سنڌ فقط ڪنهن خطي يا هڪ صوبي جو نالو نه آهي، پر سنڌ ڌرتي ته هزار سالن جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي سڃاڻ ۽ اهڃاڻ رهي آهي، هن ڌرتيءَ تي هميشه پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو سنگيت آلاپجندو رھيو آھي. اها سنڌ ڌرتي جنهن ۾ شاهه ڀٽائيؒ، ؒ سچل سرمستؒ ۽ ٻين هزارين عظيم بزرگن ۽ خدا جي پياري ولين جي نگرين تي هميشه پيار، محبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو، اتي شيخ اياز ۽ سامي سميت سنڌ جي بي شمار شاعرن، اديبن ۽ قلم ڌڻين به پنهنجي عظيم سنڌ ڌرتي ۽ پنهنجي قديم سنڌي ٻولي جي وارثي ڪئي آهي. موئن جي دڙي کان وٺي قديم آثارن، قدرتي وسيلن ۽ معدنيات جي صدين کان ڌڻي رهندڙ سنڌ ڌرتي پنهنجي تاريخ تي هميشه ناز ڪندي نظر آئي آهي، پر وقت جي وهڪري سان گڏ ماضي کان وٺي مختلف سازشن تحت هن سرزمين تي دشمنن جي ڪاهه ۽ ويرين جي يلغار به رهي آهي، پر موٽ ۾ هميشه سنڌ ڌرتي جي سپوت وارثن ۽ ديده دلير سنڌ واسين هميشه انهن سنڌ۔ دشمنن، تمام هٿڪنڊن ۽ سازشي ٽولن جي سازشن ۽ ويڙهه کي ناڪام بڻائيندي مخالفن کي هميشه شڪست ڏني آھي.
سنڌ جي سرزمين نه رڳو هاڻي پر ذرخيزي ۽ جاگرافيائي اهميت سبب ازل کان ئي ڌارين قومن، دشمن صفت قوتن ۽ ويرين جي اک ۾ ڪنڊو ٿي رهي آهي، امن جو گهوارو هئڻ سان گڏوگڏ وڻج واپار سبب خوشحال توڙي شاهوڪار سنڌ تي ماضي کان ئي دشمن صفت قوتن ۽ ڌارين قومن جا حملا ۽ ڪاهون ٿينديون رهيون آهن، پر تن مان ڪي ڌاريون قومون ڦرلٽ جي ارادي سان سنڌ ۾ ڪاهي پونديون هيون ته ڪي وري سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جا سانباهه ڪندي سنڌ تي يلغار ڪنديون ھيون. هر دؤر ۽ هر محاذ کان انهن سنڌ دشمن عناصرن ۽ ويرين کي سدائين شڪست جو ئي مزو چکڻو پيو آهي. يعني سنڌ تي حملا يا سنڌ تي ڪاهه توڙي سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ماضيءَ کان ٿيندي رهي آهي، پر سنڌ جي مارن ۽ سنڌ جي وارثن هر وقت متحد رهي، سندن ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي.
ڪڏهن يونان جي سڪندراعظم ۽ ارغونن جي سنڌ تي ڪاهه ته ڪڏهن انگريزن ۽ عربن جا حملا ته ڪڏهن وري محمود غزنوي ۽ ترخانن ۽ مغل بادشاهن ۽ حاڪمن جا ڪلور، ڦرلٽ، جبر، ڏاڍ ۽ ظلم سان گڏو گڏ سنڌ ۾ ڌارين قومن، پناهگيرن ۽ دشمن صفت عناصرن طرفان ڦرلٽ، قتل غارت ۽ عدم تحفظ سنڌ واسين ۾ خوف ۽ حراس ڦهلائيندي تمام گهڻو نقصان پهچايو، پر تنهن باوجود سنڌ جي سرزمين اڄ به پنهنجي وحدت ۽ وجوديت قائم ۽ دائم رکندي پئي اچي.
سنڌ ڌرتي جا ماڻهو تمام گهڻا مهمانواز ۽ دل جا سخي هوندي هميشه در آئي دوست توڙي دشمن کي به دل سان آڌرڀاءُ ڪندا رهيا آهن ۽ بي گهر پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ به ڪو سنڌواسين کان سکي، پر تاريخ گواهه آهي ته سنڌ هميشه جن به پناهگيرن ۽ آيل مهمانن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن، پر انهن ئي اڳتي هلي سنڌ جي سرزمين تي بري نظر وجهندي سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ سنڌ جي وجوديت کي مسمار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن، جنهن سان پڻ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي هميشه دل آزاري ٿيندي رهي آهي. اهي پناهگير جن کي اسان جي وڏڙن هميشه دل ۾ جايون ڏئي پنهنجي سرزمين تي رهڻ لاءِ ڇت ڏني، پر اهي هميشه سامراج قوتن ۽ سازشي ٽولن سان ٻٽ بڻجي سنڌ کي نقصان پهچائڻ، سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ ۽ سنڌ کي ٽوڙي حصا ڪرڻ جهڙين ناڪام سازشن ۾ ملوث رهيا آهن، پر هميشه سنڌ جي حلالي پٽن ۽ سنڌ جي جانثارن متحد بڻجي سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن ڏانهن ميري اک کڻندڙن جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.
ماضي ته اهڙن قصن ۽ واقعن سان ڀري پئي آهي، جيڪي مختلف وقتن تي ڪاهون، حملا ۽ سازشون ڪري سنڌ جي وحدت ۽ وجود تي اثرانداز ٿيا آهن، پر هاڻوڪي وقت ۾ به انهي سازشن جو تسلسل رڪيو ڪين آهي، بلڪه وقتن بوقت مختلف حربا استعمال ڪندي سنڌ جي وحدت ۽ وجود تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ڪڏهن ٻٽو نظام ته ڪڏهن سنڌ جي وسيلن، معدنيات ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي داڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، ته ڪڏهن سنڌ جي ڌڙڪندڙ دل ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا بي سرا گيت به ڳايا ويندا آهن، پر تاريخ گواهه آهي ته ڪيترا به ويڇا ۽ اختلاف هئڻ باوجود اسان جا سنڌواسي هميشه اهڙين سازشين خلاف هڪ پيج تي اچي بيٺا رهيا آهن ۽ انهن سازشي ٽولن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائيندي هميشه کين اک ڏيکاري پاڻ ملهايو آهي، ۽ اها ئي وقت جي اهم ضرورت آهي ته پاڻ سڀ ويڇا ۽ اختلاف وساري متحد ٿي رهون ته جيئن ڪو به ڪانئر پنهنجي خوبصورت ۽ سرسبز سنڌ جي سرزمين ڏانهن ميري اک کڻي نه ڏسي سگهي، پنهنجو متحد رهڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي ڌرتي هميشه سنڌ دشمن ۽ سازشين جي نشاني تي رهي آهي، جيئن سنڌ جي محبوب شاعر حليم باغي چيو آهي ته؛
اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾،
سدائين نشان تي، سدا امتحان ۾!