اولهه جي سماجي سائنس ٽن بنيادي فڪري غلطين جو شڪار رهي آهي.
پهرين غلطي اها هئي ته اولهه اهو سمجهيو ته، سندس فڪر، نظريا ۽ سماجي اصول اهڙيءَ ريت سڄي دنيا تي لاڳو ٿين ٿا، جيئن فزڪس يا ڪيمسٽري جا قانون هر هنڌ هڪجهڙا هوندا آهن. 1983ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر ٿيوڊور ليواٽ ان دور جي سوچ کي هن ريت بيان ڪيو هو ته: ”دنيا جون ضرورتون ۽ خواهشون هاڻي هڪجهڙيون ٿي ويون آهن.“
شايد چاليهه سال اڳ اها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست هجي، پر اڄ جي دنيا ان تصور کي رد ڪري رهي آهي.
انهيءَ سوچ جو هڪ وڏو نقصان اهو ٿيو جو اولهه جي يونيورسٽين آهستي آهستي مختلف علائقن، تهذيبن ۽ سماجن جي الڳ مطالعي کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏني. نتيجي ۾ اولهه دنيا ۾ ٿيندڙ انهن وڏين تبديلين کي سمجهڻ کان قاصر رهيو، جيڪي 1980ع کان پوءِ تيزيءَ سان سامهون آيون.
ٻي وڏي غلطي اها هئي ته اولهه پنهنجي ٻن صدين واري شاندار ڪاميابيءَ کي تاريخ جو دائمي اصول سمجهي ويٺو. هڪ صدي اڳ ايشيا جا ڪيترائي ذهين ماڻهو به انهيءَ خيال سان متفق هئا. 1885ع ۾ جاپان جي ميجي دور جي مشهور مصلح يوڪچي فوڪوزاوا لکيو هو ته: ”جڏهن اولهه جي تهذيب جي هوا اوڀر ڏانهن وهي ٿي، تڏهن اوڀر جو هر وڻ ۽ هر پن ان هوا جي پيروي ڪري ٿو.“
هن وڌيڪ چيو ته جاپان کي ”ايشيائي قومن جي صف مان نڪري اولهه جي مهذب قومن سان گڏ بيهڻ گهرجي.“
گذريل ٻن صدين جي واقعن اولهه کي اهو يقين ڏياريو ته، سندس تهذيب هميشه ٻين سڀني تهذيبن کان مٿانهين رهندي. اڄ به ڪيترائي مغربي ذهن شعوري يا لاشعوري طور انهيءَ عقيدي تي قائم آهن.
پر جيڪڏهن انساني تاريخ جي ڊگهي وهڪري تي نظر وجهجي ته واضح ٿئي ٿو ته، اهي ٻه صديون حقيقت ۾ تاريخي استثنا هيون. سن 1ع کان وٺي 1820ع تائين دنيا جون ٻه وڏيون معيشتون هميشه چين ۽ هندستان رهيون.
جڏهن ايشيائي سماج ٻيهر اڳتي وڌڻ لڳا ته اولهه اهو سمجهيو ته، اهي لازمي طور جاپان وانگر ”مغربي رنگ“ اختيار ڪندا. گويا ترقيءَ جو واحد رستو ئي اولهه جي پيروي آهي. اها سوچ ٽين فڪري غلطي تي ٻڌل هئي: يعني جديديت ۽ مغربيت کي هڪ ئي شيءِ سمجهڻ.
حقيقت ۾ جديديت ۽ مغربيت ٻه الڳ عمل آهن.
چين ۽ هندستان جديد ٿي رهيا آهن، پر مڪمل طور مغربي نه بڻجي رهيا آهن. اهي پنهنجن قديم تهذيبي پاڙن ڏانهن موٽي رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي معاملن ۾ اڳي کان گهٽ مغربي بڻجي رهيا آهن.
ايڪيهين صديءَ جي سڀ کان اهم حقيقت اها آهي ته دنيا ”اڀرندڙ مارڪيٽن“ جي نه، پر ”ٻيهر اڀرندڙ تهذيبن“ جي دنيا بڻجي رهي آهي.
هن گهڻ-تهذيبي دنيا ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ عالمي ڪمپنين کي اهو پراڻو تصور ڇڏڻو پوندو ته، دنيا هڪجهڙي بڻجي رهي آهي. اولهه جي سماجي سائنس جا سڀ اصول هر سماج ۾ هڪجهڙا ڪارگر ناهن ٿيندا.
مثال طور مغربي معاشيات جا ماهر پنج ساله منصوبن تي کلندا رهيا آهن، ڇاڪاڻ تہھ اهي انهن کي سوويت يونين جي ناڪامين سان ڳنڍين ٿا. پر چين جا پنج ساله منصوبا سندس حيرت انگيز ترقيءَ جو بنيادي ذريعو بڻيا آهن.
سال 2000ع ۾ چين عالمي پيداوار جو فقط پنج سيڪڙو حصو پيدا ڪندو هو، جڏهن تہھ اڄ اهو حصو لڳ ڀڳ ٽيهه سيڪڙو ٿي چڪو آهي، ۽ 2030ع تائين اهو پنجيتاليهه سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو.
انهيءَ تبديليءَ جا ڪيترائي سبب آهن، پر رياستي رٿابنديءَ تي ٻڌل پنج ساله منصوبن جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي.
چين جي ڪاميابي ان حقيقت کي به ظاهر ڪري ٿي ته ”رياست“ ۽ ”مارڪيٽ“ جي وچ ۾ توازن هر سماج ۾ مختلف ٿي سگهي ٿو. چين ۾ رياست ٻن هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي کان سماجي زندگيءَ جو مرڪزي حصو رهي آهي، تنهنڪري اتي جو نظام مغربي نموني کان مختلف هجڻ فطري آهي.
ساڳيءَ ريت سنگاپور جي معاشي معجزي جي معمار ڊاڪٽر گو ڪينگ سوئي چوندو هو: ”دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ تي هر مسئلي جو حل موجود آهي. اسان کي اهو حل ڳولي، پنهنجي حالتن مطابق سمجهه سان اختيار ڪرڻ گهرجي.“
ڪو به حل هر ملڪ يا هر تهذيب لاءِ هڪجهڙو نٿو ٿي سگهي. ٻج به تڏهن ڦٽي ٿو، جڏهن ان کي مناسب زمين ملي.
ايڪيهين صديءَ ۾ هر تهذيب پنهنجي ورثي، دانائي ۽ تاريخي تجربي جي بنياد تي اڳتي وڌندي، نه ڪي اولهه جي نسخن جي اندهي تقليد ڪندي.
ايشيائي سماج هاڻي انهيءَ احساسِ ڪمتري مان نڪري رهيا آهن، جيڪو اولهه جي غلبي واري دور ۾ پيدا ٿيو هو. جيئن جيئن انهن جو ثقافتي اعتماد واپس اچي رهيو آهي، تيئن تيئن اهي پنهنجي تهذيب، روايتن ۽ فڪري ورثي کي ٻيهر قبول ڪري رهيا آهن، ۽ دنيا به انهيءَ رخ تي وڌي رهي آهي.
گوچي، هينيسي ۽ پورش جهڙا مغربي لگزري برانڊ هاڻي گهٽ ٿيندڙ طلب جو شڪار آهن، جڏهن تہھ اهي پنهنجي وڪري کي وڌائڻ لاءِ ايشيائي شخصيتن کي سفير بڻائي رهيا آهن.
ايڊيڊاس جي محدود ايڊيشن واري جيڪٽ، جنهن ۾ چيني ثقافتي نقش شامل هئا، سڄي دنيا ۾ وائرل ٿي وئي.
بالي ووڊ هاڻي هالي ووڊ سان مقابلو ڪري رهيو آهي. ڪي-پاپ ۽ ڪورين ڊراما دنيا جي لکين ماڻهن جا دل کٽي چڪا آهن.
جڏهن ڏکڻ ڪوريا جي مشهور بينڊ بي ٽي ايس ميڪسيڪو جي قومي محل ۾ صدر ڪلاوڊيا شينبام سان ملاقات لاءِ پهتو ته پنجاهه هزار مداح صرف انهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ٻاهر گڏ ٿي ويا.
هاڻي اهو سمجهڻ ممڪن ناهي، جيئن منهنجي ننڍپڻ ۾ سمجهيو ويندو هو، ته اولهه هميشه بي مثال ۽ برتر رهندو.
هن تبديليءَ جو هڪ اهم لمحون تڏهن سامهون آيو، جڏهن فلم ”پيراسائيٽ“ جي هدايتڪار بونگ جون هو — جنهن جي فلم بهترين فلم جو آسڪر ايوارڊ حاصل ڪندڙ پهرين غير انگريزي فلم بڻي — 2019ع ۾ چيو: ”آسڪر ڪو عالمي فلمي ميلو ناهي، اهو ته تمام مقامي شيءِ آهي.“
هي جملو هڪ گهري حقيقت ڏانهن اشارو هو. اينگلو-سيڪسن دنيا ۽ ان جا ادارا هاڻي عالمي معيار نه سمجهيا وڃن ٿا، بلڪه اهي به دنيا جي ٻين علائقائي نظامن وانگر صرف ”هڪ مقامي نظام“ طور ڏٺا پيا وڃن.
۽ باقي دنيا وڌندڙ اعتماد سان اهو مطالبو ڪري رهي آهي ته کيس برابر حيثيت سان تسليم ڪيو وڃي.
بي ٽي ايس پنهنجي نئين گاني ۾ انهيءَ احساس کي هن ريت بيان ڪري ٿو:”جيڪڏهن منهنجي گهر اچڻو اٿئي ته دروازي وٽ جوتا لاهي اچ...
اسان کي عزت ڏيو، اسين اجنبي ناهيون، اسين اوڀر جا ماڻهو آهيون، جتان سج اڀري ٿو.“
اهي گهڻ قومي ڪمپنيون، جيڪي اڳ ٻين تهذيبن جي تاريخ ۽ فڪر کي سمجهڻ ضروري نه سمجهنديون هيون، هاڻي محسوس ڪري رهيون آهن ته عالمي مقابلي ۾ زنده رهڻ لاءِ مختلف تهذيبن جي نفسيات، تاريخ ۽ ثقافت کي سمجهڻ لازمي بڻجي ويو آهي.
دنيا هاڻي هڪ-تهذيبي دور مان نڪري گهڻ-تهذيبي دور ۾ داخل ٿي رهي آهي.
۽ هاڻي اولهه جي سامهون سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته، هو پاڻ کي هن نئين دنيا لاءِ ڪيئن ٻيهر ترتيب ڏئي.
***