موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
ٻولي ڪنھن به خطي ۽ قوم جي سڃاڻ، جياپو ۽ سماج ۾ سندس شناخت هجي ٿي، ڪنھن به ٻولي جي بقا ان خطي ۽ قوم جي بقا سمجهي وڃي ٿي. ٻولي معاشري ۾ ڪنهن به قوم جي زندھ هجڻ جي علامت هجي ٿي۔ اسان جي سماج ۾ تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آھي، جن پنھنجي  ٻولي کي وساريو تھ اھي قومون  تاريخ  جي ورقن ۾ ئي دفن ٿي ويون.  اهڙي طرح وري اهي قومون يقينن خوشقسمت سمجهيون وڃن ٿيون جن جون ٻوليون تاريخي حيثيت رکڻ سان گڏوگڏ پنھنجي ادبي ذخيرن سان مالامال آھن، انھن مان ھڪ سنڌي ٻولي بھ آھي.  صدين کان ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻولي لاءِ محقق لکن ٿا ته سنڌي ٻولي سنسڪرت کان به قديم ۽ تاريخي ٻولي رهي آھي، سنڌي ٻولي کي پنھنجي رسم الخط ۽ لغت موجود آھي.
ھاڻي جيڪڏهن اسان پنھنجي سنڌي ٻولي جي بقا جي ڳالھھ ڪنداسين ته ضرور پاڻ کي اھا ڳالھھ پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ ککندي ته ڇا واقعي اسان جي ٻولي جي بقا ايندڙ صدين تائين يقينن آھي؟ يا ڇا اسان جي ٻولي واقعي وقت جي مضبوط هٿن ۾ آھي؟ ته ان جو جواب يقين سان بلڪل به نه هوندو، ڇاڪاڻ ته اسان جي قديم سنڌي ٻولي هن وقت اسان جي تقريبن نئين نسل کان وسرندي  پئي وڃي، جيڪڏھن پاڻ پنھنجي ارد گرد نظر ڦيرائينداسين ته اسان کي ان ڳالھھ جو پتو ضرور پئجي ويندو ته سنڌي ٻولي اسان جي نئين نسل کان بلڪل ختم ٿيندي پئي وڃي، جنھن سان سنڌي ٻولي جي بقا يقيني طور خطري ۾ اچي وڃي ٿي. پاڻ سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي جيڪڏهن صرف تعليمي ادارن ۾ ئي نظر وجهون ته سرڪاري اسڪولن کي ڇڏي باقي تقريبن گهڻي ڀاڱي نجي ادارن مان سنڌي ٻولي پڙھائڻ جو رواج ختم ٿيندو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي نئين نسل جي ٻارڙن مان سنڌي ٻولي پڙھڻ ۽ لکڻ جو رجحان بلڪل ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ ان ڳالھھ کي به مڃڻو پوندو ته پڙھڻ ۽ لکڻ کان سواءِ ڪنهن به ٻولي جو اُسرڻ ۽ ان جو آئيندو ڪيترو جٽادار ٿي سگھي ٿو؟.
تعليمي ادارن کان علاوه به جيڪڏهن پاڻ پنهنجي ارد گرد پنهنجي معاشري جو جائزو وٺون ته پاڻ کي چڱيءَ طرح اندازو ٿي ويندو ته اسان جي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اسان جا رهائش پذير سنڌي ماڻهو ڌارين ٻولين کي اپنائڻ ۾ فخر محسوس ڪندي پنهنجي مادري سنڌي ٻولي جي استعمال ڪرڻ بجاءِ ڌارين ٻولين کي ترجيح ڏيڻ وڌيڪ پسند ڪن ٿا، جنهن سبب گهر يا گهر کان ٻاهرين ماحول ۾ ڌاري ٻولي اسعمال ٿيڻ سبب اسان جو نئون نسل پڻ مادري سنڌي ٻولي جي ڀيٽ ۾ اردو ٻولي کي اھميت ڏي ٿو.
پنج هزار سال پراڻي سنڌ جنھن جو ماضي ايترو شاهڪار ۽  شاندار رهيو هجي ۽ پوري دنيا جي ڀيٽ ۾ هي صنعت ۽ واڻج واپار جو مرڪز ھجي، سنڌ جو اقتصادي نظام پوري دنيا جي سامهون مضبوط ۽ مستحڪم رهيو هجي، تاريخي تهذيب ۽ تمدن جي رواداري ۽ ڀائپي ۽ امن جو گهوارو رهيو هجي مگر اڄ حاليه وقت ۾ ان قديم سنڌ جي قديم ٻولي جي بقا جو اونو ٿيڻ لڳي ته يقينن اهو سنڌ جي رهندڙ هر فرد جي منھن تي تماچو آھي. وڏو الميو ته اهو آهي جو سنڌي ٻولي جيڪا بر صغير جي تاريخ ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکندڙ ٻولي  آھي ۽ ورهاڱي کانپوءِ ان ٻولي کي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قومي ٻوليءَ جي درجي جو به اختيار نه ملي سگهيو آھي ته باقي ان ٻولي جي بقا يا مستقل مزاجي تي ڪهڙو ماتم ڪجي؟ ؟
سنڌي ٻولي جيڪا هزارن سالن کان تاريخ ۽ تهذيب جي وارث رهي هجي اڄ اها ٻولي افسوس سان پنهنجي بقا خاطر جنگ وڙهي رهي آھي، ان ڪري سنڌ ۾ رهندڙ هر فرد تي پنهنجي ٻوليءَ خاطر ڪيتريون ئي تعليمي ۽ سماجي توڙي سياسي ذميواريون عائد ٿين ٿيون. سنڌ جي حڪومتي نمائندن، سڄاڻ ڌرين ۽ قلم ڌڻين سان گڏو گڏ سنڌ جي هر فرد کي ان لاءِ سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ تعليمي ۽ سماجي توڙي سياسي ذميواريون ادا ڪندي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته سنڌي ٻولي جي بقا خاطر هر تعليمي اداري خاص طور تي نجي تعليمي ادارن ۾ نرسري کان وٺي سنڌي ٻولي لازمي ڪرائڻ سان گڏوگڏ تعليمي ادارن خاص طور تي پرائمري ۽ سيڪنڊري جي شاگردن وچ ۾ سنڌي ٻولي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪوٺائي نئين ٽھي جي ٻارن ۽ نوجوانن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ کان چڱيءَ طرح واقف ڪريون ۽ ان کان علاوه واھڻ وستين، ڳوٺن ۽ شھرن ۾ جاڳرتا مهمون هلائي، پنهنجي مادري سنڌي ٻولي کي عام ڪيون ۽ هر طبقي جي ڪاروهنوار ۾ سنڌي ٻولي کي عام ڪندي سنڌ جي ٻچي ٻار کي تاريخ کان واقف ڪيون. سنڌ جي محبوب شاعر نارائڻ شيام چيو ھو:
الا  ائين مَ ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙھجي،
ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!

   ***