خبر ناهي ته هي موضوع مون سوچيو آهي يا هن موضوع مون کي سوچيو آهي. ڪالھ رات کان وٺي دماغ ۾ هڪ ئي سوال بار بار ڦيرا پيو کائي، تہ آخر رشتن کي ڇو باهه لڳي آ؟
اسان جي ڏاڏي چوندي هئي ته رشتا بڙ جي وڻ جهڙا هوندا آهن. جن جون پاڙون گهريون، ڇانوَ گهاٽي.
پوءِ هي ڪهڙو زمانو آيو جو بڙ جا وڻ هاڻي نفرتن جي تيليءَ سان ٻري رهيا آهن؟ مان سوچيان ٿو ته شايد اسان رشتن کي رشتو سمجهڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. هاڻي رشتا اسان لاءِ رشتا نه رهيا آهن، پر هڪ سمجهوتو ٿي ويا آهن. هڪ اڻ لکيو ٺاھ جيستائين فائدو، تيستائين رشتو. جيئن ئي فائدي جو کاتو ختم، رشتي جو ڪاغذ به ڦاٽي ٿو پوي.
اسان جي ٻالڪپڻ ۾ رشتا ڪيڏا نه سادا هوندا هئا. ماسين جي گهر وڃڻ جو مطلب عيد هوندو هو. ناني جي گهر وڃڻ جو مطلب سڄي دنيا جي خوشيون، ماما اسان جا هيرو هوندا هئا. چاچي جي هٿ جي ماني ۾ اهڙو تہ ذائقو هوندو هو جو اڄوڪي هوٽلن جي برياني ۾ به ناهي.
هاڻي سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي. هاڻي ماسي جي گهر وڃڻ کان اڳ سو دفعو سوچڻو پوي ٿو ته ڪٿي هوءَ اسان کي ڪو ڪم نه ڦاسي وٺي. مامي جي فون تي هاڻي اڳ جهڙي گرمجوشي ناهني، هاڻي هڪ رسمي "هائو، ٺيڪ آ، بس" آهي. سوال اهو آهي ته باھہ ڪٿان لڳي؟ پهرين باهه لڳي آهي موبائل جي اسڪرين مان: اسان سڀ هڪ ئي ڇت هيٺ ويٺا آهيون، پر سڀئي پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ گم آهيون. پيءُ پنهنجي فيس بڪ تي، ماءُ پنهنجي واٽس اپ گروپ ۾، پٽ پنهنجي انسٽاگرام تي، ڌيءَ پنهنجي سنيپ چيٽ تي. گهر هڪ هاسٽل بڻجي ويو آهي. جتي سڀ گڏ رهن ٿا، پر ڪو به ڪنهن سان ڳالهائي نٿو. اسان کي خبر آهي ته آمريڪا ۾ ڪهڙي اداڪاره طلاق ورتي، پر اسان کي اها خبر ناهي ته اسان جي ڀاءُ جي اکين ۾ ننڊ ڇو ناهي. اسان کي سڄي دنيا جي خبر آهي، سواءِ پنهنجي گهر جي. اسان رشتن کي ٽائيم ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي. اسان وٽ آفيس لاءِ ٽائيم آهي، دوستن لاءِ ٽائيم آهي، موبائل لاءِ ٽائيم آهي، پر ماءُ سان اڌ ڪلاڪ ويهي حال احوال ڪرڻ لاءِ ٽائيم ناهي. اسان سمجهون ٿا ته رشتا خود بخود هليا ويندا. نه، رشتا ٻوٽن وانگر آهن. جيڪڏهن پاڻي نه ڏيندين ته سڪي ويندا. ۽ اسان پاڻي ڏيڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. ٻي باهه لڳي آهي "مان" جي غرور مان.: اسان جي هر ڳالهه ۾ "مان" اچي ويو آهي. مان صحيح آهيان. مان وڏو آهيان. منهنجي عزت آهي. مون کي ڪير ٿو چئي؟
هي "مان" ئي ته اهو پيٽرول آهي جنهن رشتن کي باهه ڏني آهي. اڳ ۾ گهرن ۾ "اسان" هوندو هو. اسان جي عزت، اسان جو گهر، اسان جو فيصلو. هاڻي "اسان" مري ويو آهي، "مان" جيئرو آهي. ٻه ڀائر وڙهندا آهن، ڇو؟ ڇو ته هڪ چوي ٿو منهنجي ڳالهه صحيح آهي، ٻيو چوي ٿو منهنجي. ڪو به اهو چوڻ لاءِ تيار ناهي ته "ٺيڪ آ، تون صحيح آهين، اچ ته گڏجي هلون." معافي وٺڻ کي اسان ڪمزوري سمجهي ڇڏيو آهي. جڏهن ته معافي وٺڻ ته سڀ کان وڏي بهادري آهي. جھڪڻ سان ڪير ننڍو نه ٿيندو آهي، رشتو وڏو ٿي ويندو آهي. پر اسان کي رشتي کان وڌيڪ پنهنجي ڪوڙي انا پياري آهي. ٽين باهه لڳي آهي پئسي ۽ مقابلي جي: اسان رشتن کي پئسي جي ترازو ۾ توري ڇڏيو آهي. جيڪو مائٽ غريب آهي، ان کان اسين پري ڀڄون ٿا. جيڪو امير آهي، ان جي چوڌاري اسين ڦيرا پيا کائون. اسان رشتي جي غربت کان ڊڄون ٿا، پر پنهنجي سوچ جي غربت کان نٿا ڊڄون. شادي هجي، يا غمي هجي، اسان پهرين اهو ڏسندا آهيون ته ڪنهن ڪيترو خرچ ڪيو. فلاڻي پنهنجي ڌيءَ جي شادي تي ڪيترو ڏاج ڏنو، فلاڻي ڪيترو نه ڏنو. اسان خوشين کي به مقابلو بڻائي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي ٻين جي خوشين جون تصويرون ڏسي اسان پنهنجي گهر ۾ وڙهون ٿا. "ڏس، هو ڪيڏانهن گهمڻ ويا آهن، تون مون کي ڪٿي به نه ٿو وٺي وڃين." اسان ٻين جي فلٽر ٿيل زندگي کي ڏسي پنهنجي حقيقي زندگي کي باهه ڏئي رهيا آهيون. چوٿين باهه لڳي آهي ٻين جي ٻڌڻ سان: اڳ ۾ گهر جو فيصلو گهر ۾ ٿيندو هو. هاڻي گهر جو فيصلو واٽس اپ گروپ ۾ ٿيندو آهي. "فلاڻي اهڙي طرح چيو"، "ٽي وي تي ايئن پئي چيائون"، "فلاڻي جي ڀاڄائي ته اهڙو ڪيو". اسان پنهنجي گهر جي ڀت ڪچي ڪري ڇڏي آهي. هر ڪو اندر اچي پنهنجي مرضي سان رنگ ڪري هليو وڃي ٿو. سس، نڻان، ڀاڄائي، پاڙيسري، سڀ اسان جي رشتن جا جج بڻجي ويا آهن. ۽ اسان پاڻ پنهنجي رشتن جا وڪيل بڻجڻ بدران، ٻين جي ڳالهين جا غلام بڻجي ويا آهيون. هڪ مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جهڳڙو ٿئي ٿو، اهو جهڳڙو رات تائين ختم ٿي سگهي ٿو، پر جڏهن ان ۾ ماءُ، ڀيڻ، دوست، ۽ واٽس اپ جون صلاحڪار ٽوليون داخل ٿين ٿيون ته اهو جهڳڙو طلاق تائين پهچي ٿو. رشتن کي باھ ڪنهن ٻئي نه، اسان پاڻ ڏني آهي. ته پوءِ هن باهه کي ڪيئن وسائجي؟ وسائڻ جو طريقو به سادو آهي. اهو ئي طريقو جيڪو اسان جي ڏاڏي وٽ هو.
واپس "اسان" ڏانهن هلو. "مان" کي ٿورو دفن ڪريو. موبائل کي ٿوري دير لاءِ خاموشيءَ تي رکو ۽ پنهنجي ماءُ جي اکين ۾ ڏسو. انهن اکين ۾ توهان لاءِ اڃا به ساڳي محبت آهي. پنهنجي ڀاءُ کي بغير ڪنهن مطلب جي فون ڪيو. صرف اهو چوڻ لاءِ ته "ادا، خير ته آهي؟" معافي وٺڻ سکو. "مون کان غلطي ٿي وئي" چوڻ سان توهان ننڍا نه ٿيندا، توهان جو رشتو وڏو ٿي ويندو. ۽ سڀ کان اهم رشتن کي وقت ڏيو. رشتا آن لائن آرڊر نه آهن جو پاڻمرادو پهچي ويندا. انهن کي پوکڻو پوي ٿو، پاڻي ڏيڻو پوي ٿو. ياد رکو، جڏهن زندگي جي آخري شام ايندي، ته توهان سان گڏ توهان جو بئنڪ بيلنس نه هوندو، توهان جي انسٽاگرام جا فالوور نه هوندا، توهان سان گڏ صرف اهي ئي رشتا هوندا جن کي توهان اڄ باھ ڏئي رهيا آهيو. ان لاءِ مهرباني ڪري، هن باھ کي وسايو. ان کان اڳ جو صرف راک بچي. ڇو ته راک تي ڪو به گهر نٿو ٺهي!!