اُٺ ۽ اوٺار ..........!
جڏهن صبح جي پهرين ڪرڻ سمنڊ جي نيري ڇولين کي چمي ٿي، جڏهن تمر جي ساون پنن مان گذرندڙ هوا ڪنهن پراڻي راز جيان سرگوشيون ڪري ٿي ۽ جڏهن ڪناري کان پري ڪنهن سامونڊي ٻيٽ ڏانهن لهرن جي وچ مان اُٺن جو ڪو ڌڻ آهستي آهستي اڳتي وڌندي نظر اچي ٿو، تڏهن انسان هڪ لمحي لاءِ حيران ٿي وڃي ٿو ته آخر هي ڪهڙي دنيا آهي، جتي ريگستان جو ساٿي سمجهيو ويندڙ اُٺ سمنڊ کي به پنهنجو رستو بڻائي وٺي ٿو. هي ڪو افسانو ناهي، نه ئي ڪنهن داستان گو جي تخليق، هي سنڌ جي ڏاکڻي سامونڊي پٽيءَ جي اها زندھ حقيقت آهي، جيڪا صدين کان فطرت جي سيني ۾ محفوظ آهي، هڪ پاسي عربي سمنڊ جون بيقرار ڇوليون، ٻي پاسي تمر جا گهاٽا ٻيلا، وچ ۾ سامونڊي ٻيٽ ۽ انهن ٻيٽن تي آزاد گهمندڙ کارائي اٺن جا ڌڻ، جڏهن ته انهن جي پويان نسلن کان هن قدرتي دنيا سان ناتو نڀائيندڙ اوٺار، هي سڀ گڏجي سنڌ جي سامونڊي تهذيب جي اهڙي تصوير ٺاهين ٿا، جنهن جو مثال شايد دنيا جي تمام گهٽ علائقن ۾ ملي، جتي عام ماڻهوءَ لاءِ سمنڊ هڪ بي انتها پاڻيءَ جو جهان آهي، اتي ساحلي اوٺار لاءِ اهو رستو آهي، جتي عام نگاهه لاءِ تمر جو وڻ رڳو هڪ وڻ آهي، اتي اوٺار لاءِ اهو رزق، پناهه ۽ زندگي آهي ۽ جتي عام ماڻهو اُٺ کي خشڪيءَ سان ڳنڍي ڏسي ٿو، اتي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۾ ڪارائي اٺ سمنڊ جي لهرن کي چيري ٻيٽن تائين پهچندڙ “خاموش مسافر” بڻجي سامهون اچن ٿا،اهي اٺ رڳو جانور ناهن، اهي هڪ ماحولياتي نظام جو حصو آهن، اهي ساحلي ماڻهن جي معيشت جا ساٿي آهن، اهي نسلن کان منتقل ٿيندڙ مقامي ڄاڻ جا امين آهن، ۽ سڀ کان وڌي ڪري، اهي سنڌ جي سامونڊي تهذيب جي ان زندهه ورثي جي علامت آهن، جنهن ۾ انسان فطرت کي فتح ڪرڻ بدران فطرت سان گڏ جيئڻ سکيو آهي، سمنڊ جي ڪناري تي هڪ ٻي دنيا. سنڌ جي ڏاکڻي پٽيءَ ۾ جتي سنڌو درياهه جو ڊگهو سفر عربي سمنڊ جي وسيع هنج ۾ اچي ختم ٿئي ٿو، اتي فطرت پنهنجي هڪ الڳ دنيا آباد رکيو اچي، جاتي، شاهه بندر، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ انهن سان لاڳاپيل سامونڊي ٻيٽ رڳو جاگرافيائي هنڌ ناهن اهي اهڙي زندگيءَ جا مرڪز آهن، جتي سمنڊ، تمر جا ٻيلا، سامونڊي جيوت، مقامي آباديون ۽ کارائي اٺ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا، هتي زندگيءَ جا اصول به شهرن کان مختلف آهن نه ٽريفڪ جو شور، نه مشينن جي ڊوڙ ۽ نه وقت کي گهڙيال جي سوئين سان ماپڻ جي روايت، هتي وقت لهرن جي اچ وڃ سان ماپيو وڃي ٿو، هوائن جي رخ مان موسم جو اندازو لڳايو وڃي ٿو، ۽ تمر جي وڻڪ مان ايندڙ ڏينهن جي چراگاهه جو پتو پوي ٿو،
کارائي اٺ؛ ريگستان کان سمنڊ تائين، اُٺ جو تصور عام طور تي رڻ پٽ، وارياسن ۽ خشڪ ريگستان سان ڳنڍيل آهي، پر سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۾ کارائي اٺ ان روايتي تصور کي ئي تبديل ڪري ڇڏين ٿا، اهي خشڪيءَ تي هلن ٿا، پر ضرورت پوڻ تي پاڻيءَ ۾ ترن ٿا، سامونڊي ٻيٽ پري هجن ته لهرن کي چيري انهن تائين پهچن ٿا ۽ پوءِ مهينن جا مهينا انهن ٻيٽن جي تمر جي ٻيلن کي پنهنجو مسڪن بڻائين ٿا، هي منظر نه رڳو حيران ڪندڙ آهي، پر سنڌ جي قدرتي تنوع جو هڪ اهم مثال پڻ آهي، ساحلي اوٺارن لاءِ اهو ڪو نئون يا غير معمولي عمل ناهي سندن وڏڙن کان هلندڙ روايت ۾ اهو روزمره جي زندگيءَ جو حصو رهيو آهي،
اوٺار لاءِ ڌڻ، مال نه پر خاندان آهي،
کارائي اٺن جي دنيا کي سمجهڻ لاءِ اوٺارن جي احساسن کي سمجهڻ ضروري آهي. جاتي جي ساحلي پٽي جي ڳوٺ حاجي ڏونگر جت جو رھواسي اوٺار امير بخش جت چوي ٿو ته کارائي اٺ انهن لاءِ رڳو مال نه، پر پنهنجي ٻچن وانگر آهن، هو انهن کي محبت سان پالين ٿا، انهن جي عادتن کان واقف آهن ۽ هر اٺ کي پنهنجي نالي سان سڃاڻن ٿا، اها وابستگي ٻڌائي ٿي ته هتي انسان ۽ جانور جو تعلق رڳو معاشي مفاد تي ٻڌل ناهي، پر محبت، اعتماد ۽ صدين جي گڏيل زندگيءَ مان جنم ورتل آهي، اوٺار جي نظر ۾ کارائي اٺ سندن وڏڙن جي ڇڏيل امانت آهن هڪ اهڙي امانت، جنهن سان سندن سڃاڻپ ۽ ثقافت به ڳنڍيل آهي، نسلن کان منتقل ٿيندڙ سامونڊي علم، ساحلي اوٺارن وٽ سمنڊ بابت جيڪو علم موجود آهي، اهو ڪتابن مان حاصل ٿيل علم ناهي، هي علم وڏڙن جي تجربي مان پيدا ٿيو آهي، ڪهڙي موسم ۾ ڌڻ کي ٻيٽن ڏانهن وٺي وڃڻو آهي. ڪهڙي پاسي لهرن جو زور گهٽ آهي ڪهڙي ٻيٽ تي تمر وڌيڪ آهي، ڪهڙي وقت سمنڊ پار ڪرڻ محفوظ آهي. اهي سڀ فيصلا اوٺار سمنڊ جي مزاج کي ڏسي ڪن ٿا. عمر جت جي ڳالهين مان به واضح ٿئي ٿو ته کارائي اٺ پالڻ رڳو هڪ پيشو نه، پر وڏي ذميواري آهي هر ڌڻ جي پنهنجي طبيعت ۽ هر اٺ جي پنهنجي عادت هوندي آهي، جنهن کي اوٺار سالن جي تجربي سان سمجهي وٺندا آهن
اهو مقامي علم سنڌ جي ساحلي ثقافت جو اهڙو قيمتي حصو آهي، جيڪو نسل در نسل زندهه رهيو آهي.