سنڌ هن وقت جنھن هڪ خاص صورتحال مان گذري رهي آهي، اهڙي خطرناڪ صورتحال اڳ ڪڏهن به نه رهي آهي! خاص طرح پنهنجي وسيلن قومي طبقاتي حقن سميت سياست کان لاتعلقي جي سلسلي ۾ سنڌ ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ بھ مسلسل جدوجهد م رهي آهي. اڳي تاريخ ۾ وڏيون شخصيتون جدوجهد ڪنديون ھيون، يا انهن جي قيادت ۾ جدوجهد ٿيندي ھئي ھاڻ اها جدوجهد سنڌ جي هر هڪ ڪارڪن جي زميداري ٿي پئي آهي، جيڪا يقينن هڪ نئين صورتحال آهي ۽ بهتر صورتحال پڻ آهي!
هن وقت سنڌ کي وڏا وڏا وجودي مسئلا به آھن، جن تي وڏي عوامي جدوجهد جي ضرورت آھي ، سنڌو درياهه جيڪو هن سموري تهذيب تمدن جو خالق آهي اهو سخت خطري ھيٺ آھي، هن وقت به سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تي فقط 12 هزار ڪيو سڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شديد ٿيڻ جو خطرو وڌيل آهي، ماڻهو پئيڻ توڙي زراعت جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، جڏهن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تي 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي ته، ھيٺ ڇا صورتحال هوندي ! خاص طرح انڊس ڊيلٽا کي هٿ سان قتل ڪيو ويو آهي! اھي مسئلو ايترو وڏو آهي، جو انسان دوست وجود کي مجبور ڪري ٿو ته، پنهنجي وجود جي بچاءِ لاءِ جدوجهد ڪجي!
هن وقت سنڌ ڪيترن ئي مسئلن کي منھن ڏيئي ٿي، انڪري سنڌ کي ڪنھن خاص گڏيل جدوجهد ۽ هڪ وڏي اتحاد جي جيتري ضرورت آهي، ان ضرورت لاءِ سنڌ جو عوامي درد رکندڙ قومي مسئلن تي ھميشھ آواز بلند ڪندڙ ”سنڌ ايڪشن ڪميٽي“ پنهنجي وس آهر جدوجهد جاري رکيو پئي اچي. هي جدوجهد هڪ جماعت، فرد يا گروهه جي ناهي، پر سموري قوم جي جدوجهد آهي ان لاءِ وڏي فڪري نظرياتي عملي هم آهنگي جي ضرورت آهي، جيڪا تاريخ جي اهم گهرج آهي. اتحاد کي وسيع ڪرڻ ان کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم به تاريخ جي ذميدار فردن جو ڪم آهي،. سنڌ جو سماج هن وقت اجتماعيت جو گهرجائو آهي، جيڪو غير معمولي نتيجا ڏئي سگهي ٿو. ٻٻرلو ان جو هڪ اهم مثال آهي. اهو تاريخ جو تازو مثال آهي، جنهن سنڌ جي سماج جي اجتماعيت کي زبردست انداز ۾ ظاهر ڪيو ، ايندڙ وقت اڃا وڌيڪ اجتماعيت جو گهرجائو هوندو ان لاءِ تياريون ڪرڻ گھرجن.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان تازو ٺٽي شهر ۾ قومي ڪانفرنس 12 مئي تي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هيٺيان اهم مطالبا ڪيا ويا.
جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ميزباني هيٺ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ھيءَ قومي ڪانفرنس ھيٺيون قراردادون منظور ڪري ٿي.
1. قومي ڪانفرنس ملڪ اندر امڪاني 28هين ترميم ذريعي نوان صوبا ٺاھڻ ۽ ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪرڻ وارين خبرن جي سخت مذمت ڪندي اهڙين رٿائن کي مڪمل رد ڪري ٿي.
2. قومي ڪانفرنس وفاق طرفان سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ھڻڻ لاءِ جلالپور ڪئنال جو ڪم جاري رکڻ جي عمل جي شديد مذمت ڪندي، سمورن زير تعمير توڙي رٿيل ڪئنالن جون رٿائون رد ڪرڻ جي گهر ڪري ٿي.
3. قومي ڪانفرنس سنڌ ۾ بک، بدحالي، بدامني، بيروزگاري، بدترين طرز حڪومت، ڪرپشن، جيالا نوازي ۽ اقربا پروري جو ذميوار موجودا پ پ پ سرڪار کي قرار ڏي ٿي. پ پ حڪومت 18 سالن ۾ اندازن ساڍا 21 ھزار اربن جي ڪرپشن ڪئي آهي. جنھن ڪري اڄ امير سنڌ جا 70 سيڪڙو ماڻھو غربت جي عالمي لڪير ھيٺان زندگي گذاري رھيا آھن.
4. قومي ڪانفرنس سنڌو درياھ تي ڀاشا ڊيم سميت نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھڻ بند ڪيا وڃن. سنڌوءَ جي ڀرتو ندين، چناب نديءَ تي مڊ رانجها ڊيم، شاھ جيوڻ ڊيم ۽ چنيوٽ ڊيم ۽ ستلج تي بهاول نگر ڊيم ۽ حاصلپور ڊيم سميت سمورا ڊيم ٺاهڻ بند ڪيا وڃن. ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي، پيداواري وسيلن جي ڦرلٽ ۽ زمينن تي قبضي خلاف شديد مذمت ڪندي اعلان ٿي ڪري تہھ سنڌ جي انچ انچ جا وارث سنڌي آھن. سنڌ وفاق جي جاگير ناھي، فوري طور اھي ناجائز قبضا ختم ڪيا وڃن. SIFC کي ختم ڪيو وڃي. ٺٽي ۽ ڪوهستان جي زمينن تي وڏي پئماني تي قبضو ۽ والار ٿي رهي آهي، جيڪو عمل فوري طور بند ڪيو وڃي.
5. سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورن ڌارين کي سنڌ نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ ٻين صوبن ۽ علائقن کان جيڪي لوڌون اچي رھيون اھن، انھن کي روڪيو وڃي. پاڪستان سٽيزن ايڪٽ کي رد ڪري ڪشمير ۽ گلگت وانگر سنڌ ۾ پڻ ڌارين پاران ملڪيت خريد ڪرڻ تي پابندي وڌي وڃي.
6. قومي ڪانفرنس 26 ۽ 27 ترميم کي رد ڪندي مطالبو ٿي ڪري تہھ صحافت جي آزادي لاءِ فورن پيڪا آرڊيننس ختم ڪيو وڃي. اظهار جي آزادي بنيادي انساني حق آهي، جيڪو ڪنهن بھ ہ ماڻهو کان ڦري نٿو سگهجي.
7. اڄ جي قومي ڪانفرنس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي مافيا منڊي ۽ سنڌ جي اھل ۽ بي پھچ نوجوانن جي ميرٽ جو قتل عام ادارو قرار ڏيندي، مطالبو ٿي ڪري تھ ان جي چيئرمين ۽ ان جي سمورن ميمبرن کي معطل ڪيو وڃي، سمورو رڪارڊ ضبط ڪيو وڃي ۽ اھل ۽ ايماندار ماڻھو رکيا وڃن.
8. سنڌ سميت ملڪ ۾ گرفتار سياسي قيدين عمران خان، علي وزير، ماھ رنگ بلوچ، ياسمين راشد، ايمان مزاري، ھادي چٺا ارباب ڀيل سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. ڪوڙيون ايف آءِ آرون ختم ڪيون وڃن. جبري گم ڪيل (مسنگ پرسنز) ماڻهن کي پڻ فورن آزاد ڪيو وڃي.
9. ايران امريڪا جي جنگ جي آڙ م FBR جي Deficit کي بيلنس ڪرڻ لاءِ ماڻھن مٿان پيٽرول مھانگي ڪرڻ جو بم ڪيرايو ويو اھي، حڪمران پنھنجون عياشيون ختم ڪرڻ بدران ماڻھن مٿان مهانگائي جو مسلسل بم ڪيرائي رھيا آھن. مطالبو ٿو ڪجي تہھ پيٽرول جي اگهن ۾ وڌايل اضافو فوري طور واپس ورتو وڃي. حڪومت پيٽرول تي وقتي طور تي لاڳو ڪيل سڀ ٽيڪس مڪمل طور تي ختم ڪري.
10. قومي ڪانفرنس عورتن کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪرڻ، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جنسي ھراساني جو شڪار بنائڻ جي سخت نندا ڪندي مطالبو ٿي ڪري تہھ ڊاڪٽر فھميدا لغاري جي خودڪشي ۾ ملوٽ جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي. شاگردياڻين کي هراسان ڪندڙ جوابدارن کي تعليمي ادارن مان ٻاهر ڪڍيو وڃي.
11. سنڌ ۾ سمورن غير مسلم سنڌين جي حقن جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي.
12. سنڌ جي سامونڊي بندرن ۽ ٻيٽن تي وفاق جو ڪنٽرول ختم ڪري، انهن جي اختيارن ۽ ڪمائي تي سنڌ جو حق تسليم ڪيو وڃي.
***