پاڪستان بابت ڳالهيون تمام سولائيءَ ۽ آسانيءَ سان فرسوده جملن طرف هليون وينديون آهن. ’پاڪ سرزمين‘ وارو جملو منهنجو ذاتي پسنديده آهي. مختلف نسلون وڏي عمر جي ماڻهن کان وٺي اڄ جي نوجوانن تائين شايد هڪجهڙي نموني ’پاڪستان دوواهي تي بيٺل آهي‘ واري جملي کان واقف آهن. ڪنهن خبر جي سرخيءَ طور استعمال ٿيندڙ هي جملو، ملڪ جي اندروني حالتن کي بيان ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن پسمنظر جي آسانيءَ سان لکي سگهجي ٿو ، چاهي اهو سرد جنگ جو زمانو هجي، نائن اليون کان پوءِ جي دنيا هجي، يا جمهوري دورن کان وٺي هائبرڊ نظام تائين جو وقت هجي.
اهو ڏوهه صرف پاڪستانين جو ناهي، پر باقي دنيا جو به آهي، جيڪا هن ملڪ کي فرسوده جملن ۽ خيالن جي ڌند سان ڏسي ٿي. هن سخت ملڪ، يا دنيا جي سڀ کان خطرناڪ ملڪ جي اندر اسلام آباد جون سرسبز گهٽيون، ڪراچي جهڙو بندرگاهه وارو شهر ۽ مغليه ماضيءَ وارو لاهور موجود آهن. هتان جي سياست تي فوج جو غلبو آهي، ۽ ماڻهو وردي واري طاقتور شخص (ڊڪٽيٽر) لاءِ خاص رغبت يا شوق رکن ٿا، جڏهن ته سياسي پارٽيون خانداني ڪاروبار بڻيل آهن. خيبر پختونخواهه کي جنگجو پٺاڻن جي صوبي طور سڃاتو وڃي ٿو، ۽ بلوچستان قبيلائي آهي. سنڌ هڪ جاگيرداراڻو علائقو آهي جتي هارين جا نسل صوفين ۽ ڀٽو خاندان جي پوڄا ڪندا آيا آهن. جيتوڻيڪ انهن بيانين ۾ ٿورو فرق ٿي سگهي ٿو، پر اهي سڀ اهڙن سماجن جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي وقت سان گڏ ڄمي ويا آهن، جتي سياسي ۽ سماجي طور تي ڪا خاص تبديلي ناهي آئي. اها ڳالهه مڃڻ جهڙي آهي ته اهي گهڻا فرسوده جملا ان پرڏيهي ميڊيا جي ڪوريج جو نتيجو آهن، جيڪا مختلف سببن ڪري، ٻين جي ٺاهيل ڪهاڻين کي قبول ڪندي رهي آهي. پر هن موڙ تي، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڇا ٻين جي ڪهاڻين اسان جي سوچ ۽ تجزيي کي شڪل ڏني آهي يا ان جي ابتڙ ٿيو آهي. جيڪو به معاملو هجي، فرسوده جملن هاڻي راءِ کي ايترو گهڻو متاثر ڪيو آهي جو خود عام سماج به پنهنجي اکين جي اڳيان ٿيندڙ تبديلين کان بي خبر رهيو آهي. مثال طور، بلوچستان ۾ ويهن سالن جي ويڙهاڪ تحريڪ کان پوءِ وڃي گهڻن ماڻهن کي اهو احساس ٿيو ته صوبي ۾ هاڻي سردارن جو ڪنٽرول ناهي رهيو؛ پر بحثن ۾ ۽ سياست کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهيندڙن پاران هن فرسوده خيال کي اڃا تائين ناهي ڇڏيو ويو. بلاشڪ، فرسوده جملا رڳو ملڪ جي حالت بيان ڪرڻ لاءِ نه، پر اها وضاحت ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيا ويندا آهن ته هتي جي سياست ڪيئن ٿي هلي. اها سياست اڃا تائين خانداني راڄن جي گهيري ۾ آهي؛ ماڻهو اڻپڙهيل آهن ۽ نٿا ڄاڻن ته صحيح ماڻهن کي ووٽ ڪيئن ڏجي .ان ڪري ئي هتي جمهوريت ڪم نٿي ڪري. ڇاڪاڻ ته اهي ’سٺن‘ ماڻهن کي ووٽ نه ڏيندا آهن، پر انهن کي ڏيندا آهن جيڪي سندن ڳلي، محلي جي سياست يا مقامي مسئلن ۾ مدد ڪري سگهن. يا وري اهي شخصيتن ۽ جنوني اڳواڻن کي ووٽ ڏيندا آهن. اهو فرسوده خيال هتي يا اتي ٿورو بدلجي سگهي ٿو، پر ماڻهن جي صحيح چونڊ نه ڪري سگهڻ واري اها روايتي ڳالهه نٿي بدلي. اهو ڪنهن صوفي يا درويش جي صبر کي آزمائڻ لاءِ ڪافي آهي. يا وري استحڪام چاهيندڙ اسان جي ڪيترن ئي ”درويش سياستدانن“ لاءِ.
پر سياستدانن جا وري پنهنجا فرسوده جملا آهن، هو ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته رڳو سندن صلاحيت ئي ملڪ کي بچائي سگهي ٿي، چاهي اها ڪا ڊيل (سمجهوتو) ڪرڻ جي صلاحيت هجي، سڙڪ (يا اڃا بهتر، گهڻيون سڙڪون) ٺاهڻ هجي، يا ڪرپشن ختم ڪرڻ هجي. ٻيو ڪو به ان لائق ناهي. سندن اها خوبي چئبي جو انهن مان ڪو به اهو نٿو سوچي ته هو ڪو اهڙو فن سکڻ جي ڪوشش ڪري جيڪو سندس مخالف کي حاصل هجي. پنهنجي ان هڪڙي مهارت سان هو پاڪستان کي بچائي سگهن ٿا، بلڪل گذريل دور جي انهن هيروز وانگر جيڪي تنگ پتلونن جي مٿان نيڪر پائيندا هئا ۽ اڪيلي سر ميٽروپولس يا گوٿم شهر کي بچائڻ جو ڪم ڪندا هئا. پر هي هڪ پراڻو فرسوده خيال آهي، ان کان اڳ جو هالي ووڊ کي اها خبر پئي ته اهي سڀئي گڏجي اڏامي سگهن ٿا ته جيئن برن ماڻهن جو مقابلو ڪري سگهجي.
ٻيا ماڻهو به کين انهن ئي فرسوده جملن جي نظر سان ڏسن ٿا، جهڙوڪ جنوني ٽولا، عوام پسند (پاپولسٽ)، تجربيڪار سياستدان ۽ ڊيل ڪندڙ. ۽ پوءِ سڀ کان وڌيڪ پسنديده ڳالهه اها آهي ته ڪيئن اهي سڀئي هڪ ئي نرسري (سائي ۽ خاڪي رنگ واري) مان پيدا ٿيا هئا. يا جيئن اردو ۾ ان جو نئون نسخو آهي ته ”اهي سڀ هڪ ئي گيٽ مان گذريا آهن“، جنهن جو مقصد اهو آهي ته انهن مان ڪو به حقيقي يا اصل ناهي. جيستائين جو، يقينن، هو سڀني هڪ ئي هٿان تڪليفون نٿا ڀوڳين. اهو چڪر هر ڀيري پاڻ کي دهرائي ٿو ، هڪ نئين خالق ۽ هڪ نئين گل وڪڻندڙ سان.
۽ پوءِ اهي فرسوده جملا اچن ٿا ته هن ملڪ کي ڪيئن ٺيڪ ڪجي. اهي پڻ اڃا تائين ناهن بدليا. انهن مان هڪ فرسوده خيال اهو آهي ته مسئلو هميشه پراڻو ۽ وڌيڪ جڙون مضبوط ڪري چڪل سياستدان هوندو آهي، ۽ کيس هٽائڻ ئي ان جو حل آهي. ڪڏهن ”مائينس ون“ (هڪ کي هٽائڻ) ته ڪڏهن وري سڀني کي هٽائڻ. 1970 جي ڏهاڪي ۾ اهو ڀٽو هو ۽ 1990 جي ڏهاڪي ۾ نواز شريف هو، ۽ اڄڪلهه ائين لڳي ٿو ته اهو عمران خان آهي. هڪ ٻيو فرسوده خيال ملڪ کي ”ڪرپشن“ مان نجات ڏيارڻ آهي؛ ڇا ٿيو جيڪڏهن اهڙي هر ڪوشش هن ناسور کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي پيو وڃي. اهو هڪ فرسوده جملو آهي، حقيقت ناهي.
پر ان کان به وڌيڪ بهتر هڪ ٻيو خيال آهي؛ هڪ بهتر ۽ سچي جمهوريت کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش. ۽ سياستدان ڪڏهن به هن فرسوده خيال ۾ دلچسپي نٿا رکن؛ ٻيا ماڻهو هميشه عوام جي مدد ڪرڻ، کين بهتر اڳواڻ ۽ روشن مستقبل ڏيڻ لاءِ اهو خيال تيار رکندا آهن. ان جو نالو بدلجندو رهي ٿو پر نيڪ نيتون نٿيون بدلجن. ڪڏهن ان جو مطلب غير جماعتي چونڊون هوندو آهي، ڪڏهن بااختيار مقامي حڪومتون، ون يونٽ يا وري وڌيڪ صوبا. گل کي ڪهڙي به نالي سان پڪاريو، ڳالهه ساڳي ئي رهندي.
هي سڀ ڪجهه ايترو ڄاتل سڃاتل هجڻ جي باوجود به تمام مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته وقت بدلجي وڃڻ کان پوءِ به خواب ناهي بدليو. تنهن ڪري ائين لڳي ٿو ته پراڻي نظام کي رڳو ”ريسٽ“ (ٻيھر شروع ڪرڻ) کان وڌيڪ ڪجهه گهرجي. ان کي پوريءَ ريت بدلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿين ۽ ماڻهن جي سندن دروازي تي مدد ڪئي وڃي.
حوالو:ڊيلي ڊان نيوز پيپر، ليکڪا: عارفا نور،
تاريخ:8 سيپٽمبر 2026، موضوع:Cliche's we use