سنڌ وٽ هزارين سالن جي تاريخ، ثقافت، فطري حسن ۽ تهذيبي ورثي جا بيشمار ماڳ موجود آهن:
موهن جو دڙو، مڪلي، ڀنڀور، رني ڪوٽ، ڪوٽڏيجي، ڪينجهر ڍنڍ، منڇر ڍنڍ، گورک هل اسٽيشن، بڊو جبل، کيرٿر نيشنل پارڪ، ڪارونجهر، چوڪنڊي قبرستان، موکي جا متارا، منهوڙو، نيرڙي ڍنڍ، ڪينجهر جا ٻيٽ، گڊو ۽ سکر جا تاريخي ماڳ، سيوهڻ، ڀٽ شاهه، ساڌ ٻيلو ، مومل جي ماڙي، ڪي ٽي بندر، شاهه بندر، ساحلي پٽي ۽ سنڌ جا ٻيا بيشمار تاريخي ۽ قدرتي ماڳ.
پر سوال اهو آهي ته سنڌ وٽ ايترو شاندار سياحتي ورثو هوندي به سنڌ پنهنجي سياحت کي ترقي ڇو نھ ڏياري سگھي آھي؟ نھ ڪي ڪنھن بھ ماڳ مڪان جي حفاظت لاءِ بھ ڪي خاص اپاءُ ورتا ويا آھن؟ وفاقي حڪومت، توڙي صوبائي حڪومت سنڌ جي تاريخي ماڳ، مڪانن جي حفاظت لاءِ ناڪام رھيون آھن، توڙي جو ڪيترائي ڀيرا سنڌ جا سڄاڻ ليکڪ ڌيان ڇڪائيندا رھيا آھن، ڪيترائي ڀيرا گل حسن ڪلمتي پنھنجي تحريرن ۾ ان جو ذڪر ڪيو آھي، ۽ ڪيترا ئي احتجاج پڻ رڪارڊ تي موجود آھن. ان باوجود بھ سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن جي حفاظت لاءِ ڪو بھ خاص توجع نھ رھيو آھي. جڏھن تھ وفاقي حڪومت لوڪ ورثھ جھڙا موزيم ٺاھي، پنھنجي زميواري پوري سمجھي ٿي، جڏھن تھ ائين نھ آھي، سنڌ جي تاريخي ماڳ، مڪانن توڙي سنڌ جي لوڪ ورثي جي حفاظت ڪرڻ پڻ ساڻن زمينداري آھي. انڪري صوبائي حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ٻنھي تي فرض عائد ٿئي ٿو تھ سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن جي حفاظت لاءِ ڪي خاص اپاءُ وٺن.
ڇا سنڌ کي اهو اختيار حاصل ناهي ته مري، ٽيڪسلا ۽ هڙپا وانگر پنهنجي تاريخي ۽ قدرتي ماڳن کي عالمي سياحتي مرڪزن ۾ تبديل ڪري؟
حقيقت اها آهي ته ڪيترائي سياحتي ۽ تاريخي ماڳ قبضي، لاپرواهي ۽ انتظامي بي ڌياني جو شڪار آهن؛ ڪيترن ماڳن تائين رسائي ناهي، ۽ جتي رسائي آهي اتي سياحن لاءِ بنيادي سهولتون، روڊ، رهائش، صفائي، سيڪيورٽي ناھي. سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت کي ڪي خاص اپاءُ وٺڻ گھرجن تھ جئين سنڌ جي سياحت کي بھ ڪا ترقي ملي سگھي. جنهن سنڌ وٽ موهن جو دڙو ۽ مڪلي جهڙو عالمي ورثو آهي، اھا بي ڌياني ۽ بيوسي ۾ ئي تباھھ ٿيندي ھجي، ان تي تھ ھر باشعور اک روئي پئي ٿي!
هي رڳو سياحت جو سوال ناهي؛ هي سنڌ جي تاريخ، ثقافت، معيشت ۽ اختيار جو سوال آهي!