آبنائي هرموز اڄ به عالمي سياست جي سڀ کان حساس ۽ اهم لنگهه طور سامهون اچي ويو آهي، جتان دنيا جي وڏي حصي جو تيل گذري ٿو۔ تازي آمريڪا ايران ڇڪتاڻ دوران هن علائقي بابت خبرن ۽ افواهن عالمي ڌيان کي وڌيڪ تيز ڪيو آهي۔، ايران جي پرڏيهي وزير جي روسي دوري کان پوءِ خاص طور تي ايران ۽ روس جي وڌندڙ ويجهڙائي هڪ نئين جيوپوليٽيڪل بحث کي جنم ڏنو آهي.۔
هن موقعي تي ايران ۽ روس ۾ لاڳاپا وڌڻ جي حڪمت عملي ان بحث کي جنم ڏنو آهي ته ڇا ايران ۽ روس ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اتحاد نظر ايندو يا اها آمريڪا کي موجوده صورتحال ۾ پريشان رکڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي ؟
دنيا جي باخبر تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته، ايران ۽ روس وچ ۾ لاڳاپا هاڻي رڳو سفارتي حدن تائين محدود ناهن رهيا، پر دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ سطح تي به وڌي رهيا آهن۔، گڏيل فوجي مشقون، سيڪيورٽي تعاون ۽ علائقائي مفادن جي هم آهنگي ٻنهي کي ويجهو آڻي رهي آهي۔ بهرحال، هن ويجهڙائي کي مڪمل فوجي اتحاد قرار ڏيڻ اڃا وقت کان اڳ هوندو، ڇو ته ٻنهي ملڪن جا پنهنجا الڳ الڳ مفاد ۽ حدون آهن.۔
هوڏانهن جڏهن ڏسجي ٿو ته، آمريڪا پاران ايران تي دٻاءُ جي صورتحال ڇا سڌي جنگ ڏانهن ويندي؟ خبر پئي ٿي ته آمريڪا هن صورتحال ۾ سڌي جنگ کان پاسو ڪندي، گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيو آهي۔ نار ۾ بحري موجودگي وڌائڻ، اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ ۽ سفارتي دٻاءُ ذريعي ايران کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔. آمريڪا جو اهم مقصد اهو آهي ته علائقي ۾ بنا ڪنهن وڏي جنگ ۾ ڦاسڻ جي پنهنجو اثر برقرار رکي، هوڏانهن آمریڪا ۽ روس وچ ۾ لاڳاپا اڳ ئي ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا آهن، ۽ ايران واري صورتحال ان ڇڪتاڻ يا دٻاءُ کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي، پر هتي هڪ اهم نڪتو سمجهڻ ضروري آهي:
ٻئي ملڪ نيوڪليئر طاقتون آهن، اهي سڌي جنگ کان پاسو ڪندا البت علائقائي سطح تي مقابلو (Proxy competition).هڪ ٻئي خلاف پابندين ۽ اتحادي ملڪن ذريعي سياسي اثر ۽ دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ”سرد جنگ جهڙي صورتحال“ وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿي، باقي کليل فوجي ٽڪراءُ جا امڪان انتهائي محدود رهندا۔ اسان لاءِ اهو سوال هن وقت اهم آهي ته، پاڪستان لاءِ صورتحال ڪيئن رهندي ته ان جو سادو جواب اهو آهي ته پاڪستان لاءِ خطرا ۽ موقعا گڏ گڏ نظر ايندا، ٻين لفظن ۾ ائين چوان ته پاڪستان لاءِ هي بدلجندڙ صورتحال هڪ وڏو امتحان به آهي ۽ هڪ موقعو به۔. امتحان اهو هوندو ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ سان معاشي دٻاءُ وڌندو، علائقائي عدم استحڪام جو سڌو اثر به پوندو ته ساڳي وقت وڏين طاقتن جي بلاڪ سياست ۾ توازن رکڻ جو چيلنج به هر وقت سامهون هوندو . ها البت اهو ضرور آهي ته پاڪستان لاءِ هڪ ممڪن مثبت پهلو اهو هوندو ته، ملڪ جي سفارتي اهميت ۾ واڌ سان ان کي مختلف بلاڪن سان متوازن لاڳاپن جو موقعو ملندو،
توانائي ۽ ٽرانزٽ روٽس ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو به فائدو ٿيندو. پاڻ جڏهن انهن سڀني منظرن تي نظر وجهون ٿا ته، هڪ وڏو منظرنامو اهو نظر اچي ٿو ته دنيا آهستي آهستي ”ملٽي پولر ورلڊ“ ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي هڪ طرف آمريڪا ٻئي طرف روس ۽ ان جا ويجها ساٿي ۽ وچ ۾ وري علائقائي طاقتون آهن، اهو نئون توازن عالمي سياست کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيو آهي۔.
آبنائي هرمز جي چوڌاري وڌندڙ ڇڪتاڻ، ايران-روس ويجهڙائي ۽ آمريڪا جي محتاط حڪمت عملي گڏجي هڪ نئين عالمي تصوير ٺاهين ٿا۔ سڀ کان اهم شئي هوشيار سفارتڪاري ۽ توازن آهي .ياد رهي ته جيڪو ملڪ اهو توازن قائم رکي سگهندو، اهو ئي نئين عالمي نظام ۾ پنهنجو مضبوط ڪردار ادا ڪندو۔.
جنگ جي پاڇي هيٺ بيٺل دنيا ۽ سفارتڪاريء جو آخري امتحان!
عالمي سياست جي منظرنامي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ هاڻي صرف ٻن ملڪن جو معاملو نه رهيو آهي، پر اهو عالمي امن، توانائي جي فراهمي ۽ معاشي استحڪام سان سڌي طرح ڳنڍيل هڪ وڏو سوال بڻجي چڪو آهي. وقت گذرڻ سان گڏ اها اميد پيدا ٿيڻ گهرجي ها ته شايد ڳالهين جا در وري کلي پوندا، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.بي اعتمادي وڌي رهي آهي، موقف سخت ٿي رهيا آهن ۽ دنيا هڪ اهڙي ڊيڊ لاڪ کي ڏسي رهي آهي جنهن جو ڪو واضح حل نظر نٿو اچي. تازين آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب به صورتحال ”خطرناڪ جمود“ ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي نه مڪمل جنگ آهي ۽ نه ئي جٽادار امن. سوال اهو آهي ته ڇا دنيا هڪ ٻي وڏي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي يا اڃا به سفارتڪاري وٽ ڪو موقعو باقي آهي؟ تازين رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيتوڻيڪ عارضي جنگ بندي جهڙا قدم کنيا ويا آهن، پر اهي گهڻي وقت تائين قائم رهڻ جي سگهه نٿا رکن. آمريڪا اندر به هن تڪرار تي سياسي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جتي قانون ساز ادارن ۾ بحث هلي رهيو آهي ته جنگ کي جاري رکڻ گهرجي يا سفارتي رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. اهو عنصر صورتحال کي وڌيڪ غير يقيني بڻائي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاليسي اندروني دٻاءَ هيٺ تبديل ٿي سگهي ٿي.
ٻئي پاسي ايران جو موقف به وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي. تهران واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو پنهنجي جوهري ۽ دفاعي پاليسين تان پوئتي نه هٽندو، ۽ جيڪڏهن مٿس دٻاءُ وڌو ويو ته سندس جواب به سخت هوندو. خاص طور تي آبناءِ هرموز واري صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جتي ڪنهن به تڪرار جي صورت ۾ عالمي تيل جي فراهمي سخت متاثر ٿي سگهي ٿي. تازين خبرن موجب هن علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب تيل جون قيمتون اڳ ئي وڌڻ شروع ٿي ويون آهن، جيڪو عالمي معيشت لاءِ هڪ خطرناڪ سگنل آهي.
ان سڀني حالتن جي باوجود، ڳالهين جو عمل اڳتي وڌڻ بدران بيهجي ويو آهي. ڪجهه سفارتي تجويزون سامهون آيون، پر اهي يا ته قبول نه ڪيون ويون يا اڻپوريون سمجهي رد ڪيون ويون. ايران في الحال سڌين ڳالهين کان به پاسو ڪري رهيو آهي، جنهنڪري پاڪستان جون ڪوششون به گهڻو اثرائتو نتيجو نه ڏئي سگهيون آهن. پاڪستان جي خواهش آهي ته هو هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري، پر عالمي سطح تي محدود اثر سبب ان جون ڪوششون اڃا تائين ”خاموش سفارتڪاري“ تائين محدود آهن.
انهي پس منظر ۾ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته صورتحال صرف پيچيده ناهي، پر مخلصي جي کوٽ به ان کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي رهي آهي. آمريڪا اندر به قيادت جي سطح تي اختلاف نظر اچن ٿا، جتي ڪجهه حلقا جنگي حڪمت عملي جي حمايت ڪن ٿا، جڏهن ته ٻيا سفارتڪاري کي ترجيح ڏين ٿا. اهڙي پاليسي جو فائدو ڪا به ڌر حاصل نه ڪري رهي آهي.
جيڪڏهن هي تڪرار حل نه ٿيو، ته ان جا اثر تمام گهرا ۽ وسيع هوندا. عالمي معيشت اڳ ئي دٻاءُ هيٺ آهي ۽ جيڪڏهن آبناء هرموز جهڙو اهم گذرگاه متاثر ٿئي ٿو، ته تيل جون قيمتون وڌيڪ وڌنديون، مهانگائي عالمي سطح تي شدت اختيار ڪندي، ۽ اسرندڙ ملڪ خاص ڪري پاڪستان سخت معاشي بحران کي منهن ڏيندو. ساڳئي وقت، دنيا سياسي طور وڌيڪ ورهائجي سگهي ٿي، جتي وڏيون طاقتون پنهنجا پنهنجا بلاڪ مضبوط ڪندي مقابلي کي وڌيڪ تيزڪنديون.
مان سمجهان ٿو هن جمود جو ذميوار ڪنهن هڪ ڌر کي قرار ڏيڻ مناسب نه ٿيندو. آمريڪا جي سخت پاليسين، ايران جي سخت موقف ۽ عالمي برادري جي غيرفعال ڪردار گڏجي هن بحران کي هن حد تائين پهچايو آهي. پر اڃا به صورتحال مڪمل طور بند گهٽي ۾ داخل نه ٿي آهي. سفارتڪاري جو در اڃا کليل آهي، پر اهو در صرف تڏهن کليل رهي سگهي ٿو جڏهن اعتماد، لچڪ ۽ سنجيده سياسي ارادو گڏجي ڪم ڪن.
دنيا اڄ هڪ اهڙي نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، جتي فيصلا صرف ٻن ملڪن جا نه، پر پوري انسانيت جي مستقبل تي اثرانداز ٿيندا. جيڪڏهن عقل، برداشت ۽ ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو ويو ته شايد امن ممڪن ٿي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ جنگ جو خطرو صرف هڪ امڪان نه، پر هڪ ويجهي حقيقت بڻجي سگهي ٿو.
***