سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ ۾ اھم فيصلا پڻ ڪيا ويا، جن مان خاص ڪري اھو طئي ڪيو ويو تھ قيادت کي هن وقت انهن ڌرين سان بھ رابطو ڪرڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي پليٽ فارمن تان ان مسئلي تي الڳ جدوجهد ڪري رهيون آهن. انهن سمورين ڌرين کي بھ هن مسئلي تي گڏيل جدوجهد لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. فيصلو ڪيو ويو تھ عوامي رابطا مھم جو سھارو وٺي، سنڌ جي جھنگ جر، ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلسا ڪيا ويندا. سنڌ جي تازي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، سيد زين شاھھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو،” سنڌ کي درپيش مسئلا انتھائي ڳنڀير ۽ ڳرا آهن، تنهنڪري سڀني پارٽين کي پنهنجا پنهنجا جهنڊا، نعرا، منشور توڙي اختلاف وساري هڪ گڏيل جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ جي ضرورت آهي.“ اجلاس ۾ سول سوسائٽي (ليکڪن/صحافين/وڪيلن) عورت تنظيمن، انساني حقن جي تنظيمن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. سنڌ جي تازي صوتتحال بابت پڻ غور ويچار ڪيو ويو تھ جئين جدوجھد جي ان ڌارا جو حصو بڻائڻ لاءِ سڀني سياسي، توڙي سماجي تنظيمن سان رابطو ڪري سنڌ خلاف سازشن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪي خاص حڪمت عمليون تيار ڪيون وڃن. ساڳي وقت سنڌ جي وحدت بابت آواز اٿاريندڙ ٻين ٻولين وارن سنڌ دوست فردن ۽ ڌرين کي پاڻ سان جوڙڻ تي زور ڏنو ويو. سنڌ جي سمورن قومپرست، وطن دوست، ترقي پسند اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو تھ، سنڌ جي وحدت ۽ قومي حقن بابت سنڌ ۾ وڏي عوامي توانائي موجود آهي. قيادت کي مستقل مزاجي ۽ همت سان اڳواڻي ڏيڻ جي ضرورت آهي. جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صدر عباسي چيو تھ، سنڌ جي وحدت، سنڌين لاءِ وجود جي بقا جو معاملو آهي. سنڌ واسي سنڌ جي وحدت بچائڻ لاءِ آخري حد تائين ويندا.