جديد سياسي اقتصاديات ۾ پاڻي کي صرف قدرتي وسيلو نٿو سمجهيو وڃي، پر ان کي اسٽريٽجڪ وسيلي، وفاقي طاقت جي ورڇ ۽ رياستي استحڪام جو بنيادي عنصر تصور ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري دنيا جي ڪيترن وفاقي ملڪن ۾ پاڻي بابت تڪرار صرف آبپاشي يا انجنيئرنگ جا مسئلا ناهن، پر رياست جي قانوني جواز، ادارتي اعتماد ۽ سياسي استحڪام سان ڳنڍيل سوال آهن.
جلالپور ڪينال جي وهائڻ مان پيدا ٿيل تڪرار کي به رڳو هڪ ترقياتي منصوبي جي پاڻيءَ جي استعمال جي حيثيت سان ڏسڻ، علمي لحاظ کان ناڪافي آهي. هي واقعو پاڪستان جي وفاقي ڍانچي ۾ موجود ان بنيادي سوال کي سامهون آڻي ٿو ته ڇا اهڙو انفراسٽريڪچر، جيڪو هڪ وفاقي يونٽ جي نظر ۾ مستقل خدشي جو سبب هجي، ڊگهي مدي ۾ قومي استحڪام کي مضبوط ڪندو يا ڪمزور ڪندو؟ هن منصوبي جو وھڻ انھيءَ جو دليل آهي!
سياسي سائنس ۾ Institutional Political Risk مان مراد اهو خطرو آهي، جيڪو ڪنهن پاليسي، قانون يا سرڪاري منصوبي جي ڪري رياستي ادارن جي ساک، بين القوامي اعتماد يا آئيني نظام تي پوي. اهڙي خطري ۾ مسئلو صرف اهو ناهي ته پاڻي ڪڏهن ۽ ڪيترو ڇڏيو ويندو؟ اصل مسئلو اهو آهي ته تڪراري ڍانچي جو وجود پاڻ هڪ دائمي بحران جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو. جلال پور ڪئنال جو وھڻ ان دليل جي تصديق ڪئي آهي.
جلالپور ڪئنال بابت جيڪڏهن سنڌ اهو سمجهي ٿي ته منصوبو ان جي رضامندي کان سواءِ ، 1991ع واري پاڻي معاهدي يا ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس جي مڪمل آئيني عمل کان سراسر سواءِ اڳتي وڌيو، ته پوءِ اهو منصوبو صرف ڪنڪريٽ ۽ مٽي جو ڍانچو نه رهيو ، پر وفاق اندر مستقل سياسي بي اعتمادي جي علامت ثابت ٿيو آهي.
سياسي معيشت ۾ ان کي Path Dependency پڻ چيو ويندو آهي. هڪ دفعو تڪراري انفراسٽرڪچر تعمير ٿي وڃي، ته پوءِ مستقبل جي هر حڪومت وٽ ان کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت موجود هوندي آهي ، جنهن ڪري هر نئون سياسي يا موسمي بحران ٻيهر پاڻي جي تڪرار ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح تڪرار هڪ واقعي تائين محدود نه رهندو، پر رياست جي سياسي نظام جو مستقل حصو بڻجڻ جو خطرو پيدا ٿيندو آهي .
هتي بنيادي سوال صرف پاڻي جي مقدار جو ناهي، پر رسڪ جي ادارياتي پيداوار (Institutional Production of Risk) جو آهي. جيڪڏهن هڪ منصوبو پنهنجي وجود سان ئي هڪ وفاقي يونٽ ۾ مستقل خدشو پيدا ڪندو رهي ، احتجاجن، عدالتي مقدمن، سياسي ڇڪتاڻ ۽ قومن جي وچ ۾ بي اعتمادي جو سبب بڻجي سگهي، ته سياسي اقتصاديات جي نظر ۾ اهو صرف ترقياتي منصوبو نه، پر هاءِ رسڪ پبلڪ انفراسٽرڪچر آهي.
ان نقطي کي وڌيڪ عميق بڻائڻ لاءِ سياست ۽ سيڪيورٽي اسٽڊيز جو اهو بنيادي اصول سمجهڻ ضروري آهي ته خطرو صرف ڪنهن عمل جي وقوع سان پيدا نٿو ٿئي، پر ان عمل جي صلاحيت (Capability) جي موجودگي سان به پيدا ٿي سگهي ٿو. رياستي ادارا به قومي سلامتي جي پاليسين ۾ صرف موجوده خطري جو نه، پر امڪاني خطري (Potential Threat) جو به جائزو وٺندا آهن.
ان اصول کي پاڻي جي سياست تي لاڳو ڪجي ته سنڌو درياهه جي مٿئين وهڪري تي اهڙو ڪئنال يا ڊيم، جيڪو ڪنهن وفاقي يونٽ جي مستقل اعتراض جي باوجود تعمير ڪيو وڃي، پاڻ ۾ هڪ لڪل سياسي خطرو (Latent Political Risk) بڻجي سگهي ٿو. ڀلي ڪنهن وقت چيو وڃي ته هن ڪئنال ۾ پاڻي نه هلايو ويندو يا صرف هنگامي حالتن ۾ استعمال ٿيندو، پر حقيقت اها آهي ته ان ڍانچي جي موجودگي مستقبل جي ڪنهن به حڪومت کي اهو اختيار ۽ صلاحيت مهيا ڪري ٿي ته هو سياسي، انتظامي يا هنگامي سببن جي نالي ۾ ان کي فعال ڪري سگهي. جنهن جو عملي ثبوت جلال پور ڪئنال جو سنڌ جي مرضيءَ کان سواءِ وھڻ آهي.
اهو خطرو بلڪل ان مثال وانگر آهي ته ڪنهن عوامي هنڌ تي هڪ شخص جي هٿ ۾ ڀريل بندوق هجي. اهو چوڻ ته هو في الحال فائر نه ڪندو، خطري کي ختم نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته سيڪيورٽي سائنس موجب خطرو صرف فائر ٿيڻ ۾ نه، پر فائر ڪرڻ جي صلاحيت جي موجودگي ۾ به هوندو آهي. حادثو، غلطي، سياسي دٻاءُ يا پاليسي جي تبديلي ڪنهن به وقت ان صلاحيت کي عمل ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.
پاڻي جي انفراسٽرڪچر بابت به ساڳيو اصول لاڳو ٿئي ٿو. جڏهن هڪ تڪراري ڪئنال يا ڊيم تعمير ٿي وڃي، ته ان جي استعمال جو امڪان هميشه زندهه رهي ٿو. نتيجي ۾ هيٺئين وهڪري وارو علائقو مستقل غيريقيني، سياسي بي اعتمادي ۽ حفاظتي خدشن ۾ رهندو. اهڙي صورتحال ۾ هر نئين حڪومت، هر خشڪ سال، هر پاڻي جي کوٽ يا هر سياسي بحران دوران اهو انفراسٽرڪچر ٻيهر تڪرار جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو.
تنهن ڪري مسئلو صرف موجوده حڪومت جو ناهي. حڪومتون اينديون ۽ وينديون آهن، سياسي اتحاد ٽٽندا ۽ نوان ٺهندا رهندا آهن، پر تڪراري انفراسٽرڪچر ڏهاڪن تائين قائم رهندو آهي. رياستن کي پنهنجا انفراسٽرڪچر منصوبا عارضي سياسي اتحادن يا وقتي حڪومتي ضرورتن جي بنياد تي نه، پر ڊگهي مدي واري وفاقي اعتماد، ادارتي استحڪام ۽ قومن جي وچ ۾ رضامندي جي بنياد تي ٺاهڻ گهرجن.
معاشي نقطه نظر کان به اهڙي صورتحال انتهائي مهانگي ثابت ٿي سگهي ٿي. جديد معيشت صرف روڊن، ڊيمن ۽ ڪئنالن تي نه هلندي آهي؛ اها قانون جي حڪمراني، پاليسي جي اڳڪٿي، ادارتي استحڪام ۽ سياسي اعتماد تي به بيٺل هوندي آهي. جيڪڏهن وقت کان پوءِ پاڻي بابت بحران پيدا ٿين، ته ان سان رياست جي پاليسي بابت غيريقيني وڌي سگهي ٿي، جيڪا ڊگهي مدي ۾ اقتصادي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري جي ماحول کي متاثر ڪري سگهي ٿي.
سنڌ جي سياسي موقف کي جيڪڏهن علمي ٻولي ۾ بيان ڪجي، ته ان جو مرڪزي اھو دليل آهي ته سنڌو درياهه جي مٿئين وهڪري تي اهڙو انفراسٽرڪچر، جيڪو هيٺئين وهڪري واري علائقي جي رضامندي کان پوءِ تعمير ڪيو وڃي، پنهنجي وجود سان ئي وفاقي سياسي خطري (Federal Political Risk) کي جنم ڏئي سگهي ٿو. اهڙي خطري جو تعلق صرف پاڻي سان نه، پر وفاقي اعتماد، قومي يڪجهتي ۽ آئيني حڪمراني سان به آهي.
هي دليل ڪنهن هڪ ڪئنال تائين محدود ناهي. اهو وفاقي رياستن جي هڪ عام اصول ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته جتي گڏيل قدرتي وسيلا ورهايا وڃن ٿا، اتي ادارتي اتفاقِ راءِ کان سواءِ تعمير ٿيل انفراسٽرڪچر مستقبل جي تڪرارن جو بنياد بڻجي سگهي ٿو. ان ڪري ڪامياب وفاق اهي ناهن، جيڪي صرف وڏا منصوبا ٺاهين؛ ڪامياب وفاق اهي آهن، جيڪي هر وڏي منصوبي کان اڳ سياسي رسڪ جي اعتماد کي پڻ ڏسن!
اهو ئي سبب آهي جو وفاقي سياسي معيشت جو هڪ بنيادي اصول آهي ته ڪو به اهڙو انفراسٽرڪچر، جيڪو پنهنجي وجود سان ئي هڪ وفاقي يونٽ ۾ مستقل خطري، بي اعتمادي ۽ سياسي تصادم جو احساس پيدا ڪري، ان کي قومي اثاثو نه پر قومي رسڪ سمجهي جائزو وٺڻ گهرجي. مضبوط وفاق اھو ناهي، جيڪي صرف تعمير ڪري ؛ مضبوط وفاق اهو آهي ، جيڪو اهڙي تعمير کان پاسو ڪري جيڪا مستقبل جي عدم استحڪام جو بنياد بڻجي سگهي.
جلالپور ڪئنال جو تڪرار پاڪستان لاءِ هڪ اهم سبق آهي. جيڪڏهن پاڻي بابت فيصلا آئيني ادارن، گڏيل رضامندي ۽ وفاقي اعتماد جي بنياد تي نه ٿيندا، ته هر نئون ڪئنال يا ڊيم صرف ترقياتي ڍانچو نه رهندو، پر هڪ نئين سياسي بحران جو امڪاني مرڪز بڻجي سگهي ٿو. جيئن جلال پور ڪئنال جو سنڌ جي مرضيءَ کان سواءِ وھڻ آهي.
تنهن ڪري پاڪستان جي وفاقي استحڪام جي تقاضا اها آهي ته پاڻي کي صرف هائيڊرولاجي يا انجنيئرنگ جو مسئلو نه سمجهيو وڃي، پر ان کي وفاقي سياسي معيشت، ادارتي اعتماد ۽ قومي استحڪام جي مرڪزي موضوع طور ڏٺو وڃي. جڏهن رياست اهڙا منصوبا اختيار ڪري، جيڪي ڪنهن وفاقي يونٽ ۾ مستقل بي اعتمادي ۽ سياسي خطري جو احساس پيدا ڪن، ته مسئلو صرف پاڻي جو نه رهندو، پر رياست پنهنجي ئي ادارن جي اعتبار کي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيندي. جيئن هن وقت جلال پور ڪئنال جو چٽو مثال آھي.
اهو ئي جديد سياسي اقتصاديات جو بنيادي سبق آهي: وفاق صرف وسيلن جي ورڇ سان نه، پر ورڇ جي انصاف تي قائم رهندا آهن؛ ۽ انصاف صرف نتيجي ۾ نه، پر فيصلي جي طريقيڪار ۾ به ظاهر ٿيڻ گهرجي!
***