DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
ها! هي جيون گاڏي واقعي ڇوهي/ تکي پنهنجي ماڳ ڏانهن وڃي رهي آهي . 1982ع ڌاري مون کي هڪ ٽيشن نئوان جتوئي نظر آئي هئي  ۽ پوءِ انهي جي پليٽ فارم/ اوطاق تي ٻن جهونن جاڙن ڀائرن،  ڪپڙي جي اڇڙين ٽوپين پاتلن سان گڏ ھڪ سنهڙو سيپڪڙو ، ڪارن وارن وارو نوجوان بہھ ويٺل هو، جيڪو مون کان 5 مھينا کن ننڍو هو. ٽيشڻ تي رش هئي ۽ پوءِ اسان جي گاڏي اڳتي نڪري وئي.  وقت وري واپس انهي ٽيشڻ تي وٺي آيو هو ۽ پوءِ سندس پڇا ڪندي اچي موري شهر جي جتوئي مارڪيٽ ۾ کيس ڳولي لڌو سين . خيال ۽ فڪر مليا تہ پوءِ ڳوٺ حاجي مالڪ ڏنو سولنگي جي لانڍي کان  شيرل بيوس باڊھ  ۽ پوءِ  ماسات ادل سولنگي جي ڳوٺ  ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي واري بخش جتوئي ٽيشڻ کان  محراب پور منجھھ مانجهاندا .  سنڌي ادبي سنگت سنڌ  جي حيدرآباد ۾  مرڪزي اليڪشن کان ٿيندا. جمن دربدر سان گڏ سنڌ جي سائين جي ايم سيد جي درياھ واري اوطاق  تائين رولاڪيون ڪندي، اڳتي پوئتي ٿي وياسين . هي ڪارن وارن وارو شهر موري ۾ رهي ، رکيل مورائي ٿي ويو هو . هي سندس پهرين خانہھ بدوشي ۽ محبت جو پهريون سفر هو ...  ۽ پوءِ هڪ ڏينهن رکيل مورائي  ڳوٺ  وڃي ، الھھ رکيو سولنگي بڻجي، پنهنجو الھھ تلھھ ڳوٺ جي ڪمري ۾ بند ڪري رات واري بس ۾ چڙهي ڪراچي پهچي ويو  هو . هي سندس خانہھ بدوشي جو ماني ڳڀي لاءِ ٻيو سفر هو . ڳڀي  ۽  من جي شانت جي ڳولا ۾ اهڙيون رولاڪيون، هر ڪنھن جي نصيب ۾ لکيل هونديون آهن . ڪو ڪيئن ٿو ڀوڳي، اهو بہھ سندس مقدر آهي!  سالن پڄاڻان ڪراچي ۾  سائين عبدالستار ڀٽي ساڻ  ملندي، هن يار سان بہھ رمپا جي ڪنهن ماڙ ۾  آمھون سامهون ٿي وياسين، پر آس پاس رھي نہھ سگھيا سين. اهو وقت جو فيصلو هو  .. ۽ اسين  ٻئي گم ٿي وياسين،  ٽريفڪ جي شور ۾،  پنهنجن پنهنجن دڳن تي.
استاد بخاري جي لفظن ڄڻ  تہھ اسان کي ڏسي ورتو هجي  ...
پيارُ درياھ آ ، درياھ بہھ لَٽجي ٿو وڃي، 
نيٺ انسان آ، انسان بھ مَٽجي ٿو وڃي!
۽ سندس زباني بہھ ڄڻ انهي آس پاس هجڻ واري ڪيفيت جي رستا روڪ ڪري ڇڏي هجي ، اھو سندس اعتراف آهي آس پاس نہھ هجڻ جو!
مون  گذاري    ايئن   زندگي   شهر    ۾، 
ڳوٺ ڄڻ  آ ڪئي ، خودڪشي شهر ۾!(رکيل مورائي)
يار رکيل مورائي جو  موڪليل ،  هي مرڪ پبليڪيشن طرفان ڇپيل  ۽ سندس لکيل تخليقي نثر واري کيتر جو نئون ڪتاب منهنجي آس پاس ئي آهي  ۽  سندس ٽائيٽل بہھ " شخصن جي آس پاس  " آهي .  اهو هڪ عجيب اتفاق آهي، پر هي اڇن وارن وارو رکيل مورائي اسان کان پٺيرو بيٺو آهي. شخصن کي ڏسندي  يا  سندس من اندر ڪجھھ ڏک هوندا، ڪجھھ رساما هوندا،  ڪجھھ ڀوڳنائن جون ڳالهيون هونديون، ڪجھھ وارتائن جو ذڪر هوندو  ... تڏهن  تہھ ايئن بيٺو آهي ،پرچاڻا ٿي پوندا، حال اوري وٺبا.  زندگي سان ڪهڙا ليکا  ڪهڙا چوکا، گذارڻي تھ هر حال ۾ آهي  بس روح سلامت هجن!
رکيل مورائي کي مان هڪ سهڻي سيبتي شاعر  ۽ متحرڪ  ڪارڪن  جي روپ ۾ ڏٺو آهي  ۽ ٻڌو آهي . جڏهن ساڻس  مان  ۽ امداد عابد شيخ  گڏجي ڪنھن ماڳ تي ويهندا هئاسين تہھ کيس گيت غزل ٻڌائڻ لاءِ زور ڀريندا هياسين.  ڳوٺ حاجي مالڪ ڏنو  سولنگي، نئوان جتوئي، مٺياڻي، محراب پور، مورو، سڪرنڊ  وارين ٽيشڻن جي پليٽ فارم تي هن ڪتاب ۾ آيل شخصن جي آس پاس مون بہھ ڪي گهڙيون گهاريون آهن. سندس بابا جاڙو خان سولنگي کان وٺي استاد عظيم سنڌي تائين. سائين راشد مورائي جي تعلقي اسپتال  درس دڳ  سامهون اوطاق کان وٺي  ڊاڪٽر سليمان سولنگي جي ڪلينڪ  تائين،  سائين تاج جويو ۽ خاڪي جويو واري سڪرنڊ بس اسٽاپ واري بڪ اسٽال کان  نئوان جتوئي واري گيڙن ڪپڙن واري فقير منش صوفي گدا خاصخيلي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، ادريس  جتوئي،  آصف  مٺياڻوي، اختر درٻيلائي تائين. ادل سولنگي جو نظم،
مون جو  خط لکيا ها  تو ڏي !     
سي سڀ جا سڀ ڦاڙي ڇڏجانُ،     
مون کي بخش ڪجانءِ او سائنڻ،     
مان تنهنجو پوڄاري ھوندي،         
توکان ئي انڪاري ٿيندي،           
تنهنجو ئي ڏوهاري ٿيندي،           
توکي هٿ ٻڌان ٿو سائنڻ،             
مون کي هاڻ وساري ڇڏجانَ !             
کائنس ٻڌندي  ۽ ڊائري  ۾ سانڍيندي،  ساڻس گڏجي پهريون ۽ آخري ديدار  سائين جي ايم سيد جو  سن ۾ بہھ ڪري آيو هيس،  ۽ اهوئي آخري  سال 88 جو هو، جو هو بس ۾ چڙهي ڪراچي هليو ويو هو  ۽ مان نوابشاھ يونيورسٽي مان پنهنجو بسترو کڻي،  درياھ ٽپي  ڳوٺ  هليو ويو هيس. ايندي ويندي موري جي جتوئي مارڪيٽ  ۾ سندس درزڪي دوڪان تي ٿيندڙ گڏجاڻيون هاڻي دڳن  ۽ ماڳن  مٽجڻ سبب، پوئتي رهجي۽ ڌنڌليون  ٿينديون ويون هيون!
انسان کي  جيون گاڏي ڌڪيندي، آسپاس کوڙ سارا ڪردار / شخص  ملندا رھندا آھن  ۽ سندس سامهون ڦرندا رھندا آھن . ھاڻي ھو ڪيئن ٿو کين ڏسي ۽ ڪيئن ٿو پرکي ؟  اهو هڪ حساس طبيعت جو ليکڪ ئي کين لفظن ۾ ويڙهي هڪ ڪتاب واري ڪوزي ۾ بند ڪري سگهي ٿو. رکيل مورائي بھ انهي حساسيت واري حس ڪارڻ پنهنجي بابا کان وٺي،  فڪري،  قومي، سهڪاري، اخلاقي، روايتي، برادري  ۽  ادبي  شخصن کي وساري ناهي ويٺو.  هو وقت بوقت کين ساريندو آيو آهي  ۽ هاڻي خاڪن جي صورت ۾  هڪ دستاويز جيان سندس سار  سنڌي ادب ۾ شامل ٿي آهي.  اسان وٽ سنڌي ادب ۾ ۽ صحافتي دنيا ۾ خاڪانويسي چڱي خاصي ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ ڪنهن ڪتابي صورت ۾ بہھ اچي ٿي . هي ڪتاب بہھ انهن ڪتابن جي آس پاس جي ڪهاڻي آهي. منهنجي ڳوٺائي اترادي سائين ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو جي ڪتاب  ، "شخص ۽ عڪس"  کان ويندي لاڙي ادبي دوست يوسف سنڌي  جي ڪتاب  "عڪس ، شخص ۽ نقش"  کانپوءِ وچولي جي رهواسي هن سڄڻ سائين  شاعر  رکيل مورائي جو  " شخصن جي آس پاس "  خاڪن جو ڪتاب، انهن ڪتابن جي آس پاس ئي رهندو . صرف هڪ ڳالھھ منفرد رهندي . اها هن ڪتاب جي مهاڳ لکندڙ دوست انور ابڙو جي تہھ،  "اديبن تي سڀ ڪو ڪنھن نہھ ڪنهن طرح لکي ٿو، دوستن تي بھ ڪنهن حد تائين ڪير نہھ ڪير لکندو آهي ، پر "عزيزن "  تي تمام گھٽ ماڻهو لکندا آهن، جڏهن تہھ اهي اسان جي سماج جا ڀل نمايان ڪردار نھ  بھ هجن، پر اهي ڪردار،  پنهنجين محدود حدن اندر اهم ضرور هوندا آهن.  اهي اسان جا، " اڻ ڳاتل هيروز " يعني Un Sung Heros    ھوندا آھن."  اهو واقعي سچ آهي تہھ اسين پنهنجي اڏام کانپوءِ اهي واهرو ۽ واهيرا وساري ويهندا آھيون. رکيل مورائي جي سڃاڻپ ادبي کيتر ۾ نظم جي سرجڻهار جي آهي پر هو 11 کن ڪتاب تحقيق ۽ ترتيب کي ڏئي، ٻارهون ڪتاب پنهنجي نثر کي ڏئي، هاڻي پنهنجي تيرهين ڪتاب نظم  ڏانهن ضرور نهاريندو . رکيل مورائي بہھ بابا امان سان گڏ ڀائپي برادري جي نيڪ مرد  شخصن جي آس پاس ئي رهيو آهي.   سندس والد  ۽ منهنجو  قرب منجهان نانا  جاڙو خان سولنگي  نالي سان گڏ واقعي  جاڙو  هو  ۽ پنهنجي ڀاءُ  محمد هاشم خان سولنگي سان  گڏ ڄائو هو. هو  پاڻ ۾ ٻئي جاڙا  ڀائر ھوندا ھئا،  جنهن ڪري اوطاقن واريون ڪچهريون سندن مسڪراهٽن،  چهچٽن ۽ نصحيتي نقطن سان ڀرپور هونديون هيون.  کٽن تي ويٺل شخصن  مان مجال جو ڪو چري پري. هاڻي تہھ اهي ڳالهيون ۽ اهي کٽن تي ويٺل شخص ڪتابن جي آس پاس بھ مشڪل ٿا ملن. ليڪن انهن شخصن کي رکيل مورائي پنهنجن پنن تي وري اٿاري ويهاريو آهي.  اهڙا شخص اسان جي آسپاس ڇو ايندا آهن  يا انهن جي آس پاس اسان ڇو  وڃي ويهندا آھيون؟  ڇاڪاڻ تہھ اهڙن شخصن جو متحرڪ ڪردار اسان کي گڏ وٺي هلندو آهي. انهن جي فڪري سگھھ اسان کي سگهارو ڪندي آهي. انهن جو سماجي لاڳاپو اسان کي سماج جي ويجهو ڪندو آهي . انهن جي سکيا اسان لاءِ هڪ درسگاھ جيان ھوندي آھي. انھن جو صبر، انھن جي ويڙھ جو طريقو، انھن جي سماجي مذهبي رواداري اسان کي نوان دڳ ڏيکاريندي آهي، تڏهن تھ هو اسان جي دل جي آباد شهر جا ماڻهو سڏبا آهن ۽ پوءِ ڀلا ڪٿي ٿا انهن کي وساري سگهون! رکيل مورائي انهن شخصن جي آس پاس رھي، سندن ساروڻيون سلي جواهر لعل نهرو جو پنهنجي جيون ڪهاڻي  ۾  مهاتما گانڌي ڏانهن اشارو ڪيل جملو اسان جي اڳيان رکي ٿو ڇڏي تہھ ، ”توڻي جو هن پوڙهي جون ڪيتريون ڳالهيون سمجھھ ۾ نہھ اينديون اٿم، پوءِ بہھ مان هن پوڙهي سان ان ميو پيار ڪندو آهيان .“ رکيل مورائي جي نظم  ۾ هڪ الڳ رڌم ۽ لفظن جو اڻڻ آهي، ڇاڪاڻ تھ اها نظم جي ضرورت آهي. رکيل مورائي جو نثر  " عوامي آواز "  جي ڊيسڪن تان ٿي، هاڻي پڻ عوامي بڻجي ويو آهي . لفظ سادا، نج ۽ هڪ تسلسل ۾ پويل هجن  تہھ پوءِ پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندا آهن. پڙهندڙ ڀلي انهن شخصن کي نھ سڃاڻي، پر هي سندن شخصيت جا جڙيل خاڪا کين پرکڻ لاءِ هڪ سنگ ميل جيان هوندا آهن.
رکيل مورائي جيئن تہھ بنيادي طور اديب آهي، پهرين ڀيٽا بہھ اديبن کان شروع ڪئي اٿائين. سائين راشد مورائي پاڻ جيان هن  کي سولنگي مان مورائي بڻائي ڇڏيو هو  ۽  پاڻ جيان جڳ ۾ کيس کي جرڪائي ڇڏيو ھو. مان جڏهن رکيل مورائي سان پهرين ڀيري مليو هيس تہھ هن مونکي پنهنجي آس پاس رهندڙ سائين راشد مورائي ۽ عظيم سنڌي سان ملايو هو . اها مڃتا هئي انهن شخصن جي  . رکيل مورائي جو ڀٽڪندڙ ادبي روح  ۽ سياسي رولاڪيون کيس پوءِ  موري جي ڊاڪٽر محمد لائق زرداري  ۽ ڊاڪٽر سليمان سولنگي کان  سڪرنڊ مير محمد پيرزادي، تاج جويو  سان بہھ ملاين ٿيون تہھ وري نئوان جتوئي جي گيڙو ڪپڙا ۽ اجرڪ ڪلهن تي رکندڙ حافظ محمد بخش خاصخيلي ، گدا خاصخيلي سان ڀاڪر بہھ ڀراين ٿيون . جتي هو من جي شانتي ماڻي ٿو، هي رئيسن جو شهر آهي ۽ فقرائي لڏو کيس پنهنجي شناسائي ڏانهن وٺي وڃي ٿو . ڊاڪٽر محمد لائق زرداري واري ڪٿا ۾ تہھ 80 واري ڏهاڪي ۾ وڏن ماڻهن جي چڱائي واري ڪم جي ڳالھھ لکندي ڄڻ سنڌ جي هڪ بهترين روايت جو ذڪر ڪري ويو آهي. لکي ٿو تہھ ”اهو اوڻويھھ سو اسي جو شروعاتي زمانو هو. مون موري ۾ پڙھڻ شروع ڪيو هو ۽ پنهنجي ڳوٺ حاجي مالڪ ڏنو سولنگي کان رئيس خان محمد جمالي جون بسون هلنديون هيون جن ۾ چڙهي اسان موري ايندا هئاسين  ۽ جن جي هلائيندڙ لاءِ جمالي صاحب جو فرمان جاري ٿيل هئو تہھ ڪيتري بھ رش جي باوجود ڊرائيور گاڏي روڪي اسڪول ويندڙ شاگردن کي نہھ صرف موري پهچائيندا پر انهن کان ڀاڙو بھ  نہھ  وٺندا. جمالي صاحب جي ان عمل سبب ڪيترائي شاگرد هاءِ اسڪول مورو پڙهندا هئا.“  جي ها، اهڙي هئي منهنجي سنڌ!
ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي جي باري ۾ لکي ٿو تہھ ،” سنڌ جي ذهين شخصن مان هڪ ذهين شخص ۽ خوددار ، ميڊيڪل آفيسرن مان هڪ اهڙو خوددار آفيسر، زندگي جيئڻ جا اصول جنهن جي پٺيان ھلندا آهن.“  هڪ جملي ۾ هن متحرڪ ۽ پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن شخص کي سانڍي ڇڏيو اٿائين . سائين گدا خاصخيلي ۽ سندس آستاني واري  بيٺڪ لاءِ سندس منظر نگاري بھ ساراهڻ جوڳي آهي. ”اندر ۾ اميري سانڍيندڙ اسان جو هي فقير دوست، ان ڳوٺ جو رهواسي آهي، جيڪو وڏيرڪو ڳوٺ هئو  ۽ هاڻ ننڍڙو شهر آهي  ۽ ان ننڍڙي شهر ۾ رھندڙ گدا خاصخيلي جي تخليقي ڪائنات ايڏي وڏي آهي، جنهن جو اندازو ڪرڻ ناممڪن نہھ تڏهن بھ  مشڪل ضرور آهي. گدا جو آستانو وڏن شاهي وڻن جي وچ ۾ ننڍن گلن ٻوٽن جي رنگين ساوڪ سان سينگاريل اهڙو سڪون بخشيندڙ مسڪن آهي، جو دل چاهيندي آهي، جڏهن سندس مهمان ٿجي تھ ان سڪون ۾ واڻ سان واڻيل ڀلين کٽن تي توڻي چمڪندڙ پيش جي تڏن تي وڇايل ٽُڪ جي رلين تي ڇماهي سمهي ، پنهنجي ۽ مٿان آڪاس ۾ چمڪندڙ چوڏهين جي چنڊ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان جي غير موجودگي ۾ مٿان کڙيل جهر مر ڪندڙ تارن جي سونهن جو مزو ماڻجي  ، صوفي راڳ ٻڌجي، شاعري، ادب ۽ قومي سياست تي بحث ڪجي.  "  سندس ڪيل منظر نگاري ڏاڍي دل لڀائيندڙ لڳي ٿي،  پر  قومي سياست تي بحث اسان کي پوئتي ڊاڪٽر سليمان سولنگي جي اڱڻ تي وٺي وڃي ٿو جتي  هو ”سياسي ادب ۽ ادبي سياست  " کي بريڪيٽ ۾ بند ڪري آيو هو . پر پاڻ ئي ٻڌائي ٿو تہ  ،” هي دور 1980ع واري رومانويت جي ڏهاڪي وارو دور هو  ، جڏهن اڃا ( اڃان )  هڪ ٻئي جي ڳالهين تان ۽ دوستن تان اعتماد ٽٽو نہھ هئو. اعتماد ٽٽڻ تہھ ڇا ڳالهين جي ڳنڍ ٻڌي ساڻ هلبو هو جنهن ڳنڍ ۾ سياست توڻي ادب گڏ گڏ پيا جهونگاريندا ھئا تہھ،
هيَُ پنهنجي ڀونُِ ڀلاري آ،                     
هي سنڌڙي ساھ کان پياري آ.   (گدا خاصخيلي)
هي خاڪا پڙهندي پاڻ ٻڌائن پيا تہھ هو ڪڏهن لکيا ويا آهن، جيئن سائين تاج جويو جو سنڌي ٻولي اٿارٽي منجھھ هجڻ وغيره وغيره  ۽ ليکڪ بہھ مڃي ٿو تہھ هي خاڪا  وقت ۽ موقعن سان لکيا ويا آهن  پوءِ بہھ هڪ ڳالھھ ٿي سگهي پئي تہھ آخر ۾ اھا تاريخ  يا ڪو حوالو لکي ڇڏجي ها جيئن انهي دور جي عڪاسي ٿي سگهي ها.
سنڌ جو مڊل ڪلاس ۽ اسان جا بيوروڪريٽ شخص بہھ سندس آس پاس رهيا آهن ۽ هو سندن چڱايون واکاڻي ٿو . سندن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان دوستي ساراهي ٿو ۽ اهو سندن حق بہھ آهي،  سائين فضل سليمان قاضي،  عبدالقادر منگي، گل محمد عمراڻي، محمد هاشم  ميمڻ  ۽ کوڙ سارا ڪردار جڳ اڳيان جرڪن ٿا تھ اتي رکيل مورائي پنهنجي اندر ۽ سنڌ  جي درد جو اظهار بہھ ڪيو آهي، "  سنڌي مڊل ڪلاس ڪاموري جي هڪ نهايت اڻ وڻندڙ خوبي اها رهي آهي تھ اهو جڏهن ڪرسي تي ويٺل ھوندو آھي تھ پنھنجن لاءِ عذاب ھوندو آھي، پر جڏهن ڪرسي تان لھندو يا ڪن سببن ڪري لاٿو ويندو آهي يا ريٽائرڊ ٿيندو آهي تہھ هن کي سنڌ جو ڏک بہھ ياد ايندو آهي تھ سنڌي ماڻهن جون ڏکيون حالتون بہھ کيس ياد اينديون آهن. ان کان اڳ هو فقط ڪامورو ھوندو آھي، جيڪو لفظ هاڻ  مِهڻي / طعني ۾ بدلجي ويو آهي."  اهو هڪ ڪڙو سچ آهي جنھن ڪري اسان جي ڀوڳنائن ۾ واڌ اچي وئي آهي . يقينن اهڙا شخص بہھ سندس آس پاس هوندا، پر هو انهن کان پاسيرو ٿي اڳتي نڪري ٿو وڃي. هو  شهر موري ۽  شهر اندر وکريل محبت کي وساري نٿو سگهي. تڏهن تہھ انهي پوسٽ آفيس جي ڀت تي لڳل سِرَ  کي بہھ ساري ٿو،  جنھن تي  1858ع لکيل آهي  ۽ پنهنجي ڪتابن پڙهڻ ۽ گھرائڻ واري شوق (پارٽ ٽائيم ) جي ڪرت منجهان 40 سيڪڙو ڪمايل موڙي مان  1983ع  ۾ موري وارن لاءِ هوش محمد لائبريري بہھ کولي ٿو . 
موري کان رات جو ڪراچي وڃڻ وارو سفر سندس ٽين خانہھ بدوشي هئي، جيڪا سندس سکيئي ماني ڳڀي ماڻڻ سان گڏ، پنھنجن خوابن کي ماڻڻ ۽ پنهنجي دل جي آباد شهر جي اڱڻ تي لڳايل تصويرن کي حقيقي رنگ روپ ۾ ڏسڻ جو سفر هو. اها سندس چواڻي تہھ خودڪشي هئي، پر انهي کيس ضرور ترم ياترا  کان بچائي کيس هند ياترا ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو . هو ٻہھ دفعا کن هند جي سنڌي اديبن ڏانهن ويو هو. اهو اتفاق نہھ هيو، بلڪہ هند جي سنڌي اديبن ۽ سندن لکڻين جو سندس لائبريري ۾ هجڻ ۽ خط و ڪتاب جو ڳانڍاپو هجڻ هو . ڀلي پوءِ سائين تاجل بيوس ، خليل مورياڻي ۽ ٻيا سندس پل بڻيا هجن، پر هن يار کوڙ سارن اديبن سان ملي، آنند کيماڻي ۽ ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي جي آس پاس رھي، هنن پنن سان گڏ پنهنجي ادبي اڃ  بھ اجهائي آهي. اهو سندس خواب هو، جنهن  جي ساڀيان سندس ڪراچي واري گهر مان پوري ٿي هئي .

سائنڻ مھتاب محبوب، مهجور غلام حيدر سولنگي، عمر قاضي، مولا بخش ٻرڙو، ڊاڪٽر منظور قادر، محمد خان ابڙو، باري منگي، عبدالواحد سومرو، ادل سولنگي، محمد هاشم ڪورائي، محمد رمضان سولنگي  ۽ ٻيا  سندس هن دل جي آباد شهر جا شخص آهن ! ***