سنڌ، جنهن جو وجود هزارن سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جنهن پنهنجي شاندار تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ پنهنجي فڪرِ انسانيت سان سموري عالم کي نوازيو، نه رڳو ايترو پر پوري دنيا جي انسانن لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ سلامتي جو شاندار مثال قائم ڪيو!
سنڌ اهو واحد خطو آهي، جنهن جي تعريف پيغمبرن، اوليائن ۽ درويشن پنهنجن ڪچهرين ۾ ڪئي آهي۔. وڏو مثال حضور صه جو پڻ آهي۔ پاڻ فرمايائون: ”سنڌ طرف کان جنت جي خوشبو ايندي اٿم!۔“
سنڌ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ ته ڪيترن ئي شاعرن اوليائن جون دعائون تاريخ ۾ موجود آھن، پر دنيا جي عظيم صوفي شاعر مولانا جلال الدين رومي به ڏاڍو متاثر هو. ۔ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ مولانا رومي جو سنڌ متعلق هڪ بيت درج ڪيو آهي:
“سنڌيان را اصطلاح سنڌ مداح
هنديان را اصطلاح هند مداح!
جنهن جو مطلب آهي ته، سنڌ وارا ڀل پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائين ۽ هنڌ وارا ڀل پنهنجي هنڌي ٻولي ڳالهائين، سنڌين کي سندن سنڌي ٻولي محبوب ۽ مبارڪ هجي، هندين کي سندن هندي ٻولي محبوب ۽ مبارڪ هجي.۔“ (بلوچ، ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، صفحو: 118)
يعني سنڌ هر دور ۾ نه رڳو تهذيب، تمدن، علم ادب ۽ وسيع سرحدن تي ڦيلھيل ھڪ خدمختيار شاندار رياست رهي آهي، پر ان سان گڏوگڏ تاريخي لحاظ کان سنڌ جون سرحدون تمام وسيع رھيون آھن. چچ نامي مطابق، ”سنڌ جون سرحدون تمام وسيع ھيون، سنڌ اڀرندي کان ڪشمير تائين، اولھندي کان مڪران تائين، ڏکڻ کان ديبل تائين ۽ اتر کان ڪيڪانان ۽ ڪردن جي جبل تائين پکڙيل ھئي.“
تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جي ماڻهن هر دور ۾ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي آئيني حقن جي تحفظ لاءِ آواز اٿاريو آهي. هي آواز هميشه امن، جمهوريت، قانون ۽ آئين جي دائري اندر رهيو آهي. سنڌ واسين جو مطالبو هميشه اهو رهيو آهي ته ملڪ جي هر صوبي کي برابر عزت، حق ۽ آئيني تحفظ حاصل هجي، ڇاڪاڻ ته مضبوط وفاق ان وقت ئي قائم رهي سگهي ٿو، جڏهن ان جون سڀئي وفاقي وحدتون پاڻ کي محفوظ، باعزت ۽ برابر سمجهن.
سنڌ جي جاگرافيائي حدن بابت غير ذميواراڻا بيان يا تجويزون نه صرف بيچيني ۽ بي اعتمادي پيدا ڪن ٿيون، پر عوام جي دلين ۾ خدشا به جنم ڏين ٿيون. اهڙين ڳالهين سان سياسي اختلاف وڌن ٿا ۽ قومي هم آهنگي متاثر ٿئي ٿي. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن سڀئي ڌريون هڪ ٻئي جي تاريخ، ثقافت، سڃاڻپ ۽ آئيني حيثيت جو احترام ڪن، ته اهو نه صرف وفاق کي مضبوط ڪندو، پر ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه به هموار ڪندو.
سوال آھي تھ ڇا ان صدين جي تاريخ، ادب، تهذيب ۽ ثقافت کي ڪجھھ ڀولڻن جي ڊرامي انداز سان ميسمار ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا سنڌ جي هزارين سالن جي وجود کي ايئن يونيٽن ۾ ورهائي، سنڌ جي وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري سگهجي ٿو؟۔ جنهن جو سادو جواب آهي، ڪڏهن به نه! هرگز نه! ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪندڙ باشعور ماڻهو رڳو پاڪستان جي 80 سالن جي تاريخ کي هڪ ڀيرو پڙهي ڏسي ته ون يونٽ جنهن کي ڪيترائي سال ملڪ مٿان مڙهيو ويو، سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري، سنڌي ٻوليءَ تي بندش وڌي وئي ۽ سنڌ جي سمورن پريس ڪلبن تي پابنديون مڙهي، خوف جي فذا کي عام ڪيو ويو، پر دنيا ڏٺو تھ سنڌ جو ھر پوڙھو، نوجوان توڙي ٻالڪ روڊن ۽ رستن تي ايئن جُبي ويو جو پاڪستان جي ڊڪٽيٽر شاھي کي شڪست آئي، آخر سنڌ پنهنجي وجودي بقا جي جنگ کٽي ۽ فوجي ڊڪٽيٽر ايوب خان کي شڪست ڏني.۔
پاڪستان اسسٽبليشمينٽ وري هڪ ٻي غلطي يا ايئن چئجي ته سنڌين جي طاقت ۽ احتجاج کي آزمائڻ وڃي رهي آهي، ساڻن اها به ڀلي ڀت پروڙ اٿن ته سنڌ ڪو چرچو يا مزاق ڪونهي!
سنڌ جا ماڻهو وطن جي معاملي ۾ انتهائي جذباتي آهن!، اھي ڪڏھن بھ سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورھائڻ نھ ڏيندا! ان جي باوجود طاقتور ڌريون سنڌين سان وري ڪو تاريخي ملاکڙو ڪرڻ گھرن ٿيون تھ ساڻس اھو شوق بھ پورو ڪري ڏسن!
ويجھي تاريخ ۾ ٻٻرلي جو ڌرڻو اڃان ماڻھن جي دل ۽ دماغ تان وسريو ناھي. ان ڪري پاڪستان جي طاقتور ڌرين کي سمجھڻ گھرجي تھ سنڌين جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ھرگز نھ آزمايو وڃي ۽ نھ ئي وري سنڌين جي ريڊ لائين کي ڇيڙيو وڃي. سنڌين جي ڊگھي خاموشي ۽ ماٺ جي روزي کي ديوار سان لڳايو ويو تھ پوءِ ٻٻرلي کان بھ وڌيڪ خطرناڪ تحريڪ باھھ وانگر اٿندي ۽ ان باھھ کي وسائڻ لاءِ ڪي بھ پريشر ۽ حربا ڪم نھ ايندا، ڇاڪاڻ تھ سنڌين کي ماٺ بھ اچي ٿي تھ، وري احتجاج جو اھو شاندار طريقو بھ! يعني ايئن سمجھجي تھ، ”ماٺ ۾ بھ مام آھي!“
انڪري پاڪستان جي اعليٰ اقتدار ڌڻين کي ھوش کان ڪم وٺڻ گھرجي ۽ جمھوريت جي دعويدار پارٽين کي پڻ ان سموري ڊرامي خلاف ھڪ آواز ٿي، سينٽ توڙي اسيمبلين ۾ قرارداتون پاس ڪرائڻ گھرجن!
انھيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال تي ڪافي سال اڳ، سنڌ جي انقلابي شاعر ”ابراھيم منشي“ چيو ھو:
”جمهوريت راڄ ٿيو جاري، چڱا چالان چوڌاري،
هزارين جيل ۾ هاري، ظلم ساڳئي ۾ نر ناري،
وري سورن ۾ سنڌ ساري، نئين سر قيام ٿي ڪاري،
وري مظلوم ويچارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
وري رهبر بنيا باطل، اهي ئي قوم جا قاتل،
سدا غم ڪڙم کان غافل، پوڄاري پيٽ جا پاليل،
نئين نعري ۾ ٿي شامل، نئون ليبل اها بوتل،
اها بگري اهو ڍارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
وري گنگا صنم ساڳيا، وٺي آيا جنم ساڳيا،
اسم ساڳيا جسم ساڳيا، وري سانگين ستم ساڳيا،
وري ڀاڳين ڀرم ساڳيا، وري ڪوڙا قسم ساڳيا،
وري قانون اهو ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
وٺي ويئي مارشل موڪل، هنگامي آئي هٿ ٺوڪيل،
سنڌي ۽ سنڌ ٿاڻي ۾، هميشه جيئن رهيا روڪيل،
اهي ئي چور ٿيا اڄ، چور دروازي ڪنان داخل،
نه آهي ڪو چوڻ چارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
هتي جنهن ٻڙڪ سچ ٻولي، لڳي ٿي ترت تنهن گولي،
ٺڳي جي ٺاهي نئين ٽولي، خدا جي خلق تي رولي،
هلي هر هنڌ پيئي هولي، لڳي گولي سندي لولي،
کائي ميمبر پيو کڳمارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
ويون انصاف جون راهون، پيا مسڪين ڪن دانهون،
ڪيا جن قول ٿي ڪيڏا، ٻئي هر هر کڻي ٻاهون،
وزارت جون وٺي ڪرسيون ڪري ويا پير سڀ پاهون،
ٿيو پڌرو اڇو ڪارو، خد ا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
اهي ڦريون اهي ڌاڙا، پوليس ڪئين پٽيا پاڙا،
سفارش جا اهي ساڙا اهي رشوت سندا راڙا،
وزيرن جا ڀري واڙا، لچن لالچن تي ڪيا لاڙا،
وهي واهڙ پيو اوڀارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
لڳي ڪرسي مِٺي منصوري، ويا سڀ واعدا وسري،
ٻڌائون حال چئو ڪنهن کي، سڀ ئي نانگا ٿيا نسري،
سڀيئي سلطان هي ڪسري، سڏائن پاڻ کي پسري،
ڪيو تن عيش ڏي آرو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
جهنگن جا ساڳيا جهانگي، سڀيئي سورن اندر سانگي،
بکن بيحال ڪيا “ منشي” نه تن جو ڪو وريو وانگي،
اڳوڻي کان ظلم آڳرو، ملي سون منهن تي دانگي،
ڪيوسون پنهنجو منهن ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو. “
***