڪرائي ڇڏيو ۽ وزيراعظم کي خاص ٽاسڪ ڏيندي اٺاويھين ترميم تي صدر آصف علي زرداري ۽ ان جي پيپلزپارٽي کي ڪنھن بھ طور تي راضي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آھي، انھن حلقن جي چوڻ مطابق شھباز شريف کي واضح طور چيو ويو آھي تھ، جيڪڏھن ھن جي حڪومت اھم ڪم نھ ٿي ڪرڻ چاھي يا نٿي ڪري سگھي تھ پوءِ حڪومت کي پنھنجا ٽپڙ ٻڌڻ گھرجن.
اٺاويھين ترميم آخر آھي ڇا؟؟
اسٽبليشمينٽ پاران ليڪ ڪيل ھڪ خبر مطابق اٺاويھين ترميم ذريعي آئين ۾ ھيٺيون ترميمون تجويز ڪيون ويون آھن:
نيم صدارتي نظام جو نفاذ
صحت، تعليم، آبادي ۽ معدنيات جون وزارتون وفاق حولي ڪرڻ.
قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جي نئين سر جوڙجڪ.
مڪاني حڪومتن جي نظام کي وفاق جي حوالي ڪرڻ.
ڪراچي ۽ گوادر کي وفاقي علائقا قرار ڏيڻ
نون صوبن جو قيام.
وفاقي آئيني عدالت کي گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ.
سڀني صوبائي سول سروسز کي ضم ڪري، گڏيل پاڪستان سول سروسز جو قيام.
ووٽ ڏيڻ جي گھٽ ۾ گھٽ عمر 25 سال مقرر ڪرڻ. وغيرھ
ڇا مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي اھو سڀڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار آھي؟ ڇو تھ ترميم سان تھ صوبائي خودمختياري مڪمل طرح ختم ٿي ويندي ۽ ون_ يونٽ کان بھ وڌيڪ خراب صورتحال ٿي ويندي.
مسلم ليگ (ن) پنجاب جي نمائندھ پارٽي آھي ۽ وفاق کي ملندڙ سڀ آئيني اختيار توڙي ناڻو ڦري گھري پنجاب ۾ ئي اچي ٿو، انڪري مسلم ليگ (ن) کي راضي ٿيڻ ۾ ڪا تڪليف نھ ٿيندي، آخر مکڻ ٿڦئي ان جو مٿو خراب ڇو ٿيندو؟؟ سوال پيپلزپارٽي جوآھي، صدر زرداري ۽ بلاول ڇا ڏيئي ايندا ۽ ڇا بچائي ايندا. اسان سنڌين جي دلچسپي ان ۾ آھي.
اسلام آباد جي ڄاڻو حلقن ۾ ڪا وچ واري واٽ ڪڍڻ جا پڻ چوٻول آھن، رانا ثناءُ اللھ جي ان بيان کي بنياد بڻايو پيو وڃي تھ، صوبن کي ملڪ جي دفاع لاءِ پنھنجي حصي مان مخصوص فنڊ وفاق جي حولي ڪرڻ گھرجي. سوال آھي تھ ڪيترو فنڊ؟ وفاق جو پيٽ تھ شيطان جي پيٽ کان وڏو آھي، اھو ڪڏھن بھ ڀرجڻو ناھي، ھڪڙو فنڊ ڏيئي بيھنداسين تھ ٻي جي گُھر ڪندو!
رانا ثناءُ اللھ جي بيان جي ساڳي سُر ۾، آصف علي زرداري پڻ عيد تي نوشھرو فيروز ۾ آلاپيندي چيو:” اسين اسٽبليشمينٽ جا ھٿ مضبوط ڪنداسين.“
آصف علي زرداري کي اھا پراڻي خام خيالي آھي تھ ھو اسٽبليشمينٽ سان شطرنج جي راند کيڏي رھيو آھي، پر ان کي اھو ھرگز نھ وسارڻ گھرجي تھ، ھو ان شطرنج ۾ پيادي کان وڌيڪ ڪا حيثيت نھ ٿو رکي، اسٽبليشمينٽ اڳ ۾ ئي تمام گھڻي مضبوط آھي، ان جا وڌيڪ ھٿ مضبوط ڪرڻ سان ڪٿي ھو پنھنجا ھٿ نھ ڪٽائي ويھي!
چيو وڃي ٿو تھ، وزيراعظم کي تڙي ڏني وئي آھي، يا تھ ھو اٺاويھين ترميم پاس ڪيو نھ تھ ٽپڙ ويڙھيو، توھان کي پاڪستان جي ماڻھڻ ووٽ ڪونھ ڪيا آھن، اسان فارم 47 تحت اوھان کي زبردستي قوم مٿان مڙھيو ويٺا آھيون، ان حوالي سان اسٽبليشميٽ وٽ ٽي آپشن چيا وڃن ٿا:
مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي ٻين پارٽين کي راضي ڪن، اٺاويھين ترميم سڄي يا ان جو ڪو لازمي حصو (في الحال) پاس ڪرائين.
آئيني ڪورٽ ذريعي ٽن سالن لاءِ ڪيئرٽيڪر حڪومت قائم ڪري، آئين ۾ ترميمون ڪرايون وڃن ۽ آئيني ڪورٽ کان انھن جي منظوري ورتي وڃي، آخر آئيني ڪورٽ جي ججن کي ڪو تھ ڪم ڪرڻو آھي، ڀلا مفت جون پگھارون ۽ سھولتون انھن کي ڇو ڏجن.
چيو وڃي ٿو تھ، جيڪڏھن گيھھ سڌي آڱر سان نھ نڪتو تھ اسٽبليشميٽ کي ملڪ جي اندر ۽ ملڪ کان ٻاھر مقبول ۽ طاقتور ھئڻ جو ان حد تائين غرور آھي جو، اھا ملڪ ۾ مارشلا بھ ھڻي سگھي ٿي. ان حوالي سان سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي ڪافي دفعا چئي چڪو آھي تھ ملڪ ۾ مارشلا جي لڳڻ جا پڻ امڪان آھن.
بجيٽ اجلاس کي ڊگھي عرصي تائين ملتوي ڪري نٿو سگھجي، انڪري جيڪو ٿيئڻو آھي، سو ھفتي يا ڏھن ڏينھن جي اندر ئي ٿيڻو آھي ۽ جيڪو ٿيئڻو آھي پاڻ جلد ان کي ڀوڳينداسين!
سنڌ جي سڀني قومپرست، ترقي پسندن ۽ ڪميونسٽ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پنھنجي آدرشن، نظرين ۽ نعرن جي لڄ رکڻ گھرجي!
ان ڳالھھ ۾ ڪوبھ شڪ ناھي تھ، سنڌ جي ورھاڱي کي روڪڻ ۽ سنڌ جي اثاثن جو دفاع ڪرڻ سنڌين جي ووٽن تي ڏھاڪن کان اقتدار جا مزا ماڻيندر حڪمران پارٽي (پ پ پ) جي سڀ کان اول ذميواري آھي، پر اسين سڀ ڄاڻون ٿا (پ پ پ) اقتدار پرست پارٽي آھي ۽ اھا اقتدار جي ڪري، جيڪڏھن سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندي تھ مني صدي کان سنڌ سنڌ ڪندڙ ۽ سنڌ تي سر گھوري ڇڏڻ جا وعدا وچن ۽ قسم کڻندڙ جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ رسول بخش پليجي جي نظرئي ۽ سياست سان جڙيل پنج درجن کن گروپ آخر ڪھڙي مرض جي دوا آھن؟!
بلاول گلگت بلتستان ۾ کليو چيو آھي تھ، وفاق ڪراچي ۽ گوادر کي اسلام آباد کان ھلائڻ چاھي ٿو ۽ ٻي پاسي اين ايف سي مان سنڌ جو ناڻو ھڙپ ڪرڻ لاءِ اٺاويھين ترميم جا چوٻول ٻڌڻ ۾ پيا اچن.
چيو وڃي تھ، وڏن ۽ طاقتورن وٽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽي طريقا موجود آھن :
1. زرداري صاحب کي ڏنڊو ڏئي يا لالچ ڏئي راضي ڪيو وڃي.
2. (پ پ پ) جي راضي نھ ٿيڻ سان آئيني ڪورٽ جي ذريعي آئين ۾ گھربل ترميم ڪرائي وڃي.
3. نھ تھ آخري صورت ۾ مارشلا ھڻي، سنڌين کي سڌو ڪجي.
وفاق ھر قيمت تي سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ چاھي ٿو ۽ پ پ پ آخري وقت تائين سھولت ڪاري کي ترجيح ڏيندي ۽ ٻي پاسي قومپرست ۽ ترقي پسند اڪثر گروپ يا تھ پ پ پ جي کيسي ۾ پيا آھن يا وري ٻيا پ پ پ کي ذميوار ٺھرائي پاڻ کي آجو ٿا ڪن. سنڌ جي حفاظت صرف پ پ پ جي ذميواري ناھي، سڀني سنڌين جي گڏيل ذميواري آھي ۽ قومپرستن ۽ ترقي پسندن جي سڀ کان وڌيڪ، ڇاڪان تھ اھي سنڌ سان عشق ڪرڻ جا ھميشه داعي رھيا آھن، ايندڙ وقت انھن جي عشق جي امتحان جو وقت آھي، وقت ثابت ڪندو تھ انھن مان ڪير سچو مجنون ھو ۽ ڪير ڪُٽي کائو مجنو آھي؟!!
بھرحال سائين جي ايم سيد، باباءِ سنڌ ۽ رھبر ڪير قوم جو، جي نطرئي ۽ سياست سان واڳيل پارٽين/گروپن توڙي انڊويڊيوئلز کي پنھنجي رھبرن جي لڄ رکڻ گھرجي! ۽ سنڌ تي علاءُ الدين خلجي کان بھ وڏي حملي جي چوٻول م سنڌ جي دفاع جو پلان جوڙڻ گھرجي!
عيد تي نوابشاهھ ۾ جڏھن آصف علي زرداري چيو تھ: ”اسان اسٽبلشمينٽ جا ھٿ مضبوط ڪنداسين.“ سندس بيان تي سنڌ واسين کي ڪوبھ تعجب نھ ٿيو! ڇاڪاڻ تھ زرداري صاحب گھڻو وقت اڳ ۾ اھو فيصلو ڪري چڪو ھو تھ ھن جي آڏو وطن، سنڌ يا ماڻھن جا بنيادي حق ڪابھ معني نٿا رکن، ھن لاءِ جيڪا شيءَ معني رکي ٿي، اھو آھي اقتدار ۽ پئسو. انھن ٻنھي شين لاءِ کين اسٽبلشمينٽ يعني پنجاب جي حڪمران طبقن جي ايجنڊا کي من و عن پورو ڪرڻو پوندو، ۽ اھو ڪم ھو پوري ايمانداري سان ڪري رھيو آھي.
ڇويھين توڙي ستاويھين ترميم زرداري صاحب جي ڪمال اتم درجي جي فرمانبرداري کان سواءِ ھرگز پاس نھ ٿي سگھي ھا ۽ ظاھر آھي اٺاويهين ترميم بھ وڏي صاحب جي ڀرپور مڙسي ۽ پوري بيحيائيءَ کان سواءِ ھرگز پاس ٿي نھ سگھندي، اڳيون ترميمون بھ صاحب پوري قيمت وٺي پاس ڪرايون ھيون ۽ ھاڻي بھ پوري قيمت وٺڻ کان سواءِ پاس نھ ڪرائيندو، ان ڳالھھ ۾ اوھان سنڌي يقين محڪم رکو!
قيمت ڇا آھي؟؟!!
وڪڻڻ لاءِ سنڌ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ناھي ڇا؟
سنڌ جو غدار جاگيردار طبقو گذريل مني صديءَ کان سنڌ کي ايئن پيو کپائي، جيئن ڪنھن شاھوڪار ماءُ پيءُ جو کريل جواري ھيروئني اولاد انھن جا اثاثا کپائيندو آھي، جيئن ھيروئني آخر ۾ ماءُ جي سٿڻ بھ کپائيندو آھي! آصف علي زرداري جيڪڏھن سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورھائي پنجابين جي اھا بھ خواھش پوري ڪندو تھ ھو بھ جھڙوڪ ھيروئني وارو ئي ڪم ڪندو!
آئون گذريل رات ڪجھھ پراڻن سرخن دوستن سان گڏ ڪنھن محفل ۾ ھوس، انھن پڪ پئي ڏياري تھ زرداري صاحب اھڙا ڪڌا ڪم ڪونھ ڪندو، پر سرخن سان گڏ ڪجھھ سبز وارن سان ويجھڙائي رکندڙ دانشور بھ ھيا، انھن معني خيز مرڪن سان پئي ٻڌايو تھ، سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ صوبا ٺاھڻ وڏن جي ايجنڊا جو اھم حصو آھي، پر اھي سڀ ڪم ھڪ وقت ڇو ڪندا؟! انھن پنھنجا ڪجھھ ڪم ڇويھين ترميم وسيلي ڪيا، ڪجھھ ڪم ستاويھين ترميم وسيلي ڪيا، ڪجھھ ڪم اٺاويھين ترميم وسيلي ڪندا تھ ڪجھھ ڪم اڻٽيھين ٽيھين ترميم وسيلي ڪندا، آئين ترميم ڪرڻ کان منع تھ نٿو ڪري، ايوان ۾ انگ ئي تھ پورو ڪرڻو آھي، اھو پورو ڪرڻ يارن جي کٻي ھٿ جي راند آھي، مون ھڪڙي دانشور کان پڇيو تھ: ”اٺاويھين ترميم ۾ يارن جي باٽم لائين ڇاھي؟“ وڏي وات چيائين: ”زرداري ئي کين صلاح ڏني آھي تھ صوبن جي ڳالھھ ميڊيا تي دھلن دمامن سان ڪيو، اسان پ پ پ وارا گڊ ڪاپ، بئڊ ڪاپ توھان سان کيڏنداسين، صوبن تان توھان ھٿ کڻي وڃجو اين ايف سي ايوارڊ کي ٻڪرو بڻائي، اسان توھان کي ڏينداسين، وفاق کي بھ صوبن جا پئسا کپن صوبن سان اڳئين جنم جو وير پنجاب کي بھ ڪونھي!
صوبن جي حصي مان دفاع لاءِ حصو. تعليم صحت ۽ آدمشماري جي کاتن تي ٻاھران فنڊ ملن ٿا، ان ڪري انھن فنڊن خاطر اھي کاتا وفاق جي حوالي ڪيو.
گئس وفاق ۽ صوبن ۾ پنجاهھ پنجاهھ سيڪڙو جو فارمولا سان صوبن وٽ ججھا پئسا ٿا وڃن، ۽ ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات صوبن کي ڇو ڏينداسين، ان ڪري معدنيات اسان کي کپي، زمينون لکين ايڪڙ اڳ۾ ئي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي وٺي چڪا آھن، اٺاويھين ترميم ۾ ايترو ڪافي ناھي، صوبا ٻي ترميم ۾ ٺاھيندا!“
اھو چئي سبز دانشور وڏو ٽھڪ ڏنو، ھو منھنجي چھري جي تاثرن کي پڙھڻ لڳو تھ مون پنھنجي سرخن يارن جي چھرن کي ڏسڻ لڳس، انھن يڪ زبان ٿي چيو :”نھ نھ ايترو ڪونھ ٿيندو!“
“ڪيترو ٿيندو ڪامريڊ؟ “ مون پوري ادب ۽ احترام سان پڇيو .
”ڪجھھ نھ ڪجھھ تھ ڏيڻو پوندو!“
منھنجي سرخي يار چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪو ڏنو. منھنجو اھو سرخو دانشور يار اڄڪلھھ گھرو وزير لنجار صاحب جي ڏاڍو ويجھو آھي، مون چيو :”تنھنجي نئين صاحب تھ زرداري صاحب جي لنجار ھائوس مان نڪرڻ کان اڳ ئي پاليسي بيان ڏئي ڇڏيو تھ:”اسان کي درياءَ کان پاڪستان وڌيڪ پيارو آھي، پاڪستان اسان کي بھ پيارو آھي، پر جيڪڏھن ان جي آڙ ۾ اسان جي ڌرتي تي قبضو نھ ڪيو وڃي.“
”نھ نھ لنجار صاحب اھڙو ڪو بھ بيان ناھي ڏنو.“ يار پنھنجي نئين صاحب جو دفاع ڪرڻ لڳو تھ مون چيو، ”بيان جي ترديد ڇو نٿا ڪرايو؟“
ھن غصي سان وراڻيو :”ڪيتريون ترديدون ڪنداسين.“
مون سندس چھري کي چتائي ڏٺو، پئسي جي چمڪ دمڪ چڱي ڀلي ماڻھوءَ جي منھن تان مڻيا چورايو وڃي!
زرداريءَ جو رڳو اھو ڏوھھ ناھي، جو ھن بينظير ڀٽو شھيد جي عظيم اسٽبلشمينٽ مخالف عوام دوست سياست ۽ جدوجھد کي ڪوڙين مٺ تي وڪڻي ڇڏيائين، پر ھن جو ان کان بھ وڏو ڏوھ اھو آھي، جو ھن غدارن جو اھڙو ”سي ڪئٽيگري“ جو ڪلاس پيدا ڪيو آھي، جيڪو سنڌو درياھ جي ايتري اھميت بھ نٿو ڄاڻي تھ سڄو پاڪستان ”سنڌو درياهھ شاهھ بادشاهھ“ جي ڪري ئي آھي، ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون نھ ھجن تھ لنجار ۽ اسان جي وڏن کي پن جي ماني بھ نھ ملي ھا!
لنجار جي معاملي تي سبز واري منھنجي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو تھ ھو ايجنسين وٽ پاڻ کي وڻائڻ لاءِ ٻين کان وڌيڪ چاپلوسي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھي، فريال ٽالپر کيس وزير اعليٰ ڏسڻ گھري ٿي. ان ڪري ”اٺڻي ھڻي اٺ تھ توڏي ھڻي تيرنھن!“
وفاقي بجيٽ کان پوءِ ٻلي ٿيلھي کان ٻاھر نڪري ايندي، ڏسجي تھ سرخا صحيح آھن يا سبز وارا؟؟!
***