لڳ ڀڳ ٽي مھينا اڳ ۾، آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي معاشي ابتري حڪمرانن جي ڪرپش گرائين ۽ پنھنجي خاندان ۽ دوستن Elite Class کي نوازڻ ۽ بيوروڪريسي جي نااھلين ۽ جڳاڙن بابت ھڪ رپورٽ مرتب ڪري، پاڪستان حڪومت جي حوالي ڪئي ھئي ۽ حڪومت کي ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ لاءِ چيو ويو ھو، پر حڪومت پنھنجن ڪارن ڪرتوتن کي Public ڪرڻ جي بجاءِ ان مٿان چڙھي ويھي رھي.
ڄاڻو ذريعن موجب، آءِ ايم ايف پاڪستان حڪومت جي نيت کي تاڙيندي کيس چتاءُ ڏنو ويو تھ، جيڪڏھن اھي رپورٽ جاري نھ ڪندا تھ کين ايندڙ قسط جا پئسا جاري نھ ڪيا ويندا. سو مجبور ٿي ھمراھن کي آءِ ايم ايف جي رپورٽ پڌري ڪرڻي پئجي وئي.
تازو ان طويل ۽ ڇرڪائيندڙ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي تھ ھر سال پاڪستان ۾ 20_ارب ڊالر يعني 55000 ھزار ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي، ڪرپشن جي انھن انگن اکرن جي باري ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان حڪومت پاران جاري ڪيل ھڪ سرڪاري پڌرائي کي ئي حوالي طور پيش ڪيو آھي، پاڪستان حڪومت ڪرپشن خلاف نيب جي بھترين ڪارڪردگي کي ساراھيندي انگ اکر ظاھر ڪيا ھيا تھ،”جنوري 2023ع کان ڊسمبر 2024ع تائين يعني صرف ٻن سالن ۾ نيب ملي بارگيننگ ذريعي ڪوئي 1.5 ٽرلين روپيا حاصل ڪيا آھن. ظاھر آھي اھو ناڻو فقط ڪرپشن مان ڪمايل پنج کان ڏھھ سيڪڙو آھي ۽ صرف انھن دولتين کي ڦاسائي ورتو ويو آھي، جيڪي اسٽبليشمينٽ حڪومت جا سڀ کان ناپسنديدھ سرمائيدار يا سياسي مخالف آھن، جڏھن تھ اسٽبليشمينٽ ۽ حڪومت جي منظور نظر يا انھن جي ڇٽيءَ ھيٺ ڪرپشن ڪندڙ (سسٽم جو حصو ھوندڙ) سون ھزارن کي تھ اڃان تائين ڪنھن آھني آڱر ڇھڻ جي جرئت بھ نھ ڪئي ھوندي.
وفاق جي 17500 ارب روپين جي بجيٽ مان 8000 ارب روپيا (اٺ ھزاز ارب) وفاق پاران کنيل قرضن جي مد ۾ وڃن ٿا، قرض ڪنھن کنيا آھن؟ وفاق!!
ڪٿي خرچ ڪيا اٿس؟ جائز خرچ ڪيا اٿس يا ناجائز؟ وقت تي واپس ڇو نھ ڪيا اٿس ۽ وياج تي وياج چڙھي ھاڻي ڪل قرض ملائي 80 ھزاز ارب روپين کان بھ مٿي ٿي چڪو آھي! وفاق جڏھن ڪُل قرض جو صرف وياج ئي نٿو ڏيئي سگھي تھ قرض ڪٿان لاھيندو؟؟ ۽ جيڪڏھن قرض لاھي نھ سگھندو تھ ڇا ھر سال صوبن جي منڍي مروڙي صوبن جو پيٽ ڪاٽيندو رھندو؟؟
ڇا وفاق سچ پچ ڪنگلو آھي؟ يا وفاق جو پيٽ دوزخ کان بھ وڏو آھي ۽ ڪڏھن بھ ناھي ڀرجڻو؟؟
وفاق جي ڪل بجيٽ ساڍا سترھن ھزار ارب روپيا آھي، صوبن جي منڍي مروڙي 1700 ھزار ارب روپيا (ٽن سالن لاءِ) وڌيڪ ڀتو ورتو اٿائين، اھي ٿيا 19200 ارب روپيا.
پاڪستان جي ناليواري معاشي ماھر ۽ ڊان ۾ معاشي مامرن تي مستقل شاندار ۽ حقيقي تجزيو پيش ڪندڙ مشھور ليکاري محمد يوسف وفاق جي پيٽ نھ ڀرجڻ جي حقيقت کي انڱن اکرن ۾ بيان ڪندي چوي ٿو:
”وفاق وٽ صرف اھي ساڍا اڻويھھ ھزار ارب ناھن، پر پيٽرول ۽ ڊيزل وغيرھ جي مٿان مڙھيل ليوي جي مد ۾ وفاق کي ھر سال گھٽ ۾ گھٽ 2.5 ٽرلين (2500 ارب روپيا) ملن ٿا، ان تي ليوي جو نالو انڪري رکيو ويو آھي تھ ٽيڪس جي مد ۾ آڻبو تھ پوءِ ان مان 57.5 سيڪڙو صوبن کي ڏيڻو پوندو. واضح رھي تھ ٻاڻ پيٽرول ۽ ڊيزل وغيرھ جو في ليٽر ڪيتري ۾ بھ وٺون، ان تي 120 روپيا ليوي ڊيوٽي لڳل ھوندي آھي، يعني وفاق جو ڀتو!!
محمد يوسف وفاق پاران صوبن جي حصي جي چوري بلڪھ ڦر جو ھڪ ٻيو مد بھ ٻڌائي ٿو، اسٽيٽ بينڪ ۽ بينڪن جي ڏيتي ليتي ۽ ڪاروبار جي مد ۾ھن جي چوڻ مطابق، لڳ ڀڳ 2.7 ٽرلين روپين
(2700 ارب روپيا) جي ڪمائي سڌو وفاق جي کيسي ۾ وڃي ٿي ۽ ان مان ٽڪي پائي بھ صوبن کي نٿي ملي.
محمد يوسف، ھڪ ٻيو کاتو بھ کوليندي چيو ٿو تھ، لڳ ڀڳ (2.5 ٽرلين 2500 ارب روپيا)جي گئس سبسڊي جي صورت ۾ فرٽلائيزر انڊسٽري ۽ ٻين دفاعي ادارن کي ڏني وڃي ٿي. وفاق کي غير ملڪي ملندڙ گرانٽس وغيرھ جو کاتو اڃان ٻيو آھي، جنھن مان صوبن کي ٽڪو ئي نٿو ملي.
محمد يوسف جي چوڻ مطابق تھ،”وفاق جي اڪائونٽ ۾ ھر سال 25 ھزار ارب روپيا اچن ٿا، جنھن مان 8000 ارب وياج ۽ ساڍا ٽي ھزار روپيا دفاع جا ڪٽيو تھ بھ وفاق وٽ ساڍا تيرھن ارب صافي بچن ٿا.
ساڍا تيرھن ارب روپيا وفاق ڪرپشن ۽ پنھنجي گرائين کي نوازڻ ۾ ڪئين اڏائي ٿو، اچو تھ محمد يوسف جي زباني ٻڌون ٿا:
1. وفاق صوبن جي حوالي ڪيل وزارتون تعليم، صحت وغيرھ ان ڪر ي پاڻ وٽ بھ رکيو ويٺو آھي، جو انھن جي ذريعي غير ملڪي گرانٽس ۽ پراجيڪٽ صوبن کي ڏيڻ بجاءِ پاڻ ھڙپ ڪيو وڃي، پر ٻي پاسي ھزارين ملازمن جون پگھارون، آفيسون، گاڏيون پيٽرول وغيرھ جا خرچ ڀري ٿو، انڪري انھن کاتن ۾ حڪمران پنھنجي مائٽن ۽ رشتيدارن کي سڻڀين آسامين تي رکيو ويٺا آھن.
2. وفاق لڳ ڀڳ 2.5 ٽرلين جي سبسڊي شگر انڊسٽري، پيپر انڊسٽري، ايڪسپورٽ انڊسٽري، امپورٽ انڊسٽري وغيرھ کي ڏئي ٿو.
3. ايتري ئي سبسڊي فرٽلائيزر انڊسٽري ۽ ٻين دفاعي ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي ٿو.
4. خاص طور تي پنجاب جا ميگا پروجيڪٽ موٽروي وغيرھ ٺاھي ٿو.
نتيجو: باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي تھ وفاق وٽ آمدني جي کوٽ ڪونھي، پر وفاق حڪمران طبقو، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي گڏجي ملڪ جو ناڻو ائين لٽي رھيا آھن، جو سنڌيءَ ۾ چئبو آھي: ” مال مفت دل بيرحم!“ ٻي پاسي وفاق جي ڪنگال ھجڻ، صوبن جي خوشحال ھجڻ ۽ صوبن جي ڪرپشن کي نام نھاد قومي ميڊيا ۽ حڪمرانن ۽ سول ۽ مليٽري بيوروڪريسي جي ٽڪرن تي پلجندڙ صحافين جي اڻکٽ لوڌ جي ذريعي بيانيو (Narrative) ٺاھيو ويندو رھيو آھي تھ وفاق ڪنگال ٿي ويو آھي، ان کي بچائڻ لاءِ 1700 ارب روپيا ٽن سالن لاءِ صوبا، وفاق جي حوالي ڪن ۽ نھ ڪرڻ جي صورت ۾ حڪمران ٽپڙ ٻڌن، انھن کي نوان شينھن کپن، جيڪي عوام جو ماس پٽي کائڻ ۾ ھاڻوڪن حڪمرانن کان وڌيڪ بيحس ۽ بيرحم ھجن!
بابي جي گھر مھمان، پاڻ کي پرواھھ ئي ڪونھي!
پليجو صاحب، تقريرن ۾ اڪثر وڏيرن جي جھالت ۽ شاھھ خرچين لاءِ چوندو ھو:” بابي جي گھر مھمان، پاڻ کي پرواھھ ئي ڪونھي!“ سو ان چوڻي مطابق تھ، آصف علي زرداريءَ جا چرچا ملڪان ملڪ مشھور آھن، سنڌي ماڻھن جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گھارڻ تي مجبور آھي، پر سنڌين جو بادشاھھ ايترو سخي آھي جو ننڌڻڪن مسڪين ماڻھن جا 350 ارب روپيا ساليانو ٽن سالن لاءِ يعني ساڍا ڏھھ سو ارب روپيا اقتدار جي بدلي تاوان ڏئي ڏند ٽيڙي سھڪندو اچي سنڌ پھتو، چئي:” ابا: سنڌ ۾ چار صوبا ٿي ٺاھيائون، ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ٿي ڪيائون، سو لک مبارڪون ھجنو! سنڌ بچائي اچي پھتا آھيون.“
مون ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي اڳئين پرچي ۾لکيو ھو تھ:” اھا نوراڪشي آھي، پيپلزپارٽي وارا اسٽبليشمينٽ کي چوندا، اوھين پنھنجي دھلارين جي معرفت سنڌ کي ٽڪر ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏجو، اسين ان جي خلاف سنڌ سان محبت جو وچن ورجائينداسين، آخر ۾ جيڪو اوھان کي کپي يعني روڪڙ، مال پاڻي وغيرھ اسين چپ چپات ۾ ڏيئي ڇڏينداسين،“
سو نوان صوبا، ارڙھين ترميم، بينظير انڪم سپورٽ اسڪيم وغيرھ وفاق جڏھن چاھيندو ختم ڪري ڇڏيندو. في الحال ان کي 1700 ارب روپين جو سالانو ڀتو ئي مليو. سو سنڌ جي سياستدانن ۽ انھن جي پارٽي اچي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم سان نقلي جھيڙو اٽڪائي، ڍونگ ڪرڻ ۾ پورا آھن. وڏن رئيسن جي ان عمل سان گھٽ ۾ گھٽ ٽن سالن تائين سنڌ جي ترقياتي بجيٽ زيرو ھوندي. 3600 ارب روپيا جي سنڌ جي بجيٽ تي وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھھ پريس ڪانفرنس ۾ چيو تھ، ترقياتي بجيٽ لاءِ پئسا ڪونھن.
ھونءَ بھ ڏٺو وڃي تھ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت 18 سالن جي پنھنجي اقتدار ۾ 35000 ارب روپيا پنھنجي ھٿن سان اڏايا آھن، 18 سالن جي بجيٽن مطابق 4000 ارب روپيا تعليم تي ۽ 2500 ارب روپيا صحت تي خرچ ڪرڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. لڳ ڀڳ 2500 ارب پيا امن امان تي پڻ خرچ ڪرڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. سنڌ جي تعليم، صحت ۽ امن امان جي جيڪا صورتحال آھي، ان جي باري ۾ سنڌ جو عوام اسان ليکارين کان وڌيڪ باخبر آھي، امن امان جي صورتحال اھا آھي جو ڪراچي ۽ حيدرآباد جھڙا شھر محفوظ ناھن، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور، خيرپور تھ پري جي ڳالھھ آھي، مڪاني ادارن تي سوين ارب خرچ ڪرڻ جي باوجود ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر شھرن جي اندر جا روڊ رستا ايترا خراب آھن، جو انھن کي بيان ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو سولو لفظ نٿو ملي! وفاق تي ڪيتري تنقيد ڪريون پر سنڌ جا چار وڏا روڊ ھلڻ چلڻ جي لائق انڪري آھن جو اھي اين ايڇ اي جي حوالي آھن، جيڪڏھن اھي بھ رئيس وڏي جي حوالي ھجن ھا تھ، انھن جو حشر بھ حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني ۽ نسيم نگر ۽ علي پئليس جي روڊن جھڙو ئي ھجي ھا!
***