موسم لوڊ ٿي رهي آهي...
DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
Skip to Content
سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته هن ڌرتيءَ هميشه پنهنجن حقن، وسيلن، ثقافت ۽ سڃاڻپ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي۔، جڏهن به مرڪزي قوتن طرفان صوبن جي اختيارن کي محدود ڪرڻ، وسيلن تي قبضو ڪرڻ يا ننڍن صوبن جي سياسي آواز کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تڏهن سنڌ جي شعور رکندڙ ماڻهن ان خلاف آواز اٿاريو آهي۔ اڄ وري “28هين ترميم” جي نالي سان هڪ اهڙو بحث سامهون اچي رهيو آهي، جنهن بابت سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ قومپرست حلقن ۾ ڳڻتي وڌي رهي آهي۔، ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن اهڙي قسم جي آئيني ترميم آندي وئي، جيڪا صوبائي خودمختياري کي گهٽائي يا مرڪز کي وڌيڪ طاقت ڏئي، ته ان جا سڀ کان وڌيڪ منفي اثر سنڌ تي پوندا۔، سنڌ اڳ ئي پاڻي، وسيلن، روزگار، زمينن ۽ سياسي حقن جي حوالي سان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪنهن به ترميم وسيلي 18هين آئيني ترميم جي روح کي ڪمزور ڪيو ويو، ته اهو نه رڳو سنڌ جي خودمختياري لاءِ نقصانڪار هوندو، پر وفاق جي وحدت لاءِ به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو۔
18هين ترميم پاڪستان جي آئين ۾ هڪ تاريخي اڳڀرائي سمجهي ويندي آهي، جنهن وسيلي صوبن کي تعليم، صحت، ثقافت، معدنيات ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ اختيار مليا هئا۔ ان ترميم کانپوءِ صوبن کي پنهنجي وسيلن ۽ معاملن تي ڪجهه حد تائين اختيار حاصل ٿيو، جنهن کي ننڍن صوبن خاص طور سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه پنهنجي سياسي فتح سمجهيو۔، پر هاڻي جڏهن به “28هين ترميم” جو نالو سامهون اچي ٿو، ته سنڌ ۾ اهو خوف پيدا ٿئي ٿو ته شايد وري صوبائي اختيار مرڪز حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔.
سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو پاڻيءَ جو مسئلو آهي۔ سنڌ جي زراعت جو دارومدار سنڌو درياهه تي آهي، پر ڪيترن ئي سالن کان سنڌ پاڻي کوٽ جو شڪار آهي۔ اپ اسٽريم تي ڊيمن، ڪئنالن ۽ ٻين منصوبن سبب هيٺاهين وارن علائقن تائين پاڻي گهٽ پهچي رهيو آهي،۔ جيڪڏهن ڪنهن آئيني ترميم وسيلي مرڪز کي وڌيڪ طاقت ملي ۽ پاڻيءَ بابت فيصلا صوبن بدران مرڪز ڪرڻ لڳي، ته سنڌ جو زرعي نظام وڌيڪ تباهه ٿي سگهي ٿو۔ ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٻين ساحلي علائقن ۾ اڳ ئي سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي.۔ پاڻي گهٽ ملڻ سبب سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن، ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن ۽ غربت وڌي رهي آهي۔
سنڌ کي اهو به خدشو آهي ته اهڙين ترميمن وسيلي قدرتي وسيلن تي صوبن جو حق ڪمزور ڪيو ويندو۔ سنڌ گئس، ڪوئلي، بندرگاهن ۽ سامونڊي وسيلن سان مالا مال آهي، پر سنڌ جي ماڻهن کي اڪثر شڪايت رهي آهي ته انهن وسيلن مان کين جائز حصو نٿو ملي۔، جيڪڏهن مرڪز وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ صوبائي اختيار گهٽايا ويا، ته سنڌ جي وسيلن تي وڌيڪ ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو، جنهن سان احساس محرومي ۾ اضافو ٿيندو۔
تعليم ۽ ثقافت به هڪ اهم مسئلو آهي۔ سنڌ پنهنجي هزارين سالن جي تهذيب، ٻولي ۽ ثقافتي سڃاڻپ رکي ٿي۔ 18هين ترميم کانپوءِ سنڌ کي پنهنجي نصاب، ٻولي ۽ ثقافتي پاليسين بابت ڪجهه اختيار حاصل ٿيا هئا،۔ جيڪڏهن اهي اختيار واپس ورتا ويا، ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي سگهي ٿو۔ اڳ ئي سنڌي ٻولي ڪيترن ئي ادارن ۾ نظرانداز ٿي رهي آهي، جڏهن ته نئين نسل کي پنهنجي تاريخ ۽ ادب کان پري ڪيو پيو وڃي۔، اهڙي صورتحال ۾ مرڪزي پاليسيون سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون۔. روزگار جو مسئلو به انتهائي اهم آهي۔ سنڌ جي نوجوانن کي اڳ ئي بيروزگاري، ميرٽ جي کوٽ ۽ سياسي مداخلت جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو،۔ جيڪڏهن مرڪزي ادارن جو دائرو وڌايو ويو ۽ صوبائي کاتن جا اختيار گهٽايا ويا، ته سنڌ جي نوجوانن جا روزگار جا موقعا وڌيڪ محدود ٿي سگهن ٿا۔.
وفاقي ادارن ۾ اڳ ئي ننڍن صوبن جي نمائندگي بابت سوال اٿندا رهيا آهن۔ سياسي لحاظ کان به اهڙي ترميم خطرناڪ ٿي سگهي ٿي۔ پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي، جتي هر صوبي جي پنهنجي تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت آهي۔ وفاق تڏهن مضبوط ٿيندو آهي، جڏهن صوبن کي عزت، اختيار ۽ برابري ملي۔ جيڪڏهن مرڪز طاقتور ۽ صوبا ڪمزور ٿيندا، ته وفاق ۾ بي اعتمادي وڌندي.۔ تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ننڍن صوبن جي حقن کي نظرانداز ڪيو ويو، تڏهن سياسي بحران پيدا ٿيا۔ سنڌ جي قومپرست، دانشور ۽ سياسي حلقا ان ڪري به پريشان آهن، جو ماضي ۾ به ڪيترائي فيصلا سنڌ جي مرضيءَ کانسواءِ ڪيا ويا۔ ون يونٽ کان وٺي پاڻي جي منصوبن تائين، سنڌ کي هميشه اهو احساس رهيو ته ان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي،۔ تنهن ڪري “28هين ترميم” جهڙيون ڳالهيون سنڌ ۾ نئين بيچيني پيدا ڪن ٿيون. سنڌ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته صوبائي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو وڃي۔ وفاق جي مضبوط ٿيڻ جو مطلب اهو نه آهي ته، صوبن جا اختيار کسيا وڃن، پر اصل طاقت ان ۾ آهي ته هر صوبي کي پنهنجا حق، وسيلا ۽ سڃاڻپ محفوظ هجي۔ جيڪڏهن پاڪستان کي حقيقي معنيٰ ۾ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻو آهي، ته پوءِ 18هين ترميم جي روح کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرجي، نه ڪي ان کي ڪمزور ڪرڻ گهرجي.۔
اڄ سنڌ جي نوجوانن، اديبن، شاگردن، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي تي ذميواري آهي ته هو آئيني معاملن بابت شعور پيدا ڪن۔ عوام کي اهو سمجهائڻ ضروري آهي ته آئيني ترميمون رڳو قانوني تبديليون ناهن هونديون، پر انهن جا اثر نسلن تائين پهچندا آهن۔ جيڪڏهن سنڌ خاموش رهي، ته شايد مستقبل  ۾ ان جا وسيلا، پاڻي، ثقافت ۽ سياسي حق وڌيڪ خطري ۾ پئجي وڃن۔ سنڌ کي پنهنجي حقن لاءِ جمهوري، آئيني ۽ پرامن جدوجهد جاري رکڻي پوندي،۔ ڇاڪاڻ ته، جيڪي قومون پنهنجي تاريخ، وسيلن ۽ حقن بابت بي حس ٿي وڃن ٿيون، اهي آهستي آهستي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهن ٿيون۔ سنڌ صرف هڪ صوبو نه، پر تهذيبن جي ماءُ آهي۔ هن ڌرتيءَ جي بقا، ثقافت ۽ حقن جو تحفظ هر سنڌي جو قومي فرض آهي۔.


***