موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي جارجيت اڃان پنھنجي پڄاڻيءَ تي نھ پھتي آھي، پر خطي ۾ آمريڪي حاڪميت جي سج لھڻ جا آثار ڏسجڻ شروع ٿي ويا آھن. آمريڪي حاڪميت جي ان ڇٽيءَ ۾ پھريون ھلڪو سوراخ تڏھن  ڏسڻ ۾ آيو، جڏھن يو اَي اِي ايراني حملن جي شدت جو ردعمل اوپيڪ کان الڳ ٿيڻ جي اعلان سان ڏنو. ظاھر آھي يو اَي اِي کي ان ڳالھھ تي سخت غصو آھي تھ، ايران جڏھن سڀني گلف ملڪن جي ڀيٽ ۾ يو اَي اِي کي وڌيڪ حملن جو نشانو پئي بڻايو تھ، ٻيا عرب ملڪ کيس بچائڻ يا گڏجي ايران خلاف جنگ ۾ شامل نھ ٿيا، بنيادي طور تي اسرائيل ۽ آمريڪا جو منصوبو اھو ھو تھ، سعودي عرب سميت گلف جا سڀئي عرب ملڪ ايران خلاف جنگ ۾ سڌي ريت شامل ٿين، ان لاءِ خطي جي سڀ کان وڏي عرب ملڪ سعودي عرب تي شديد  دٻاءُ بھ وڌو ويو، پر شايد سعودي شھزادي محمد بن سلمان کي پاڪستاني حڪمران اھو سمجھائڻ ۾ ڪامياب ويا تھ، جنگ ۾ سڌي ريت شامل ٿيڻ سان پوري جنگ جو نتيجو ڇا بھ نڪري، پر  ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جي سڄي جارجيت جو بدلو عرب ملڪن کان وٺندو ۽ ائين عرب جو ناقابل برداشت نقصان ٿيندو. شايد پاڪستاني حڪمران سعودي عرب کي اھو سمجھائڻ ۾ ڪامياب ويا تھ ايران ۽ عربن ٻنھي جي مڪمل تباھي ئي گريٽر اسرائيل جي منصوبي سازن جو اصل مقصد آھي.
عرب ملڪن جا حڪمران طبقا ڪيترا جاھل آھن ۽ انھن لاءِ آمريڪي سيڪيورٽي جو ماڊل ڪيترو احمقاڻو آھي جو ايران_آمريڪا جنگ جي چاليھن ڏينھن جي اندر يو اَي اِي سرڪاري طرح اعلان ڪيو تھ:”اسان وٽ  ڪئيس نھ رھي آھي، يعني اسان جي ملڪ جا زرمبادلي جا زخيرا زيرو تي وڃي پھتا آھن.“ گلف جي دبئي ماڊل رياست جي عدم تحفظ جي حقيقت ۽ انھن جي بلندبانگ دعوائن ۽ عمارتن ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري ھڪ اھڙو بوڙيو (Bubble) آھي، جنھن جي حقيقت چاليھن ڏينھن واري جنگ ۾ چٽي ٿي، دنيا جي سامھون اچي چڪي آھي، يو اَي اِي جي حڪمران طبقن جي پنھنجي طبقاتي مفادن انگريزن پاران ڪيڪ طور تحفي ۾ ڏنل بادشاھي ۽ خطي ۾ سعودي عرب کان بھ وڌيڪ چوڌرائپ حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي ڌرتي ۽ وسيلا اسرائيل جي حوالي ڪري ڇڏڻ واري جيواسٽريٽيجڪ فيصلي کي ان دڳ تي آڻي بيھاريوآھي، جو  اھو ”عرب ليگ“ ۽ اسلامي ملڪن جو اتحاد (ICC) سميت ھر ان اتحاد کان الڳ ٿيڻ چاھي ٿو، جتي سعودي عرب جو وڌيڪ اثر رسوخ ھلي ٿو. ٻي پاسي پاڪستان ايران جي ٻين ملڪن سان واپار ۽ مٽاسٽا لاءِ پنھنجي ملڪ جا سامونڊي بندر توڙي خشڪيءَ جا رستا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ۽ پاڪستان جو اھو صرف خالي اعلان ئي ناھي، پر ان لاءِ ملڪ جي ھڪ قانون ۾ ترميم پڻ ڪئي وئي آھي، ھاڻي دنيا جو ڪو بھ ملڪ ايران سان واپار ڪرڻ واسطي ايراني بندرگاھن جو محتاج نھ آھي ۽ پھريون ملڪ پاڪستان بندرگاھن توڙي خشڪيءَ جي رستن وسيلي ايران سان واپار  ڪري سگھي ٿو.
پاڪستان حڪومت جي ان اعلان سان سڀ کان پھريون جيڪو سوال پيدا ٿئي ٿو تھ ان عمل سان تھ ايران خلاف آمريڪي ناڪابنديءَ کي نقصان پھچندو ۽ ان سان جڙيل ٻيو سوال تھ ڇا پاڪستان حڪومت يا صدر ٽرمپ جو منظور نظر پاڪستاني فيلڊمارشل جنرل عاصم منير اھڙي فيصلي ڪرڻ کان اڳ صدر ٽرمپ ۽ آمريڪي انتظاميا کي اعتماد ۾ ورتو آھي؟؟
جيوپاليٽڪس جا ماھر  ان سوال جو جواب انڪار ۾ ڏين ٿا، سادو منطق پڻ اھو ٻڌائي ٿو تھ، جيڪڏھن پاڪستاني ذميوارن پاران صدر ٽرمپ کان ايران خلاف سندس ناڪابندي واري حڪمت عملي کي ڪمزور ڪرڻ واري، ان فيصلي بابت ٻڌايو يا اجازت ورتي وڃي ھا، ھن جو جواب سخت انڪار جي صورت ۾ اچي ھا، ان متعلق جڏھن صدر ٽرمپ کان ھڪ صحافي شڪايتي لھجي ۾ پڇيو تھ:”اوھان تھ پاڪستان پاڪستان ۽ فيلڊمارشل فيڊمارشل چوندي ٿڪجو ئي نٿا، جڏھن تھ پاڪستان عالمي دنيا سان ايران جي واپار لاءِ پنھنجي ملڪ جا سامونڊي توڙي خشڪيءَ جا رستا کولي ڇڏيا آھن.“ ان سوال جي جواب ۾ آمريڪي صدر چيو:”فيلڊمارشل ۽ شھباز شريف منھنجا پنھنجا آھن.“ ۽ سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ ٻئي صحافيءَ جي سوال تي ھليو ويو.
پاڪستان جي ان اوچتي فيصلي تي سڄي دنيا حيرت ۾ آھي، جڏھن تھ ڏٺو وڃي تھ پاڪستان جو اھو فيصلو پاڪستان جي قومي مفادن جي بلڪل عين مطابق آھي، ان جنگ جي جاري رھڻ ۽ خاص طور تي آمريڪا پاران ڪيل ايراني ناڪابنديءَ سبب دنيا جا اڪثر معاشي ماھر چون ٿا تھ،”جون ۾ Recession جڏھن تھ سيپٽمبر ۾ Depression جا چٽا آثار نظر اچن پيا!“ ۽ پاڪستان معاشي طرح انھن ڪمزور ملڪن جي پھرين فھرست ۾ اچي ٿو، جيڪي Recession جو شڪار بڻبا، پاڪستان پاران ايران لاءِ رستا کولڻ سان پاڪستان ايران کان سستو تيل خريد ڪري پنھنجو پاڻ کي بچائڻ ۾ ڪامياب وڃي سگھي ٿو، ان سان گڏوگڏ ”ڪراچي بندر“ جي آسپاس دنيا جي ڪيترن ملڪن جا لڳ ڀڳ 3000 آئل ٽينڪر ۽ ٻيا سامونڊي جھاز موجود آھن، سون جي تعداد ۾ ايراني تيل جا Shadow Fleets موجود آھن. پاڪستان ايران سميت سڀني ملڪن کي راھداري ميسر ڪري ڪافي گھڻو ناڻو ڪمائي سگھي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ ايران طرفان ھر روز پنج لک بيرل تيل چين کي مھيا ڪرڻ جي راھھ ۾ آمريڪا جيڪا ناڪابندي ڪئي آھي، پاڪستان ايران جي سرحد کان چين تائين تيل کڻي وڃڻ ۾ سھولت ڪاري مھيا ڪري پڻ غير ملڪي ناڻو ڪمائي سگھي ٿو، پر ان سان تھ آمريڪا بھادر فيلڊ مارشل تي چڙي پوندو. ڇا فيلڊماشل ان خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آھي؟؟ ڇاڪاڻ تھ عمران خان تي رڳو اسان جي اسٽبلشمينٽ Investment ئي تھ ناھي. پر قومي مفاد جي تقاضا اھا آھي تھ صدر ٽرمپ کي راضي رکن بجاءِ قوم ۽ ملڪ جي جي مفاد ۾ فيصلو ڪجي ۽ ايران لاءِ رستا کولڻ بنھھ ئي پاڪستان جي قومي مفاد ۾ آھي.

ايران_آمريڪا ڳالھيون ڪٿي پھتيون؟؟!!

27- اپريل 2026ع تي ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي روسي صدر پيوٽن سان سڌو ڳالھيون ڪرڻ لاءِ سينٽ پيٽربرگ اسھڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ پاڪستان ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ وڃي ڪيئي ڪلاڪ پاڪستان جي حڪومتي اھلڪارن سان ڳالھيون ڪيون ۽ ايراني موقف لکت ۾ ڏنو، ايراني پروپوزل جو بنيادي نقطو اھو ھو تھ اسٽريٽ آف ھرموز ايران کوليندو، پر ان کان اڳ آمريڪا کي ايران جو بلاڪيڊ ختم ڪرڻو پوندو، ٻيو تھ نيوڪليئر ۽ ٻيا معاملا پوءِ حل ڪيا ويندا، آمريڪا ايراني پروپوزل ھڪ نظر ۾ رد ڪري ڇڏيو، جڏھن تھ ايران آمريڪا سان روبرو ڳالھين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪجھھ ڪلاڪن جي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ پاڪستاني ميڊيا جي رپورٽن مطابق، ايراني پرڏيھي وزير فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي سرڪاري فوجي طياري ۾ عمان جي دوري تي روانو ٿي ويو، عمان جي بادشاھ پاران ذاتي طور پاڻ  عباس عراقچي جو والھانه استقبال ڪري، دراصل ايران جي ھرموز تي اختيار ڪيل موقف جي جھڙوڪ تائيد ئي ڪئي. ايراني موقف واضح آھي تھ اسٽريٽ آف ھرموز تي ايران ۽ عمان جو گڏيل حق آھي، ڇاڪاڻ تھ لڳ ڀڳ 24_ ناٽيڪل مائيلز واري ان سامونڊي پٽي جي ھڪ پاسي ايران آھي ۽ ٻي پاسي عمان، ۽ عالمي قانون مطابق 12_ ناٽيڪل مائيلز سمنڊ جي اندر تائين ان ملڪ جي سرحد تسليم ڪيل آھي، جنھن ملڪ سان سمنڊ لڳي ٿو، ان عالمي قانون تحت عمان ۽ ايران اسٽريٽ آف ھرموز جا گڏيل مالڪ آھن جتان ھو جھازن کان ٽول وٺڻ جا مجاز آھن، ڪجھھ ڏينھن اڳ عباس عراقچي سوئز ڪينال ۽ پناما ڪينال سميت لڳ ڀڳ ھڪ ڊزن سامونڊي پٽين جو مثال ڏنو، جتان لاڳاپيل ملڪ ٽول وٺن ٿا.
عمان جو جوش ۽ جذبي واري، دوري واري ساڳي ڏينھن ايراني پرڏيھي وزير پاڪستان آيو، پاڪستاني حڪام سان ھن جون وري ڳالھيون ٿيون ۽ پوءِ ھو پاڪستان مان سڌو سينٽ پيٽربرگ روسي صدر پيوٽن سان ڳالھين لاءِ روانو ٿيو، چيو وڃي ٿو تھ جھاز ۾ ويھڻ کان اڳ، ھن چيني پرڏيھي وزير Wang yi کي ڊگھي فون ڪال ڪئي.
روسي صدر پيوٽن جو ايراني وزيرخارجه کي پروٽوڪول کان ھٽي ڪري 90- منٽن جي ڊگھي ملاقات کي عالمي مبصر وڏي اھميت ڏين ٿا. روسي صدر سان ملاقات ۾ ايراني وزير پنھنجي ملڪ طرفان پروپوزل ڏنو تھ ايران انرچڊ يورينيم جا 450- ڪلوگرام امانتو روس وٽ رکڻ لاءِ تيار آھي، پر ان لاءِ روس چين ڀارت ۽ ٻيا اھم ملڪ آمريڪا کان ضمانت وٺي ڏين تھ ايران تي ٻيھر حملو نھ ٿيندو، ايران خلاف لڳايل سڀ اقتصادي پابنديون جلد ھٽايون وينديون، ايران جا ضبط ڪيل سڀ اثاثا واپس ڪيا ويندا، وغيره وغيره
چيو وڃي ٿو تھ ايران ۽ سعودي عرب سميت سڀني گلف جي ملڪن سان نئين سيڪيورٽي آرڪيٽيڪچر جوڙڻ لاءِ پڻ تفصيل سان فارمولا تي بحث ٿيو.
ان ميٽنگ جي نتيجي ۾، پيوٽن سڀ کان پھريان آمريڪي صدر ٽرمپ سان فون تي ڊگھي ڳالھھ ڪئي ۽ ان کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو ۽ سعودي شھزادي محمد بن سلمان سان پڻ تفصيل سان ڳالھايو. چين جي شي جن پنگ سان پڻ سندس ڊگھي ڳالھھ ٻولھھ ٿي.
صدر ٽرمپ روسي صدر جي ڏنل پروپوزل کي بھ في الحال تھ رد ڪري ڇڏيو آھي، ان جو سبب اھو بھ ڄاڻايو پيو وڃي تھ، روسي نيوڪليئر سروسز فراھم ڪندڙ اداري Rosatam وٽ 450 ڪلوگرام افزرده يورينيم اچڻ سان روس جي آمريڪا سميت ڪيترن ملڪن کي يورينيم سپلاءِ ڪرڻ جي صلاحيت توڙي اثر ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو، جيڪو آمريڪا کي قابل قبول ناھي.
ان ملاقات کان فوري پوءِ روسي پرڏيھي وزير سرگائي لوروف سرڪاري طور تي پريس  ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو تھ روس ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رھيو آھي، ياد رھي تھ جنوري - 2023ع ۾ چين جي ٽياڪڙي سان ايران ۽ سعودي عرب اڳ ۾ ئي ڏھاڪو پورو منقطع سفارتي لاڳاپا ٻيھر بحال ڪري چڪا ھيا، ھاڻي جڏھن تازي جنگ ۾ سعودي عرب ۽ گلف جي ملڪن کي آمريڪا سيڪيورٽي مھيا ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿيو آھي تھ علائقي ۾ نئين سيڪيورٽي آرڪيٽيڪچر جوڙڻ جي ضرورت شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي، توڙي جو روس فوجي ۽ معاشي طرح آمريڪا جي جڳھھ تھ والاري نٿو سگھي، پر بدليل علاقائي سيڪيورٽي جي ضرورت متعلق، چين جي شروع ڪيل سفارتي Initiative (ايران ۽ سعودي عرب جا سفارتي لاڳاپا بحال ڪرائڻ) کي نئين سيڪيورٽي آرڪيٽيڪچر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ عباس عراقچي جي راضپي سان سعودي شھزادي محمد بن سلمان کي ھڪ سفارتي ٽيليفون ڪال ذريعي آمادہ ڪرڻ جي ڪوشش ھڪ تمام وڏي بنيادي علاقائي تبديلي آھي، توڙي جو سعودي  شھزادي پاران روسي آڇ تي پبلڪلي ڪوبھ موقف نھ ڏنو آھي، پر ھن جي معني خيز خاموشي سفارتي حلقن لاءِ واضح پيغام آھي.
ايراني پرڏيھي وزير جي ان دنيا کي عام طور تي ۽ ھن خطي کي خاص طور تي تبديل ڪري ڇڏيندڙ دوري جي وچان ھڪ وڏي ۽ حيران ڪندڙ خبر اھا آھي، جو پاڪستان اوچتو 1950ع جي پنھنجي ھڪ قانون ۾ ترميم ڪري، ايران جي ڪنھن ٽئين ملڪ کان ايندڙ سامان کي پنھنجي ٽنھي بندرگاھن( گوادر پورٽ سميت) کان ايندڙ سامان کي خشڪي ذريعي ايران موڪلڻ جو اعلان ڪيو آھي، اھا اعلان حيران ڪن، ان ڪري بھ آھي جو پاڪستان آمريڪا جي پابندين جي ڀو کان سستو تيل ايران کان نٿو وٺي، پر ھي اوچتو ڪايا پلٽ ڪيئن ٿي آھي، ڪنھن کي سمجھھ ۾ نٿو اچي. وڌيڪ حيرت ان تي آھي تھ ان تي آمريڪا بھادر بلڪل خاموش آھي ۽ ان کان بھ وڌيڪ اسرائيل بھ ھن وقت تائين ڪجھھ ناھي ڪڇيو!
ٻي پاسي يو اي اي اوپيڪ کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي!!
ٽئين پاسي صدر ٽرمپ پنھنجي ڪيبينيٽ جو اجلاس گھرائي ايران کي ڳري سزا ڏيڻ جون ڀرپور تياريون ڪري چڪو آھي، ۽ ٽرمپ چي گويرا جو نقل ڪري دنيا کي ڊيڄارڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ويٺو  ڪري، ڏسجي تھ اڳتي ڇا ٿو ٿئي!!

***