DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
اوھان سڄڻن کي ڊجيٽل سنڌ ميگزين ويبسائيٽ تي ڀليڪار!.................. پڙهو مڪمل............... ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو تازو (شمارو نائون جولاءِ 2026ع)
Skip to Content
ڪنھن بھ قوم جي ترقي، واڌويجھھ، اوسر ۽ روشن مستقبل لاءِ معياري تعليم (Quality Education)، معاشي استحقام ۽ آزادي ۽ مضبوط سماجي نظام لاءِ ريڙھ جي ھڏي جئيان اھميت رکن ٿا. انسان جي ارتقائي دور کان واڌويجھھ واري دور (جنھن ۾ گروھن، ٽولن۽ قومن جو بنياد پيو) کان وٺي اڄ ڪلھھ جي سائنسي ترقي ۽ سمارٽ ٽيڪنالاجيز(Smart Technologies) واري دور تي نظر ڦيرائبي تھ سکڻ جي عمل جي (جنھن اڳيان ھلي ڪري منظم ھنر ۽ علم جو بنياد وڌو) ذريعي انھن گروھن طرفان، جن کي پاڻ قومون چئون، سماجي ترقي، ٻين گروھن تي حاوي رھڻ يا حڪومت ڪرڻ ۽ فوقيت قائم رکڻ جي تصديق ٿئي ٿي. انھن قومن جن علم ۽ ھنر کي پنھنجي سماجي نظام جو حصو بڻايو، اھي ئي قومون پنھنجو قومي تشخص برقرار رکڻ ۽ تاريخي سڃاڻپ قائم ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان رھيون. شروعاتي دور ۾ انسان جو گھڻو ڪر لاڙو فلسفي، مذھب، فنون لطيف، ستارن جي علم۽ جنگين جي علم طرف رھيو آھي. پر موجودھ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور جي بنياد جا جي پيرا کڻجن تھ سڀ رستا سورھين صدي ۾ مشاھداتي علم يا سائنسي نظرئي جو مذھبي قدامتپسندي تي حاوي ٿيڻ ڏانھن وڃن ٿا.
ويھين صدي جي شروعات ۾ لڳندڙ پھرين عالمي جنگ ۽ بعد ۾ ٻئي عالمي جنگ مغربي دنيا کي تمام گھڻو نقصان پھچايو، پر سڪي جي ٻئي پاسي نظر ڦيرائبي تھ انھن جنگين جي دوران ۽ بعد ۾ ٿيندڙ سائنسي ترقي دنيا جي نقشي Landscape)) کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. حقيقتن جيڪڏھن ڏٺو وڃي تھ سائنسي ترقي جي جنھن مڪان تي اڄ انسان بيٺو آھي ان ۾ گھڻو حصو انھن تحقيقي پراجيڪٽس جو آھي، جيڪي انھن جنگين دوران يا ان کان ترت پوءِ واري دور ۾  شروع ڪيا ويا يا وري  ان دوران حادثن وجود ۾ آيا. ان دور لاءِ “ضرورت ايجاد جي ماءُ آھي“(Necessity is Mother of Invention)  واري چوڻي بلڪل فٽ بيھي ٿي. جنگ جي دوران سامھون ايندڙ ضرورتن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سائنسي تحقيق تي خاصي انويسٽمينٽ ڪئي وئي، جنھن اڳتي ھلي ڪيترين ئي نئين ٽيڪنالاجيز کي جنم ڏنو.
ان سائنسي تحقيق ۽ تعليم تي ٿيندڙ انويسٽمينٽ جو ئي نتيجو آھي جنھن مغربي ملڪن، روس ۽ چين طرفان دنيا تي سڌي يا اڻ سڌي طرح حڪومت ڪرڻ جو بنياد وڌو. انھن قومن نھ صرف پنھنجي پنھنجي ملڪن اندر تعليم ۽ تحقيق کي خاصي اھميت ڏني، پر ان سان گڏوگڏ دنيا جي اڀرندڙ يا گھٽ وسائل وارين قومن لاءِ بھ مختلف مواقع فرھم  ڪندا رھيا آھن. غريب ملڪن جا محنتڪش ۽ روشن دماغ(Bright Minds)، انھن ترقي آفتا ملڪن جي تعليمي ادارن (Educational Institute) ۽ تحقيقي مرڪزن( Research Centers) ۾ پنھنجو لوھو آزمايو ۽ پنھنجي ذاتي ترقي سان گڏوگڏ پنھنجن ملڪن جو نالو روشن ڪرڻ ۾ بھ ڪامياب ويا آھن.   
پر صد افسوس سان لکڻو ٿو پئي تھ جتي دنيا تعليم ۽ تحقيق جي اعليٰ مقامن تي وڃي پھتي آھي اُتي دعوائن جي ابتڙ اسان جا ادارا مورڳو پٺتي ئي پئي ويا(Reverse Gear) آھن.
پاڪستان، خاص ڪري سنڌ جي تعليمي ۽ تحقيقي معيار کي جاچبو تھ اکيون رت ٿيون روئي ويھن. خاص ڪري اعليٰ تعليمي (Higher Education) ادارن کي حڪومتن ۽ انھن جي مقرر ڪيل (آشيرواد) ڇاڙتن ويڳي ماءُ جيان يا ساڻن ڪنھن وڌوا جھڙو پئي سلوڪ ڪيو آھي. يونيورسٽين جي حالت اھا وڃي رھي آھي جو وائيس چانسلرز ۽ ڊينز طرفان استادن کي شاگردن جون پاس ڪرڻ لاءِ لسٽون ڏنيون ٿيون وڃن. جي ڪو استاد اصول جي ڳالھھ ڪري تھ سندن ڇاڙتن جي عتاب جو اھڙو تھ شڪار ٿو ٿئي جو کيس لاءِ عزت سان ڪم ڪرڻ محال ٿيو پوي. اسان جي سامھون ”ڪمزور بنياد وارا شاگرد ٿا اچن، ھٿ ھلڪو رکو!“ جھڙا ھٿ ٺوڪيا ۽ ڪمزور دليل ڏيئي ڪيترن ئي قابل استادن کي پاسيرو ڪري ”ھت پاڪستان ۾ ليبون ۽ رسرچ ڇا؟ ٻاھر نڪري وڃو“ جھڙا مشورا ڏيئي کين دل ڦٽائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون آھن.
پر اڃان بادِ صبا جي اُ ميد باقي آ. اڃان ڪي سورج ڪرڻا جوت جلائڻ لاءِ باقي آھن. دنيا اڄ بھ اسان جي شاگردن جي قابليت کي سٺو مان ٿي ڏئي. اسان جي ڪرسي سان چپٽيل دلالن ۽ قوم جو رت چوسيندڙ ڄورن جي ھٿٺوڪي ۽ ناڪارا نظام جو رڳڙو کائي نڪرندڙ شاگرد مناسب موقعا ۽ سھولتون ملڻ سان پنھنجي محنت ۽ صلاحيتن جو اھڙو تھ مظاھرو ٿا ڪن جو ترقي يافتا ملڪن وارا بھ کين داد ڏيڻ بنا نھ ٿا رھن. بحرحال پنھنجي تعليمي ادارن جي حلتِ زار جي دردناڪ ڪھاڻي تي جيترو لکجي ۽ روئجي گھٽ آھي. ان موضوع تي ڪنھن ٻئي دفئي طبع آزمائي ڪبي.
پاڻ ڊسڪس پئي ڪيو تھ ترقي يافتا قومن پاران اسرندڙ ۽ گھٽ آمدني وارن ملڪن جي شاگردن ۽ تحقيقڪارن (Researchers) لاءِ پنھنجن ملڪن ۾ مختلف قسم جا مختصر(Short Term) ۽ ڊگھي مدي (Long Term) وارا پروگرام ۽ وضيفن (Scholarships) جا مواقع(Opportunities) ميسر ڪيا ويندا آھن. جن مان اسان جا شاگرد ۽ نوجوان  (خاص ڪري سنڌ مان) جوڳو فاعدو نھ پيا وٺن. توڙي جو اڄڪلھھ سوشل ميڊيا، آنلائين معلومات ۽ انٽرنيٽ جي سھولتن سان ڪجھھ تبديلي آئي آھي، پر اسانجو شاگرد، خاص طور ڳوٺن مان ايندڙ، اڄ بھ جوڳي معلومات نھ ھئڻ يا دير سان ملڻ ڪري (ڪجھھ صورتن ۾ معلومات ڄاڻي ٻُجھي ڪري دير سان ڏني ويندي آھي يا آخري تاريخ جي تمام قريب ڏني ويندي آھي)، اڳواٽ تياري نھ ھئڻ ۽ پنھنجي ايپليڪيشن سٺي طرح تيار نھ ڪري سگھڻ ڪري رھجيو وڃن. ٿوري محنت، سٺي تياري ۽ اڳواٽ تيار رھڻ ذريعي اسان جو نوجوان انھن زبردست قسم جي موقعن مان فاعدو وٺي پنھنجو مستقبل سنواري ٿو سگھي. وقت جي ضرورت کي محصوص ڪندي ڪجھھ سٺن وضيفن (Scholarships) جي پروگرامن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
1 فل برائٽ اسڪالرشپ، اميرڪا (Fulbright Scholarships, USA)
فل برائت اسڪارلشپ پروگرام آمريڪا جي يونيورسٽين، لاڳاپيل ڪاليجن ۽ رسرچ سينٽرن مان، ماسٽرز(Masters)، ڊاڪٽريٽ(Doctorate) ۽ پوسٽ ڊاڪٽريت (Post Doctorate) جي لاءِ وضيفن جو انتھائي مقابلي وارو ۽ دنيا جي بھترين پروگرامن مان ھڪ آھي. ھي پروگرام مڪمل وضيفي وارو (Fully Funded), يونائٽيڊ اسٽيٽ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاڪستان (United States Education Foundation Pakistan, USEFP) جي پليٽفارم تان ھلايو ويندو آھي. ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ سٺو اي ٽي ايس، جي آر اي (GRE, ETS, USA) ۽ انگلش ٻولي لاءِ ٽوئفل (TOEFL) جو اسڪور اھم آھن ۽ انھن سان اسڪالرشپ لاءِ سليڪشن جو چانس وڌي وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ آمريڪا جي ڪنھن سٺي تعليمي اداري ۾ داخلا (Admission) يا سپروائيزر(Supervisor) يا پروفيسر (Professor) جو اسيپٽينس ليٽر (Acceptance Letter) گھربل ھجي ٿو. ڪن صورتن ۾، مثال طور سٺو اڪيڊمڪ پروفائل (Academic Profile; CV) ھئڻ، يوايس اي ايف پي (USEFP) بھ داخلا ۾ مددگار ٿي سگھي ٿي. اصل ۾ يوايس اي ايف پي (USEFP) اِن صورت ۾ درخواست (Application) آمريڪن يونيورسٽيز ڏانھن موڪلي ڇڏيندي آھي. داخلا ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ميرٽ ۽ سيٽن جي تعداد جي بنياد تي فيصلو ڪندي آھي. داخلا ليٽر جي صورت ۾ وضيفي لاءِ سليڪشن جو چانس وڌي وڃن ٿا. جيئن تھ ھي انتھائي مقابلي وارو وضيفو آھي، ھن ۾ بھترين رسرچ پروپوزل(Research Proposal)، سُٺو اسٽيٽمينٽ آف پرپز (Statement of Purpose) ۽ مضبوت (Strong) ريفرنس ليٽرز (Reference Letters) بنيادي اھميت جا حامل آھن.
ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ درخواستون عام طور انگريزي ڪئلينڊر جي شروعاتي مھينن(مثال طور مارچ ڊيڊلائن) ۾ کلنديون آھن ۽ پوسٽ ڊاڪ (Post Doctorate) لاءِ درخواستون سيپٽمبر يا آڪٽوبر (اڄڪلھھ) ۾ يوايس اي ايف پي طرفان وصول ڪيون وينديون آھن. ياد رکڻ کپي تھ بنيادي قابليت کان پوءِ پنج ڊاڪيومينٽس ڪافي اھميت رکن ٿا، جنھن ۾ سٺو رسرچ پروپوزل(Research Proposal)، مضبوط ۽ صاف لکيل اسٽيٽمينٽ آف پرپز(Statement of Purpose)، مضبوط ريفرنس ليٽرز (Reference Letters)، سٺو جي آر اي (GRE Score) اسڪور۽ انگريزي قابليت لاءِ ٽوئفل (TOEFL) جو رزلٽ سرِ فھرست آھن. وڌيڪ معلومات لاءِ، درخواست جمع ڪرڻ لاءِ يو ايس اي ايف پي(USEFP, www.usefp.org) ۽ جي آر اي ءِ ٽوئفل لاءِ اي ٽي ايس (ِETS, USA; www.ets.org) ويبسائيٽ وزٽ ڪري سگھجي ٿي.
2 اراس مسمنڊس اسڪالرشپ (Erasmus Mundus Scholarships, European Union)       

اراسممس منڊس اسڪالرشپس پروگرام، يورپين يونين طرفان اسرندڙ ملڪن جي شاگردن لاءِ يورپ(Europe) جي ڪن بھ ٻن يا ٽن  ملڪن جي يونيورسٽيز يا رسرچ سينٽرن ۾ گڏيل طور(مثال طور ماسٽرس جو ھڪڙو سيمسٽر فرانس ۾، ٻيو سيمسٽر جرمني تھ ٽيون سيمسٽر اٽلي ۾) ماسٽرس (Masters)  ۽ پي ايڇ ڊي (PhD)  لاءِ مڪمل خرچ (Fully Funded) وضيفا (Scholarships) فرھم ڪري ٿو. ھي پروگرام پڻ انتھائي مقابلي وارو پروگرام پر زبردست قسم جو ۽ ميسر پروگرام آھي. توڙي جو اراسمس منڊس پروگرام لاءِ جي آر اي (GRE)  وغيرھ ضروري ڪون آھي پر ھن لاءِ مضبوط پروفائل (Strong C.V.)، بھترين رسرچ پروپوزل (Research Proposal)، سٺي ۽ صاف لکيل پرسنل اسٽيٽمينٽ (Statement of Purpose) ۽ مضبوط ريفرنس ليٽرس (Reference Letters) بنيادي اھميت رکن ٿا. ان سان گڏوگڏ انگريزي قابليت جو سرٽيفڪيٽ (مثال طورIELTS or TOEFL etc.)  سان اسڪالرشپ کٽڻ جا چانسز وڌي وڃن ٿا. ھن پروگرام لاءِ عام طور جنوري(January) ۽ آڪٽوبر(October) ۾ درخواستون(Applications) جمع ٿينديون آھن. اراسمس منڊس پروگرام ۾ انٽريسٽيڊ نوجوان درخواست جمع ڪرڻ ۽ وڌيڪ معلومات لاءِ ھيٺ ڏنل ويبسائيٽس (Websites)  وزٽ ڪن. https://www.eacea.ec.europa.eu/scholarships_en ۽ https://www.hec.gov.pk/english/news/news/Pages/Erasmus-Mundus-Scholarships.aspx

3 داد، جرمني (DAAD Scholarships, German Academic Exchange Service, Germany)
ھي پروگرام جرمنيءَ طرفان جرمن اڪيڊمڪ ايڪسچينج سروس (German Academic Exchange Service)  جي پليٽفارم تان دنيا جي مختلف ملڪن جي شاگردن ۽ رسرچرز لاءِ جرمنيءَ ۾ ماسٽرس(Masters)، پي ايڇ ڊي(PhD) ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ(Post Doctorate) لاءِ وضيفا مھيا ڪري ٿو.   ھي پروگرام بھ انتھائي مقابلي(Competitive) وارو  ۽ مڪمل خرچ (Fully Funded)واري  اسڪالرشپس جو پروگرام آھي. جيئن تھ ھن پروگرام جون مختلف ڪيٽيگريز آھن ۽ ھر ڪيٽيگري جون ڪجھ مخصوص شرطون ٿي سگھن پيون پر ھڪ سٺو رسرچ پروپوزل (Research Proposal)، سٺي پرسنل ارٽيٽمينٽ (Statement of Purpose) ۽ مضبوط ريفرنس ليٽرز(Reference Letters) بنيادي اھميت جا حامل آھن.  ان سان گڏوگڏ انگريزي ٻولي (English Language) يا جرمني جي ٻولي (German Language) جو سرٽيفڪيٽ پڻ گھريا ويندا آھن. توڻي جو داد اسڪالرشپس (DAAD Scholarships) جي مختلف پروگرامن لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جون الڳ الڳ ڊيڊلائنز ٿي سگھن ٿيون، پر تنھن ھوندي بھ اسان جا شاگرد، دنيا جي تعليمي سيشنز کي سامھون رکي پنھنجي پنھنجي تياري ڪري سگھن ٿا. وڌيڪ معلومات لاءِ داد جي آفيشل ويبسائيٽ  (www.daad.de) وزٽ ڪرڻ بھتر ھوندو.
4 ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ، برطانيا (Common Wealth Scholarships, CSC, United Kingdom)
ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ (Common Wealth Scholarship) پروگرام ذريعي برطانوي حڪومت پاران ڪامن ويلٿ ملڪن (جن ملڪن تي برطانيا حڪومت ڪري چڪو آھي يا جيڪي برطانيا جون ڪالونيز رھيون آھن) لاءِ برطانيا ۾ ماسٽرس(Masters) ۽ پي ايڇ ڊي (PhD) ڪرڻ لاءِ مڪمل خرچ وارا وضيفا(Fully Funded Scholarships) مھيا ڪيا ويندا آھن. ڪامن ويلٿ پروگرام بھ انتھائي مقابلي وارو پروگرام آھي جيڪو پاڪستان ۾ اڄڪلھ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان (Higher Education Commission, HEC, Pakistan) ۽ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ ڪميشن، برطانيا(Common Wealth Scholarship Commission, CSC, UK)) گڏيل طور لانچ ڪن ٿا. اميدوارن لاءِ ضروري آھي تھ اھي ايڇ اي سي پاڪستان (HEC, Pakistan: www.hec.gov.pk) ۽ سي ايس سي برطانيا (CSC, UK: https://cscuk.fcdo.gov.uk) جي ويبسائيٽس تي  گڏيل طور پنھنجون درخواستون جمع ڪرائن. ان لاءِ ٻنھي ڪميشنز جون رڪوائرمينٽس پوريون ڪرڻ ضروري آھن. جنھن ۾ ايڇ اي سي پاڪستان  (HEC, Pakistan) طرفان ھائرايجوڪيشن ايپٽيٽيوڊ (Higher Education Aptitude, HAT) ٽيسٽ ۾ سـٺ (60) کان وڌيڪ اسڪور گھربل آھي. ان سان گڏوگڏ پي ايڇ ڊي (PhD) لاءِ ايڇ اي سي طرفان برطانوي يونيورسٽيز جي ڪنھن سپروائيزر طرفان اسيپٽنس ليٽر(Acceptance Letter) پڻ ضروري گھربل آھي. ان سان گڏوگڏ سٺو اڪيڊمڪ ريڪارڊ(Academic Record)، انگريزي ٻولئ ۾ قابليت جو ثبوت (IELTS or TOEFL)، رسرچ پروپوزل (Research Proposal) جو معيار، اسٽيٽمينٽ آف پرپز(Statement of Purpose, SOP) ۽ سٺا ريفرنس ليٽرز خاصي اھميت رکن ٿا. ھڪ ڳالھ ڌيان ۾ رکڻ کپي تا ريفرنس ليٽر لاءِ اھڙو پروفيسر يا سٺي شھرت ۽ قابليت وارو شخص سليڪٽ ڪيو، جيڪو توھان کي صحيح سڃاڻندو ھجي ۽ توھان لاءِ سٺو ريفرنس لکي سگھي. اڄڪلھھ ايڇ اي سي طرفان درخواستن جي آخري تاريخ عام طور تي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ھجي ٿي. وڌيڪ معلومات لاءِ www.hec.gov.pk   يا https://scholarships.hec.gov.pk   جون ويبسائيٽس وزٽ ڪريو.
5  چائنا اسڪالرشپ ڪائونسل، چائنا (China Scholarship Council, CSC, China)
پاڪستاني شھرين لاءِ اڄڪلھھ ھي اسڪالرشپ پروگرام ھڪ بھترين ۽ ٿوري محنت ڪري آرام سان حاصل ڪري سگھڻ وارو پروگرام آھي. ان جو گھڻو تڻو سبب پاڪستان ۽ چائنا جا تعلقات ۽ سالانا بنيادن تي سٺي تعداد ۾ اسڪالرشپس جو ملڻ آھي. ٻيو تھ ھن اسڪالرشپ لاءِ ڪنھن انٽرنيشنل انگلش لينگويج ۽ جي آر اي (GRE) يا ڪي ٻيون سخت شرائتون عام طور گھٽ ھجن ٿيون. ھن پروگرام تحت اميدوار ماسٽرس(Masters) ۽ پي ايڇ ڊي (PhD) لاءِ چائنيز گورنمينٽ کان وضيفو (Scholarship) حاصل ڪري سگھن ٿا. عام طور تي چائنا جي ڪنھن معياري يونيورسٽي جو داخلا ليٽر (Admission Letter) يا ڪنھن پروفيسر طرفان اسيپٽنس ليٽر (Acceptance Letter) اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ جوڳي اھميت رکي ٿا. مختصر تھ اسان جا نوجوان ٿوري محنت سان ھن پروگرام مان سٺو فائدو وٺي سگھن ٿا. ھن پروگرام جا ٻ (2) رستا (Routes) آھن. ايڇ اي سي پاڪستان ذريئي ۽ ٻيو رستو سڌو سي ايس سي چائنا جي (يا چائنا جي لاڳاپيل يونيورسٽي) ذريئي آھن. بنھي رستن ذريئي درخواست جمع ڪرڻ لاءِ الڳ الڳ لنڪhttps://www.hec.gov.pk/english/scholarshipsgrants/lao/CGSP/Pages/default.aspx ۽  https://www.chinesescholarshipcouncil.com آھن
6 ڪيناڊا گريجويٽ رسرچ اسڪالرشپس (Canada Graduate Research Scholarships, Canada)
ھي اسڪالرشپ پروگرام ڪينيڊين گورنمينٽ (Canadian Government) طرفان ڪيناڊا جي شھرين (Canadian Citizens) ۽ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس لاءِ ھڪ سٺو پروگرام آھي. جنھن جون  15%اسڪالرشپس انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس لاءِ مقرر ڪيل آھي. ھن پروگرام تحت اسٽوڊنٽس، ماسٽرس(Masters; GRS-M)، ڊاڪٽريٽ(Doctorate; GRS-D) ۽ گڏيل پروگرام (Joint Programs; i.e.GRS-M+GRS-D) ) لاءِ وضيفو حاصل ڪري سگھن ٿا. انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس لاءِ اھو ضروري آھي تھ اھي ايپليڪيشن ڊيڊلائن وقت ڪيناڊا جي لاڳاپيل انسٽيٽيوٽ ۾ انرولڊ ھجن. ھن اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ جو روٽ عام طور تي لاڳاپيل انسٽيٽيوٽ ذريعي ئي آھي، توڙي جو سڌي طرح(Direct) بھ درخواستون جمع ڪري سگھجن پيون. جيڪي اميدوار ھن پروگرام ۾ انٽريسٽيڊ ھجن اھي پنھنجي فيلڊ مطابق ڪيناڊا جي انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا وٺن ۽ انرول ٿيڻ کان پوءِ ئي ھن اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪري سگھن ٿا.
7  فريچ ايڪسيلنس ايئيفل اسڪالرشپس(French Excellence Eiffel Scholarship)
ھي اسڪالرشپس فرانس گورنمينٽ طرفان فرانس ۾ ماسٽرس  ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ مختص آھن. ھن پروگرام لاءِ شاگردن کي فرانس جي ڪنھن انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا وٺڻي پوندي ۽ پوءِ فرانس جو انسٽيٽيوٽ انھن شگردن کي اسڪالرشپس لاءِ ريڪمنڊ ڪندو آھي. ھن لاءِ شاگرد سڌيون درخواستون جمع نھ ٿا ڪرائي سگھن.ھن اسڪالرشپ بابت اپڊيٽيڊ معلوماتhttps://www.campusfrance.org/en/france-excellence-eiffel-scholarship-program جي ويبسائيٽ تان وٺي سگھجي ٿي. فرانس ۾ اسڪالرشپس جي موقعن لاءِ ڪيمپس فرانس (https://www.campusfrance.org/en) جي ويبسائيٽ وزٽ ڪرڻ کپي.
8 ھائر ايجوڪيشن ڪميشن، پاڪستان(Higher Education Commission, Pakistan) اسڪارشپس
ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (Higher Education Commission, Pakistan)جي قيام جو شروعاتي دور پاڪستاني شھرين لاءِ اسڪالرشپس ۽ اعليٰ تعليم لاءِ اتساھ جو جيڪڏھن سونھري دور چئجي تھ گھٽ ڪون ھوندو. پر وقت گذرڻ سان گڏ سياسي مداخلت ۽ گورنمينٽ طرفان فنڊز گھٽائڻ جي سبب ايڇ اي سي جون اسڪالرشپس نھ ھئڻ برابر وڃي بچيون آھن. ان ۾ بھ لوڪل سسٽم جو ٿورو گھڻو اثر ظھور پذير ٿيندو پئي آيو آھي. بھرحال، ايڇ اي سي جون اسڪالرشپس، ايڇ اي سي، پاڪستان (HEC, Pakistan) ۽ صوبائي ايڇ اي سي (i.e. Sindh HEC) طرفان انائونس ڪيون وينديون آھن. عام طور تي، ايڇ اي سي، ھنن اسڪالرشپس لاءِ ھيٽ  ٽيسٽ اسڪور(HAT Test) گھرندي آھي. باقي سمجھڻ واري لاءِ”جھڙا ڪانوَ تھڙا ٻچا“ ۽ ”ھجئي ناڻو تھ گھم لاڙڪاڻو“ واريون چوڻيون ڪافي آھن.
مٿين ذڪر ڪيل مڪمل خرچ وارن وضيفن کان علاوھ  چند ٻيا بھ سٺا پروگرام آھن جن ۾ يونائٽيڊ نيشنز جا يو اين ڊي پي(UNDP) پراجيڪٽس، اسلامڪ ڊولپمينٽ بينڪ(IsDB-TWAS)، سارڪ (SAARC) جون ريجنل اسڪالرشپس ۽ سعودي عرب گورنمينٽ طرفان يا خاص طور تي ڪنگ فھد يونيورسٽي (King Fahad University; www.kfupm.edu.sa) ۽ ڪنگ سعود يونيورسٽي (King Saud University; www.ksu.edu.sa) طرفان آڇيل فنڊيڊ پروگرام بي ٿوري محنت ۽ ڪاوشن سان حاصل ڪري سگھجن پيا.
مٿي ذڪر ڪيل اسڪالرشپس کان سواءِ ٻيون بھ ڪجھھ اسڪالرشپس سرچ  ڪري سگھجن پيون. ان لاءِ منھنجي خيال ۾ گوگل سرچ  (Google Search) بھ ڪافي مواد فرھم ڪري سگھي ٿو.
مٿين مڪمل  خرچ واريون اسڪالرشپس ڪيٽيگريز کان علاوھ ٻيون بي ڪيٽيگريز ھنٽ ڪري سگھجن پيون. جنھن ۾ (i) يونيورسيز جون پنھنجون اسفيسفڪ اسڪالرشپس ۽ (ii) پروفيسرن وٽ پنھنجا الڳ پراجيڪٽس نمايان آھن. انھن ٻنھي ڪيٽيگريز لاءِ پنھنجي مخصوص فيلڊ يا رسرچ پراجيڪٽس  کي انھن پراجيڪٽس سان الائن ڪرڻ ضروري ھجي ٿو. آسان زبان ۾ اھا تا ھن ڪيٽيگري ۾ يونيورسٽي يا پروفيسر کي مطمئن ڪيو. ان لاءِ انھن پراجيڪٽس کي صحيح طرح سمجھڻ ضروري ھجي ٿو. ان سان گڏوگڏ انھن پراجيڪٽس جو پنھنجي رسرچ فيلڊ سان الائنمينٽ ڪرڻ، سٺو رسرچ پروپوزل (يا مختصر رسرچ ٿيم) ۽ بھتر اسٽيٽمينٽ آف پرپز ۽ ريفرنس ليٽر سان اسڪالرشپس ھنٽ ڪرڻ جا چانسز وڌي وڃن ٿا.     

mewahab_82@yahoo.com