DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين تي ڀليڪار۔۔۔ سڄڻو ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو (شمارو ڏهون 2026ع) پڌرو ٿي چڪو آهي۔ جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهندا ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال تي شاندار مضمون, جنهن ۾ شامل آهي ڪرنٽ افئير, تاريخ, آرٽ, نفسيات, سائنس ۽ ادب۔۔۔۔۔۔هڪ ڀيرو ضرور پڙهندا!۔۔۔
Skip to Content
ملڪ جي حڪمران پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (نواز) جي اهم اڳواڻ، شريف خاندان جي ويجهي ساٿي ۽ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار جي 22 ورهين جي ڏوهٽي رضا ڊار بابت هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ تازو ئي اهم ۽ حيران ڪندڙ تفصيل سامهون آيا آهن. جاچ ڪندڙ ادارا ٻن پرڏيهي ڪاروباري عورتن سان مالي تڪرار، مبينا اغوا، ۽ لڳايل ٻين سنگين الزامن جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهن.
ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته رضا ڊار ڪجهه سال اڳ گڏيل عرب امارات (UAE) ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو هو ۽ هو هن وقت دبئي ۾ قائم پنهنجي ٻن ڪاروباري ڪمپنين جي نگراني ڪري رهيو آهي.
ڪيس جو پسمنظر ۽ مالي تڪرار:
هن ڪيس ۾ شامل ٻن پرڏيهي عورتن مان 30 ورهين جي”روبن سين براچو” جو تعلق وينزويلا سان آهي، جڏهن ته 25 ورهين جي “اسٽيفني ايڊريانا”هالينڊ جي شهري آهي. ذريعن موجب، ٻنهي عورتن ڪجهه عرصو اڳ رضا ڊار سان گڏ “ڪرپٽو ڪرنسي” ۽ ٻين آن لائين منصوبن ۾ ڀائيواري قائم ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ مالي معاملن بابت سندن ڪيترائي اجلاس سنگاپور ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندا رهيا. ٻنهي ڌرين جي آخري ملاقات گذريل سال آڪٽوبر ۾ سنگاپور ۾ ٿي هئي. شروعاتي معلومات موجب، هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جي معاملن تي ٻنهي ڌرين ۾ اختلاف پيدا ٿيا، ۽ اهو مالي تڪرار لڳ ڀڳ 5 لک کان 15 لک آمريڪي ڊالرن جي ڏيتي ليتيءَ تائين وڃي پهتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته، گذريل مهيني رضا ڊار پنهنجي ڪاروباري مشڪلاتن بابت پنهنجن ٻن مامن، علي ڊار ۽ حسنين ڊار کي آگاهه ڪيو. سندس چوڻ هو ته ٻئي پرڏيهي ڪاروباري عورتون ڪرپٽو ڪرنسي ڊيلنگ دوران لکين ڊالرن جي مبينا مالي بيضابطگين (فراڊ) ۾ ملوث آهن. ان کان پوءِ، رضا ڊار مالي تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي بهاني ٻنهي عورتن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي اھي 26 جون تي لاهور پهتيون.
پاڪستان آمد ۽ واقعي جي شروعات:
لاهور آمد کانپوءِ ٻئي عورتون ڊيفنس جي سي بلاڪ ۾ ترسيون. ٻئي ڏينهن، يعني 27 جون تي، رضا ڊار کين اسلام آباد، مري ۽ نتھيا گلي جي سياحت تي وٺي ويو. ان دوران ٻنهي عورتن اسلام آباد جي ميريئٽ هوٽل ۾ هڪ رات پڻ گذاري.
ذريعن موجب، رضا ڊار لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ذاتي طور ٻنهي عورتن جي ميزباني ڪئي. بعد ۾ هن پنهنجي چئن دوستن سان گڏجي مالي تڪرار بابت ٻنهي عورتن سان ڳالهيون شروع ڪيون، پر اهي ڳالهيون جلد ئي سخت جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويون. جهيڙي دوران رضا ڊار مبينا طور تڪراري رقم واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي ٻنهي عورتن پنهنجي گهرڀاتين سان رابطو ڪرڻ کانپوءِ رقم جو ڪجهه حصو واپس ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي.
اعليٰ اختيارين جو تحرڪ ۽ گرفتاريون:
ان ئي دوران، متاثر عورتن جي گهرڀاتين پنجاب پوليس سان رابطو ڪري الزام لڳايو ته رضا ڊار ۽ سندس ساٿين ٻنهي عورتن کي اغوا ڪري ورتو آهي. اهو معاملو 30 جون جي رات لاهور جي ڊيفنس ٿاڻي تائين پهتو، جنهن کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف کي واقعي بابت آگاهه ڪيو ويو.
سرڪاري ذريعن موجب، وڏي وزير پوليس کي سختي سان هدايت ڪئي ته ٻن ڪلاڪن اندر رضا ڊار کي گرفتار ڪيو وڃي. ان سان گڏ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار کي به فوري طور واقعي جي سنگينيءَ کان آگاهه ڪيو ويو. پوليس جي ڇاپي کان اڳ رضا ڊار ۽ سندس ٽي ساٿي مبينا طور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا هئا. ذريعن موجب، رات جو لڳ ڀڳ ٻه وڳي وڏي وزير مريم نواز پنهنجي صلاحڪار ۽ ڀيڻويي علي ڊار سان رابطو ڪيو ۽ رضا ڊار سميت ٻين ساٿين جي گرفتاري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾، علي ڊار جي سهڪار سان پوليس لاهور مان رضا ڊار ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتاريءَ کان فوري پوءِ پوليس ٻنهي پرڏيهي عورتن جو سندن گهرڀاتين سان رابطو ڪرايو.
ڪيس جي تاريخ وار ٽائم لائن:
26 جون 2026 – پاڪستان آمد: هالينڊ ۽ وينزويلا سان تعلق رکندڙ ٻئي عورتون پاڪستان پهتيون. کين هڪ پاڪستاني ڪاروباري شخص (رضا ڊار) دعوت ڏني هئي، جنهن سان سندن ملاقات 2025ع ۾ سنگاپور ۾ هڪ ڪرپٽو ڪرنسي ڪانفرنس دوران ٿي هئي. جوابدار کين پاڪستان ۾ وڏن سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو.  26 کان 28 جون – اسلام آباد جو دورو: ٻنهي عورتن اسلام آباد جي هڪ هوٽل ۾ قيام ڪيو، ڪجهه ڪاروباري گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ سياحت لاءِ نتھيا گلي به ويون.
29 جون – لاهور روانگي:کين روڊ رستي لاهور آندو ويو. جوابدار کين ٻڌايو ته هڪ خانداني سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، پر اتي پهچڻ کانپوءِ معاملو اوچتو تبديل ٿي ويو.
29 جون کان 1 جولاءِ – مبينا قيد: عورتن جي عدالتي بيانن موجب، هٿياربند ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي کين يرغمال بڻايو. سندن هٿ ٻڌا ويا، موبائيل فون ۽ پاسپورٽ کسي کين ڪيترن ئي ڏينهن تائين قيد رکيو ويو. خاندان کان وڏي رقم ۽ ڪرپٽو ڪرنسي منتقل ڪرائڻ لاءِ مٿن دٻاءُ وڌو ويو. ڊچ عورت جو الزام آهي ته سندس فون مان زبردستي 17 هزار آمريڪي ڊالر ماليت جي ڪرپٽو ڪرنسي منتقل ڪئي وئي.
ڳجهو پيغام (Secret Code):
ڊچ عورت پنهنجي خاندان کي هڪ وائس ميسيج موڪليو، جنهن ۾ هن اڳواٽ طئي ٿيل ڪوڊ لفظ “CARLITOS"شامل ڪيو. ان مان گهرڀاتين کي اندازو ٿيو ته هوءَ مصيبت ۾ آهي، جنهن کانپوءِ پرڏيهي اختيارين ۽ پاڪستاني ادارن کي اطلاع ڏنو ويو.
1 جولاءِ – فرار ٿيڻ:عورتن موجب کين چيو ويو ته ايئرپورٽ وٺي هلي رهيا آهن، پر رستي ۾ شڪ ٿيڻ تي هو خبردار ٿيون. هڪ هنڌ گاڏي جو معمولي ٽڪر ٿيڻ تي هو ڪار مان ٻاهر ٽپي پيون ۽ ويجهو هڪ ميڪانڪ جي دڪان تان مدد گهريائون. ٽريفيڪ پوليس ۽ مقامي پوليس کين پنهنجي تحويل ۾ ورتو.
2 جولاءِ – ايف آءِ آر جي داخلا:لاهور جي ڊيفنس سي پوليس اسٽيشن ۾ 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيو، جنهن ۾ اغوا، ڀنگ (تاوان)، غيرقانوني قيد ۽ جنسي زيادتي جا قلم شامل ڪيا ويا. ايف آءِ آر موجب، مبينا طور 15 لک آمريڪي ڊالر تاوان طلب ڪيو ويو هو.
3 جولاءِ – گرفتاريون ۽ ريمانڊ:پوليس 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان کين 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.
4 جولاءِ – قلم 164 جا بيان:ٻنهي عورتن عدالتي مئجسٽريٽ آڏو پنهنجا تفصيلي بيان رڪارڊ ڪرايا، جنهن ۾ پاڪستان آمد کان وٺي فرار ٿيڻ تائين سمورو واقعو بيان ڪيو ويو.  5 جولاءِ – جاچ جي موجوده صورتحال:جوابدار پوليس رمانڊ تي آهن. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز، موبائيل ڊيٽا، مالي ٽرانزيڪشنز ۽ ميڊيڪل رپورٽن جي مدد سان جاچ اڳتي وڌائي رهي آهي.
جاچ جا نوان رخ ۽ اهم سوال ؟
ٻئي طرف، جاچ ڪندڙ ادارا ان رخ تان به معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهن ته ڇا پرڏيهي عورتون پاڻ به ڪنهن وڏي مالي اسڪيم ۾ ملوث آهن؟ ڇا رضا ڊار سان ڪو فراڊ ٿيو هو؟ بهرحال، اهي الزام اڃا تائين ثابت ناهن ٿيا ۽ جاچ جاري آهي. پوليس اڃا تائين باضابطه طور ميڊيڪل رپورٽن جي تصديق ناهي ڪئي.
ڪيس جا ڪجهه اهم سوال جن جا جواب عدالتي ڪارروائيءَ دوران سامهون ايندا:
1. ڇا جوابدارن ۽ عورتن جي وچ ۾ واقعي اڳوڻا ڪاروباري لاڳاپا موجود هئا؟
2. مبينا ڪرپٽو ڪرنسي ٽرانزيڪشن جا ڊجيٽل ثبوت ڇا ظاهر ڪن ٿا؟
3. سي سي ٽي وي ۽ موبائيل لوڪيشن ڊيٽا ٻنهي ڌرين جي بيانن جي ڪهڙي حد تائين تصديق ڪن ٿا؟
4. ميڊيڪل ۽ فارنزڪ رپورٽون جنسي زيادتي ۽ تشدد جي الزامن جي ڪهڙي حد تائين تائيد يا ترديد ڪن ٿيون؟
عورتن جا مئجسٽريٽ آڏو ڏنل تفصيلي بيان
هالينڊ جي شهريءَ جو بيان:
متاثر عورت ضابطه فوجداري جي قلم 164 تحت رضاڪارانه بيان ڏيندي چيو ته هوءَ پنهنجي وينزويلا جي دوست سان گڏ 26 جون تي هڪ مقامي پارٽنر جي دعوت تي پاڪستان آئي هئي. مکيه جوابدار پاڻ کي بااثر سرڪاري شخصيتن سان لاڳاپيل ظاهر ڪري سندن ويزا جو بندوبست ڪيو هو.
لاهور جي هڪ بنگلي ۾ سالگرهه جي بهاني گهرائڻ کانپوءِ کين هٿياربندن رسين سان ٻڌي قيد ڪيو. جوابدارن 20 لک ڊالر ڀنگ گهري ۽ ڌمڪي ڏني ته رقم نه ملڻ تي کين قتل ڪري سندن جسماني انگ وڪرو ڪيا ويندا. هن الزام لڳايو ته 30 جون تي کيس قيد دوران جنسي زيادتي جو نشانو پڻ بڻايو ويو. پهرين جولاءِ تي ايئرپورٽ وڃڻ جو بهانو ڪري کين ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پئي ويو، پر هو هلندڙ ڪار مان ٽپي پيون ۽ پنهنجي جان بچائيائون.
وينزويلا جي شهريءَ جو بيان:

40 ورهين جي ٻي متاثر عورت پنهنجي دوست جي بيان جي مڪمل تائيد ڪندي چيو ته مکيه جوابدار پاڻ کي هڪ اعليٰ سرڪاري وزير جو پٽ سڏائي ۽ اڳوڻي وزيراعظم سان گڏ تصويرون ڏيکاري سندن اعتماد کٽيو هو. قيد دوران کين مسلسل هراسان ڪيو ويو، ڪمپيوٽر اڪائونٽس جي رسائي گهري وئي ۽ ٻن ماڻهن کيس جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. جوابدارن کين شيشي جا ٽڪرا ڏيکاري جسماني طور لولو لنگڙوڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اتي هڪ اهڙو شخص به موجود هو جيڪو هٿياربندن کان مختلف هو ۽ تمام سٺي انگريزي ڳالهائي رهيو هو.