سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ اسيمبلي جي قرارداد کانپوءِ نون صوبن بابت ريفرنڊم کي غير آئيني قرار ڏيڻ جو اعلان.
رپورٽ: عاشق جتوئي/لاڙڪاڻو
پاڪستان پيپلز پارٽي نون صوبن جي تجويزن کي رد ڪندي سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ اسيمبلي جي متفقه قرارداد جي منظوري کانپوءِ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام بابت ريفرنڊم جي ڳالهه کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن نون صوبن جي قيام بابت سينيٽ يا قومي اسيمبلي مان ڪا قرارداد منظور ڪئي وئي ته سنڌ اسيمبلي مان ٻيهر نون صوبن خلاف قرارداد منظور ڪرائي، قومي اسيمبلي جي قرارداد کي رد ڪيو ويندو.
اهڙو اعلان اربع ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن پاران ”سنڌ ڌرتي ماءُ آهي“ جي عنوان سان لاڙڪاڻي جي سچل بينڪوئيٽ ۾ منعقد ڪيل سيمينار دوران اڳواڻن جي خطاب ۽ مختلف قراردادن جي منظوري وقت ڪيو ويو.
سيمينار کي خطاب ڪندي نثار کهڙو چيو ته سنڌ اسيمبلي متفقه طور سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد منظور ڪري سنڌ ۾ نئين صوبي جي معاملي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري نون صوبن بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بحث يا ريفرنڊم جي ڪا به آئيني حيثيت نه هوندي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سنڌ کي بري نظر سان ڏسندو ته سنڌ ڀرپور ردعمل ڏيندي. عوام جي طاقت سان آمراڻي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اجازت نه ڏني وئي، ته هاڻي سنڌ جي ورهاڱي جي به اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته سنڌ ڪڻڪ سان گڏ گئس ۽ تيل پيدا ڪندڙ صوبو آهي، پر سنڌ کي ان جي بدلي ۾ 50 سيڪڙو حصو به نٿو ڏنو وڃي ۽ اسلام آباد ۾ ويهي سنڌ سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته صوبائي خودمختياري ۽ 18هين ترميم سبب صوبن کي مضبوط بڻايو ويو آهي. صوبائي خودمختياري لاءِ 30 سال انتظار ۽ وڏي جدوجهد کانپوءِ اها خودمختياري حاصل ڪئي وئي، پر هاڻي صوبائي خودمختياري ۽ 18هين ترميم ڪجهه ڌرين لاءِ مسئلو بڻجي ويون آهن.
نثار کهڙي چيو ته سنڌ آمراڻي قوتن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪو به فيلڊ مارشل سنڌ جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. پاڪ فوج سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي، پوءِ ان کي سياست ۾ ڌڪي ان جي عظمت ڇو متاثر ڪئي پئي وڃي؟ هن چيو ته محسن نقوي وٽ عوامي حمايت ناهي، تنهن ڪري هو ڪڏهن به وزيراعظم نه بڻجي سگهندو.
هن چيو ته 36 صوبن ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري پاڪستان جي مستقبل سان نه کيڏيو وڃي. جيڪڏهن ٻين کي ضرورت آهي ته ٻيا صوبا ضرور ٺاهيا وڃن، پر سنڌ کي ورهائڻ نه ڏنو ويندو. خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال، محسن نقوي ۽ ٻين کي نون صوبن بابت ڳالهائڻ تي جواب ڏئي چڪو آهيان ته توهان ڪير ٿيندا آهيو نون صوبن جي ڳالهه ڪرڻ وارا؟
سينيٽر بئرسٽر ضمير گهَمرو چيو ته ون يونٽ جي تجربي کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جي آئين ۾ اهو اصول شامل ڪيو ته جيستائين صوبائي اسيمبلي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان قرارداد منظور نه ڪري، نئون صوبو قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آئيني طور صوبائي اسيمبلي جي منظور ڪيل قرارداد تي عمل ڪرڻ جون پابند آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کي نوان صوبا ٺاهڻ جو اختيار حاصل ناهي. جيڪڏهن نون صوبن بابت قومي اسيمبلي يا سينيٽ ۾ بحث يا ريفرنڊم ڪرايو ويو ته ان جي ڪا آئيني حيثيت نه هوندي ۽ اهو جمهوريت ۽ آئين جي خلاف ورزي هوندي، جنهن کي پيپلز پارٽي قبول نه ڪندي. ضمير گهَمرو چيو ته 1973ع جي آئين تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. نون صوبن بابت آئين جي آرٽيڪل 239 کي ختم ڪرڻ ۽ ريفرنڊم ڪرائڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي ڄاڻڻ گهرجي ته ريفرنڊم ذريعي آئين ۾ تبديلي نٿي آڻي سگهجي.
هن چيو ته صوبن کي اين ايف سي ۾ وڌيڪ حصو ڏيڻ بابت دعوائون درست ناهن. سندس چوڻ موجب وفاق سنڌ مان تيل ۽ گئس جي مد ۾ 3 هزار ارب رپيا حاصل ڪري رهيو آهي، پر سنڌ کي ان جو اڌ حصو به نٿو ڏنو وڃي.
ضلعي ڪائونسل ڪشمور جي صدر گل محمد جکراڻي چيو ته صوبا خودمختيار آهن، تنهن ڪري صوبن کي ٽوڙڻ وارا اهي ماڻهو ڪير ٿين ٿا؟ ماضي ۾ صوبن کي ختم ڪري چيو ويو ته ملڪ مضبوط ٿيندو ۽ هاڻي صوبن کي ٽوڙي ملڪ مضبوط ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، جيڪا غلط منطق آهي.
سيمينار کي پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح ڀٽو صحافي نثار کوکر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏھن تہ ميئر انور لھر، اعجاز لغاري، ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.
سيمينار دوران پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر جي ترجمان پاران مختلف قراردادون پيش ڪيون ويون، جن کي متفقه طور منظور ڪيو ويو.
هڪ قرارداد ۾ نون صوبن جي تجويز کي رد ڪندي چيو ويو ته ملڪ تي قرضن جو بار ۽ موجوده وسيلن جي صورتحال اهڙي آهي، جو ملڪ نون صوبن جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري ملڪ کي تجربا گاهه بڻائڻ بند ڪيو وڃي.
ٻي قرارداد ۾ چيو ويو ته نون صوبن جو شوشو ڇڏي اين ايف سي ايوارڊ، صوبائي خودمختياري ۽ 18هين ترميم کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي 18هين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ صوبائي خودمختياري خلاف سازشن کي ناڪام بڻائيندي.
قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ اسيمبلي پاران صوبن جي حدن ۾ تبديلي ۽ سنڌ جي ورهاڱي کي رد ڪرڻ واري قرارداد جي منظوري باوجود وفاقي وزيرن پاران نون صوبن بابت ريفرنڊم جون ڳالهيون آئين جي خلاف آهن، ڇاڪاڻ ته آئين تحت نون صوبن بابت اختيار صوبائي اسيمبلي کي حاصل آهي. وفاقي وزير نون صوبن بابت بيان بازي بند ڪن.
هڪ ٻي قرارداد ۾ وفاقي حڪومت کي خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي يا سينيٽ مان نون صوبن جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي ته سنڌ اسيمبلي ٻيهر نون صوبن خلاف قرارداد منظور ڪري قومي اسيمبلي جي قرارداد کي رد ڪري ڇڏيندي.
***