”ايلس البينيان“ جيڪا انگليڊ جي هڪ معروف ليکڪا آھي. هن سنڌؤَ نديءَ سان وابسطا سمورين تهذيبن جو اکين سان مشاهدو ڪري هڪ عظيم ڪتاب ”سنڌؤَ جون سلطنتون“ (امپائرس آف انڊس) لکيو، هن جي ڪتاب اچڻ کان پوءِ سڄي دنيا ۾ ”سنڌو تهذيب“ کي احترام جي نظر سان ڏٺو ويو، هن ڪتاب تمام گهڻي مشهوري ماڻي. ان ڪم لاءِ ھن پوري پاڪستان، افغانستان کان ويندي تبت تائين جو سفر ڪيو. هيءَ هينئر به صحافتي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آھي. سندس خواهش آهي ته هڪ دفعو وري سنڌ ڏسي. ايلس جن به ماڻهن سان هتي ملي، انهن تي هن پنهنجي ڪردار ۾ موجود سنجيدگي، سچائي، احترام، علم ۽ ڄاڻ لاءِ جنون، بهادري، پنهنجائپ ۽ انسان دوستي جا اڻمٽ اثر ڇڏيا.
هن صحافڻ وڏي محنت ۽ جان جوکي ۾ وجهي تبت مانسوروور ڍنڍ کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين وڏي جاکوڙ ۽ ڪشالا ڪري تاريخ لکي، سنڌو سان دل ئي وابستگي جي ڪري ڳوٺن ۾ وڃي اتان جي تاريخي شخصيتن ماڳن مڪانن تي پڻ سچائي ۽ بهادري سان لکيو، ويندي جهوڪ جي گادي نشين سان ملي، پڇيائينس زمين گهڻي اٿئي چيائين 13 سئو ايڪڙ، پوءِ چيائينس؛ تون ته وڏيرو آھين، ڪاڏي ويو شاھ عنايت وارو پروگرام؟ اهڙا سوال ڪيائين جو تسلي بخش جواب نھ مليا،. سنڌ ۾ صوفي حضور بخش وٽ به آئي، جتان کيس بهتر ڄاڻ مليس، البينيا هن وٽ ماني به کاڌائين. ؛ سفر دوران ٺٺي ۾ کيس پوليس گرفتار ڪيو، آزاري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن (ايلس البينيا) چيو ھو ته ”سنڌين بابت ڪتاب ۾ ڪا چڱي راءِ ڪانه لکنديس.“
هن ليکڪا جو هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ مظفر بخاري ”سنڌؤَ جون سلطنتون“ جي نالي سان ترجمو ڪري چڪو آھي، جيڪو مارڪيٽ ۾ موجود آھي پڙھڻ ۽ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آھي. اميد تھ اھل علم ھڪ ڀيرو ضرور پڙھندا.۔
.