اسلام آباد جي سياسي ايوانن ۾ هن وقت هلچل تيز ٿي وئي آهي۔ هڪ طرف تحريڪ انصاف 4 آڪٽوبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف ايوان صدر ۾ هڪ اهم ترين ملاقات ٿي آهي، جنهن سڄي ملڪ جي سياسي منظرنامي کي هڪ نئون رخ ڏئي ڇڏيو آهي.۔گذريل ڏينهن صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ايوان صدر ۾ بند ڪمري ۾ اهم ملاقات ٿي،۔ هن ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، راڻا ثناءَ الله ۽ پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻن شيري رحمان ۽ شرجيل ميمڻ به شريڪ هئا.۔ذرائعن موجب هن ملاقات ۾ ٻن اهم معاملن تي غور ڪيو ويو: هڪ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، خاص طور تي PTI جو احتجاجي مارچ ۽ ٻيو خيبرپختونخواه جي خراب ٿيندڙ امن امان جي صورتحال۔ هن ملاقات جو سڀ کان وڏو نتيجو هڪ ڇهه رڪني گڏيل ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جو هي گڏيل وفد PTI قيادت سان ملاقات ڪري ڳالهيون ڪندو،۔ هن وفد ۾ حڪومت طرفان محسن نقوي، راڻا ثناءَ الله ۽ امير مقام شامل هوندا، جڏهن ته پيپلز پارٽي طرفان شيري رحمان، سيد نويد قمر ۽ اعجاز جکراڻي ڪاميٽيءَ جا رڪن هوندا۔ PTI چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان هن ڳالهين واري آڇ کي قبول ڪري ورتو آهي ۽ PTI پنهنجو نئون ڇهه رڪني وفد به جوڙي ورتو آهي جنهن ۾ بئريسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ ٻيا شامل آهن. ۔هن سڄي معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم ۽ اهم ڪردار وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو نظر اچي رهيو آهي،۔ هو نه صرف ايوان صدر واري ملاقات ۾ موجود هو، پر ان کان اڳ 29 سيپٽمبر تي هن ڪراچي ۾ بلاول هائوس ۾ صدر زرداري سان هڪ الڳ ۽ ڊگهي ملاقات به ڪئي هئي، جنهن ۾ نون صوبن جي قيام جهڙي حساس معاملي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي۔.
سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي هن وقت حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۔سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ ۾ ڪا وڏي تبديلي جهڙوڪ ايمرجنسي يا گورنر راڄ اچڻ وارو آهي؟ ذريعن موجب في الحال حڪومت مفاهمت کي ترجيح ڏئي رهي آهي،۔ حڪومت جي پهرين ڪوشش اها آهي ته PTI کي 4 آڪٽوبر واري مارچ کان روڪيو وڃي ۽ ڳالهين ذريعي ڪو وچ وارو رستو ڪڍيو وڃي، پر جيڪڏهن اڄ ٿيندڙ ڳالهيون ناڪام ٿيون ۽ PTI پنهنجي مارچ تي قائم رهي ته پوءِ حڪومت وٽ ٻه آپشن بچندا:
1. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا سخت قدم ۽ ڪارڪنن جي گرفتاريون
2. خيبرپختونخواه ۾ گورنر راڄ سميت ايمرجنسي جهڙن قدمن تي غور طلب آھن. حڪومت جي پريشاني جا ٽي وڏا سبب آهن:
1. اسلام آباد جو گهيراءُ جو خطرو: PTI قيادت جو چوڻ آهي ته هي احتجاج پنهنجي باني چيئرمين عمران خان جي آزادي ۽ آئيني مطالبن لاءِ آهي،۔ حڪومت کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن هزارين ڪارڪن اسلام آباد ۾ داخل ٿي ويا ته راڄڌاني جو نظام مڪمل طور تي جام ٿي ويندو، جيئن اڳ ۾ به ٿيندو رهيو آهي۔.
2. خيبرپختونخواه جي صورتحال: PTI جي حڪومت خيبرپختونخواه ۾ آهي، ۔ وفاقي حڪومت کي خدشو آهي ته صوبائي وسيلا ۽ سرڪاري مشينري هن مارچ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي،۔ اهو ئي سبب آهي جو ڪالهه واري اجلاس ۾ KP جي سيڪيورٽي صورتحال تي خاص طور تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو۔
3. معاشي ۽ عالمي دٻاءُ: هن وقت ملڪ معاشي استحڪام جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،۔ اهڙي وقت ۾ راڄڌاني ۾ وڏو احتجاج ۽ ڇڪتاڻ عالمي مالياتي ادارن ۽ سيڙپڪارن کي غلط پيغام ڏيندو۔. پريشاني جي حالت ۾ حڪومت طاقت جي استعمال بدران هن ڀيري هوشياري واري حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، ۔حڪومت سڌو سنئون لاٺي چارج ۽ گرفتارين بدران محسن نقوي جهڙي نرم مزاج ۽ بااثر شخصيت کي اڳيان آندو آهي. ۔ محسن نقوي، راڻا ثناءَ الله ۽ شيري رحمان جهڙا ماڻهو جيڪي سياسي طور تي لچڪدار سمجهيا وڃن ٿا، انهن کي PTI سان ڳالهائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي، ۔هي حڪمت عملي ٻڌائي ٿي ته، حڪومت هن ڀيري ڏڦيڙ نٿي چاهي۔، هو چاهي ٿي ته PTI کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مارچ ملتوي ڪرڻ تي راضي ڪيو وڃي. ۔ اسلام آباد ۾ اندر جي خبر رکندڙ ذريعن موجب، جيڪڏهن ٿيندڙ ڳالهيون ناڪام ٿيون ته، حڪومت وٽ پلان B تيار آهي، ۔ اسلام آباد ۾ دفعا 144 لاڳو ڪري رينجرز ۽ FC کي طلب ڪيو ويندو۔. PTI جي اهم اڳواڻن جي نظر بندي جا امڪان آهن،۔ خيبرپختونخواه مان ايندڙ قافلن کي اٽڪ ۽ ٻين هنڌن تي روڪڻ لاءِ ڪنٽينر لڳايا ويندا. ۔هن وقت حڪومت هڪ نازڪ موڙ تي بيٺل آهي،۔ هڪ طرف هوءَ طاقت ڏيکارڻ نٿي چاهي ته جيئن سياسي شهيد نه ٺهي، ٻئي طرف هوءَ اسلام آباد تي ڪنهن به صورت ۾ چڙهائي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.۔ محسن نقوي کي اڳيان آڻڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته، حڪومت اندر به مفاهمت پسند ٽولو هن وقت حاوي آهي، ۔ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو ته ملڪ ڳالهين جي ٽيبل ڏانهن ويندو يا هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽينر واري سياست ڏانهن۔، مطلب ته ايندڙ ڪجھھ ڏينھن پاڪستان جي سياست لاءِ انتهائي اهم آهن،۔ محسن نقوي جي قيادت ۾ ٿيندڙ هي ڳالهيون جيڪڏهن ڪامياب ٿيون ته ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ گهٽجي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ناڪام ٿيون ته هڪ نئون سياسي بحران جنم وٺي سگهي ٿو.۔
***