DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو ٻارھون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر، تجزيه نگار محترم ارشاد ڪٽپر صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔ پڙھو ڊجيٽل سنڌ ميگزين..........
Skip to Content
نامياري ليکڪ، محقق، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر عابد مظھر جي ڪتاب“ھيرا لعل ھٿن ۾!“ جو مھورت!

سنڌ جي نامياري ليکڪ، محقق، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار  ڊاڪٽر عابد مظھر جي بين القوامي ی شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي تي ٿيل ريسرچ وارن تحقيقي مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل ڇپيل ڪتاب " هيرا لعل هٿن ۾ " جي مھورتي تقريب سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي سڀني شاخن پاران آرٽس ڪائونسل آف ڪراچي جي هال گل رنگ ۾  ڇنڇر 19 سپٽمبر 2026 تي ٿي گذري.۔  مھورتي تقريب ۾ آجياڻو ڪراچي ضلعي جي رابطي سيڪريٽري راشد لکمير پيش ڪيو ۽ ڊاڪٽر عابده گهانگرو سيڪريٽري عورت شاخ ڪراچي پاران ترتيب ڏني وئي هئي، ۔ جڏهن ته هن تقريب جي صدارت نامور ليکڪ، دانشور ۽ شاهه لطيف جي پارکو ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ڪئي. جڏهن ته ڪتاب جي حوالي سان جن ليکڪن اديبن ۽ دانشورن  پنھنجاويچار پيش ڪيا، جن ۾ مدد علي سنڌي، ۔ پروفيسر ايس ناگپال ، نصير مرزا ، رکيل مورائي ۔  ڊاڪٽر عابده گھانگرو ۔ راشد لکمير ، عابد انڙ ۔ ڊاڪٽر عابد مظھر جي نياڻي وغيرھ  هن پروگرام جي صدارت ڊاڪٽر غفور ميمڻ ڪئي. ۔
پروگرام جي ڪارروائي سنڌ جي سريلي گلوڪاره ڌرتي ٽي وي چينل ڪراچي ميزبان سنڌيا سومرو تمام احسن طريقي سان هلائي ۽ پروگرام جي وچ ۾ پنھنجي سريلي آواز ۾ شيخ اياز جو گيت جھونگاري محفل کي سرن جي سرهاڻ بخشي. ۔
هن شاندار پروگرام ۾ شاگردن،  ادب سان ذوق رکندڙ نوجوانن، سنڌ جي ناليوارن اديب، لکيڪن شاعرن  ۽ عورتن توڙي مردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ۔

***