تازو وفاقي حڪومت ملڪ ۾ رھندڙ غيرقانوني پرڏيھين کي واپس موڪلڻ لاءِ پاڪستان جي گهرو وزارت حڪم ڏنو آهي ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڊي پورٽ ڪيو وڃي ۽ 10 جولاءِ کان پوءِ ڪو به غير قانوني افغان پاڪستان ۾ نظر نه اچڻ گهرجي، ۔سرڪار جو اهو اعلان ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي هر حڪومت وقفي وقفي سان اهڙا اعلان ڪندي رهي آهي ۽ ٻه چار ڏينهن آپريشن ڪري وري خاموشي اختيار ڪئي ويندي آهي، ۔جنهن مان فائدو وٺندي غيرقانوني رهندڙ ڌاريا پنهنجا شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي، پنهنجون ملڪيتون وٺي ويهي رهن ٿا ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته هتان جا مقامي ماڻهو ڌاريا آهن! جڏهن ته ڌاريا هتان جا اصل رهائشي لڳن ٿا،۔ افسوس اڃا سرڪار کي ڌارين جي انگن اکرن جي مڪمل خبر ناهي ته ڪيترا غيرقانوني پرڏيھي ملڪ ۾ رهن ٿا؟ هن ڀيري به ڌارين جي بيدخلي بابت ڪابه واضح پاليسي مرتب نه ڏني ويئي آهي ته صرف افغاني پٺاڻن کي ملڪ مان ڪڍڻو آهي يا سمورن غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻي آهي، يعني جن وٽ ڪوبه سفري دستاويز ناهي،انهن کي ملڪ ۾ رهڻ جو جواز ناهي، يا سمورن ڌارين کي ملڪ بدر ڪرڻو آهي، ۔جيڪڏهن اهو واضح نه ڪيو ويندو ته پوليس ۽ ٻيا فورسز ماضيءَ وانگر هر پٺاڻ کي گرفتار ڪري پنج روپيه وٺي آزاد ڪندا رهندا. ۔هن ڀيري به سرڪار جي اعلانن تي عمل ٿيندو يا غير ملڪين کي سهولتون فراهم ڪندڙن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي.هن وقت تائين ته پرڏيهين جا غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيندڙن خلاف به ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ اهي منظم طريقي سان پنهنجو نيٽ ورڪ وڇائي رهيا آهن۔، هن وقت ڪراچي، حيدرآباد جي پسگردائي وارا علائقا، سکر ۽ ٻيا اتر سنڌ جا شهر، باءِ پاس سان لڳندڙ ڪجهه مخصوص پٽين ۾ اهي ماڻهو ٽرانسپورٽ، هوٽلنگ، اسڪريپ ۽ هيوي مشينري جيڪاروڊن ۽ رستن جي تعمير ۾ استعمال ٿئي ٿي، ان جو ڪاروبار ڪن ٿا ايئن ڪجهه ڏينهن ڪم ڪرڻ بعد اتي ئي رهي پون ٿا ۽ مقامي ماڻهن جي معرفت ۽ سرپرستيءَ ۾ هتان جا رهاڪو ٿي منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ جهڙا ڏوهه ۽ دهشتگردي ڪرڻ لڳن ٿا.۔ گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي گلستان جوهر ۾ قائم سنڌ رينجرز (ڀٽائي ونگ) جي هيڊڪوارٽر تي حملو ٿيو، جنهن ۾ هڪ بارود سان ڀريل گاڏي ڪئمپ سان ٽڪرائي ڌماڪو ڪيو ۽ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان بعد فورسز ۽ حملا آورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ رينجرز جا ڪجهه جوان به شهيد ٿيا ته جوابي ڪارروائي ۾ 3 حملا آور مارجي ويا ۽ هڪ دهشتگرد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. زخمي دهشتگرد کان پڇاڳاڇا جي نتيجي ۾ ان جي نيٽورڪ جا مقامي ڪنيڪشن به ڳوليا ويا آهن. حملي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڌڙي ‘جماعت الاحرار’ قبولي آهي، ۔حملي کانپوءِ انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي ادارن ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي. ڪراچي شهر اندر راتو رات سرچ آپريشن شروع ڪيا ويا ۽ چند ڪلاڪن اندر گلستان جوهر، سهراب ڳوٺ، الآصف اسڪوائر، سچل ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري ڪيترن ئي مشڪوڪ ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي، پر اهو آپريشن رڳو واردات واري شهر ڇو ٿو ٿئي بهتر ائين ٿيندو ته سنڌ سميت پوري ملڪ مان افغانين جي خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون شروع ڪري، ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي۔ لا اينڊ فورسز ادارا تحرڪ وٺن ۽ رينجرز اھلڪارن کي شھيد ڪندڙ دھشتگردن جو پلانڌ ورتو وڃي، جيڪو به افغانين کي پناھه ٿو ڏئي يا ڪرائي تي جڳھون ٿو ڏئي، انھن خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪري، ڪيس داخل ڪيو وڃي۔ان ۾ پنجاب حڪومت غير قانوني طور ترسيل ماڻهن خلاف هميشه بنا رعايت جي قدم کنيا آهن جنهن ڪري پنجاب ۾ امن و امان جي فضا بهتر آهي، هن وقت به سڄي پنجاب مان غير قانوني طور رهندڙ غير ملڪي شهرين جي نيڪالي جو عمل جاري آهي۔ آءِ جي پنجاب ، راءِ عبدالڪريم موجب اڃا تائين 35 هزار 719 افغانين سميت غير قانوني طور رهندڙ غير ملڪي شهرين کي ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 72 غير قانوني طور رهندڙ ماڻهو هن وقت هولڊنگ پوائنٽس تي موجود آهن. ڊي پورٽ ٿيندڙن ۾ 14 هزار کان وڌيڪ مرد، 7 هزار 138 عورتون ۽ 14 هزار 529 ٻار شامل آهن، جڏهن ته ڊي پورٽ ٿيندڙن ۾ رهائشي ثبوت رکندڙ 11 هزار 47 شهري به شامل آهن. آءِ جي پنجاب جو چوڻ آهي ته، سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي ۽ سڀني غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن جي نيڪالي يقيني بڻائي پئي وڃي. ڪنهن به غير قانوني طور رهندڙ شهري سان هاڻي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي،۔ جڏهن ته سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن خلاف سنڌ سرڪار پاران هميشه نرمي نظر آئي آهي، جڏھن ته سنڌ پوليس به ڏيتي ليتي عيوض ڌارين افغانين کي ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ بچائيندي رهي آهي.
ان ڪري هيءَ ڌرتي جيڪا امن جي ڌرتي سڏبي هئي، سا رت سان ريج ٿي رهي آهي، ۔سهراب ڳوٺ ڌارين ڏوهارين جو آماجگاهه بڻيل آهي جتي اسان جي فورسز جا جوان به وڃڻ کان لنوائين ٿا، ائين ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ پٺاڻ بستي ۾ غيرقانوني طور ڪيترائي پٺاڻ رهن ٿا، جن جي سرپرستي به مقامي ماڻهو ۽ انتظاميه ڪري ٿي۔ ان سان گڏ ٽنڊوالھيار ۾ غير ملڪي افغاني پٺاڻن جو سھولتڪار غلام جيلاني پٺاڻ آهي جيڪو ھر ايندڙ ويندڙ افغانين کي پئسن عيوض ٽنڊوالھيار ۾ سھولتون فراھم ڪري ڏئي ٿو،۔ ھن وقت تائين ھي ھزارين افغاني پٺاڻن کي ٽنڊوالھيار ۾ آباد ڪري چڪو آھي، جنھن ۾ سوين گھر حيدرآباد روڊ تي پٺاڻ ڪالوني ۾ آباد ڪيا آهن۔ ۽ ڪيترائي گھر پراڻي سبزي منڊيءَ نصرپور روڊ تي آباد ڪيا آهن.
۔ غلام جيلاني پٺاڻ ۽ جمع گل پٺاڻ باقاعدي ٽنڊوالھيار ۾ افغانين جو ڄار وڇايو آهي، جنھن ۾ عثمان شاھ، ھڙي چمبڙ، جھنڊو مري، سنجر چانگ، بڪيرا شريف، ڪولاچي اسٽاپ ۽ ڪراچي هوٽل سميت ٻين مختلف جاين تي رھائش ۽ ڪاروبار ڪرائي ڏنا اٿن، جمع گل پٺاڻ برٿ سرٽيفڪيٽ کان ويندي اسڪولي سرٽيفڪيٽ ۽ شناختي ڪارڊ به نادرا ۾ جاري ڪرائي ڏيندو آھي، يوسين جي سيڪريٽرين کان ويندي نادرا عملو ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪري ڏيڻ ۾ ملوث آھن، ۔ائين سنڌ جي هر شهر ۾ غيرقانوني طور ڌارين جو مضبوط نيٽ ورڪ آهي، جنهن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ٿيڻ گهرجي۔. گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس وقار احمد ۽ جسٽس انعام الله خان تي مشتمل بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران سندن وڪيل سيف الله محب ڪاڪاخيل، ملڪ شهباز، پروفيسر نظير احمد، قيصر علي شاهه، رئيس محمد، عنايت الله، فهيم مروت، سهيل خان، عارف فردوس ۽ ٻيا وڪيل جڏهن ته وفاق طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل ثناءَ الله به پيش ٿيا۔، درخواست گذار موجب، افغانستان ۾ کين اڳوڻي پيشي، سياسي وابستگي يا صنفي بنيادن تي سندن جانين کي خطرو هو، جنهن سبب اهي پاڪستان منتقل ٿيا. اڪثر درخواست گذار، يو اين ايڇ سي آر سان پناهگير طور رجسٽرڊ آهن. بين الاقوامي قانون موجب ڪنهن به اهڙي شخص کي ان ملڪ واپس موڪلڻ کان روڪي ٿو ، جتي سندس جان يا آزادي کي خطرو هجي. ڪيترائي درخواست گذار ٻاهرين ملڪ منتقلي جي مختلف مرحلن، جن ۾ انٽرويوز ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس مڪمل ڪري چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن کي ٽئين ملڪن ۾ آبادڪاري جي سفارش به ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل ثناءَ الله طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته اهي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه آهن، ڪو به غير ملڪي پاڪستان اندر غير قانوني طور زبردستي نه ٿو رهي سگهي، سندن موجودگي کي فارن ايڪٽ 1946ع تحت ريگيوليٽ ڪيو ويو آهي ۽ اهو وفاقي حڪومت جو دائرو اختيار آهي. سندن ويزا ختم ٿي چڪا آهن، جنهن سبب سندن هتي رهائش قانوني نه ٿي ٿئي. تازو هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي حڪومت پاران گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سوڌو چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ته غير قانوني افغانين کي ڪڍيو وڃي. سنڌ حڪومت کي ان معاملي ۾ وڌيڪ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. گهرو وزارت کي پنهنجي ضلعي ۽ تعلقي انتظاميه جي مدد سان ٽاسڪ فورس قائم ڪري، سڄي سنڌ ۾ مڪمل مئپنگ ڪري، جعلي دستاويزن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي ته جيئن هر غير قانوني طور رهيل شخص کي نيڪالي ڏني وڃي،۔ هي موقعو آهي ته پوري ملڪ سميت سموري سنڌ ۾ غير قانوني رهندڙ ماڻهن کي بنا مصلحت جي نيڪالي ڏني وڃي ته جيئن سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جا ٻيهر واقعا پيش اچي نه سگهن ۽ امن و امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي ۽ هر شهري پرسڪون زندگي گذاري سگهي.
***