DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو ٻارھون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر، تجزيه نگار محترم ارشاد ڪٽپر صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔ پڙھو ڊجيٽل سنڌ ميگزين..........
Skip to Content
چيو وڃي ٿو ته تاريخ ڏاڍي بي رحم هوندي آهي ۽ اها تاريخ ئي آهي، جنهن کي نه ڪو ميساري سگهي ٿو نه ان کان ڪو انڪار ڪري سگهي ٿو. تاريخ جو اهو به وڏو سچ آهي ته پاڪستان جي حق ۾ قرارداد کان وٺي ان کي قائم ڪرڻ سميت ان جي چئني صوبن کي هڪ تسبيح جيان ڳنڍي رکڻ ۾ سنڌ جو هڪ الڳ ڪردار آهي، ان جو مثال اهو آهي ته پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائڻ وارا بنا ڪنهن رنگ نسل ذات پات ڪنهن به فرق ۽ نفرت جي سنڌ ۾ رهن ٿا.
سنڌ پاڪستان جو اهو واحد صوبو آهي، جتي ڪشمير گلگت بلتستان کان ويندي دنيا جي ٻين ملڪن جا به ماڻهو نه رڳو رهن ٿا، پر هتي هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ذاتي ڪاروبار ۽ گهرن جا مالڪ به آهن. ان ئي سنڌ صوبي مان هو بهترين ناڻو ڪمائي پنهنجي اباڻن علائقن ۾ به موڪلين ٿا، هتي جي رهڻي ڪهڻي هتان جي پيار محبت واري اصول تحت، هو نه رڳو خوشحال آهن، پر سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ هڪ مطمئن زندگي به گذارين ٿا، سنڌ صوبي پاڪستان ٺهڻ وقت هندستان کان هجرت ڪري ايندڙ ماڻهن کي پنهنجا ڀائر سمجهي سندن لاءِ نه رڳو آجيان جا ڀاڪر کوليا، پر سنڌي قوم انهن هجرت ڪري ايندڙ ڀائرن کي جيءَ ۾ جايون ڏئي، آڌر ڀاءَ ڪري پنهنجي ملڪيتن مان حصو پڻ ڏنو،  هتي انهن لاءِ ڪاروبار جا موقعا پيدا ڪيا، ان سان گڏو گڏ ملڪ جي ٻين علائقن/ صوبن مان پڻ آيل ماڻهن کي هتي اچڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪرهت محسوس نه ڪئي.
انهن هتي اچي روزگار ڪيو، پنهنجون جائدادون خريد ڪيون، ايتري قدر جو سنڌ ڌرتي جا هو مڪمل باشندا ٿي رهائش پذير به ٿيا، پر سنڌ ۽ سنڌي قوم ڪڏهن به انهن سان تعصب نه ڪيو، نه ئي ڪڏهن نفرت جو اظهار ڪيو، پر وقت گذرڻ سان گڏو گڏ انهن ڌارين جن کي سنڌ ڌرتي پناھ ڏني، سنڌي ماڻهن جن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون،  انهن مان چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن  ذاتي مفادن خاطر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان نادر شاھي ڪردار ادا ڪندي، آهستي آهستي پاڻ کي مضبوط ڪري پنهنجا پير پختا ڪيا، جنهن کان پوءِ هتان جي پراڻن توڙي نون لڏي ايندڙ مھاجرن ۾ نفرت جو ٻج ڇٽڻ شروع ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ وقت بوقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌ سان دشمني وڌندي وئي، اها سنڌ جيڪا هزارين سالن جي هڪ تاريخ رکي ٿي، جنهن سنڌ جي عظيم تاريخ رکندڙ موهن جي دڙي مان محبتن ڀريا ساز مليا ھجن جتي نفرت ڪڏهن جنم ئي نه ورتو، اتي گهر گهر ۾ دشمني جي باھ ڀڙڪائي ڪجھھ ماڻهن پنهنجا سياسي مفاد ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تن کي سدائين سنڌ ناڪام بڻائيندي رهي،  جڏهن انهن مفاد پرستن کي اتي پنهنجي دال ڳرندي نظر نه آئي ته مختلف هيلن بهانن سان سنڌ ٽوڙڻ ۽ الڳ صوبي ڏيڻ جا آواز به اٿارڻ شروع ڪيا ويا، جيڪي سنڌي قوم جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڻ برابر هئا، سنڌ جنهن هر هڪ کي سيني سان لائي پنهنجو امرت پياريو انهن سنڌ جي سيني ۾ خنجر هڻڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو،  پر وقت ۽ حالتون سدائين سنڌ کي سرخرو ڪنديون رهيون، اڄ ساڳيا ئي نمڪحرام وري جاڳي پيا آھن، جيڪي سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالھھ ڪن ٿا، پر تاريخ شاھد آھي تھ سنڌ ھڪ آھي، سنڌ ھڪ رھندي. سنڌ پنهنجي غدارن کي چڱي ريت سڃاڻي به ٿي ۽ ناڪام به ڪري ٿي، جڏهن سنڌ پنهنجي حقن جي ڳالھھ ڪري ٿي ته موٽ ۾ سنڌ کي سدائين تعصبي هجڻ جو مهڻو ملندو رهيو آهي،  پر سوال اهو آهي ته ڇا پوري پاڪستان کان ويندي دنيا جي ٻين ملڪن جي مسلمانن جو رڳو هڪ سنڌ صوبي ٺيڪو کنيو آهي؟ ڇا پاڪستان جا ٻيا صوبا ناهن؟ جتي ڌاري آبادي کي آباد ڪري، سنڌ جي ڳاٽي مان اهو ڳٽ لاٿو وڃي، جڏهن سنڌ جا ماڻهو حقن جي ڳالھھ ڪن ٿا ته انهن کي نسل پرست قومپرست ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا سڏي تذليل ڪئي ٿي وڃي.
اصولن سنڌ جي رهواسين جي تذليل ڪرڻ جو ڪنهن کي به ڪو حق ڪونهي، ڇو ته سنڌ سنڌين جي هئي، سنڌين جي آهي ۽ سنڌين جي ئي رهندي، جيڪڏهن ڪو به هتي سنڌي ٿي رهڻ چاهي ٿو ته سنڌ جي دل ۽ اکين ۾ انهن لاءِ لکين جايون آهن، پر جيڪو سنڌ ۾ نفرت جي سياست ڪري ٿو ماڻهن کي هٿيار کڻي ويڙهائڻ لاءِاتساهي ٿو يا نفرت جو ٻج ڇٽي، سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جو سوچي ٿو ته اهو سنڌ جي نظر ۾ غدار آهي، سنڌ اها تاريخ رکندڙ ڌرتي آهي، جنهن ڪڏهن به هار ناهي کاڌي، هن ڌرتي سدائين پيار جو ٻج پوکيو آهي.  اڄ به پيار جي ڇانوَ ۾ گڏ رهڻ لاءِ هي ڌرتي پنهنجو سينو حاضر ڪري ويٺل آهي، پر هتي نفرت جي ڪابه گنجائش موجود ناهي، نه ئي سنڌ جا ماڻهو ايترا بيوقوف آهن جيڪي چند سياسي رانديگرن جي غلط اننگ ۾ شڪست کائي ماٺ ڪري ويهي رهندا، سنڌ صدين کان هئي ۽ تاقيامت رهندي، ان کي ٽوڙڻ جو خواب ڏسڻ وارا پاڻ ئي ختم ٿي ويندا، ان ڪري جن سياسي قوتن جي ذهن ۾ آهي ته صوبو الڳ کپي اهي ڀلي پنهنجي علائقن ۾ واپس موٽي وڃن جتان هو آيا هئا.
هي سنڌ ڪنهن جي ٽڪرن تي پلجڻ واري ناهي، پر هي سنڌ گهڻن کي پنهنجي ماني مان حصو ڏئي پيٽ ڀريندي رهي آهي، وقتي مفاد جا قائل ماڻهو به اهي پيٽ ڀرائي جون خبرون ڇڏي ڏين جن سدائين سنڌ جو نمڪ کائي، سنڌ ۾ نفرتن جو ٻج پوکيو آهي. اهي مايوس ٿيڻ کان سواءِڪجھھ به حاصل ڪري ڪونه سگهندا، ملڪ جا ٻيا صوبا به آهن، اهي به پاڪستاني ۽ مسلمان ڀاءُ سمجهي انهن ماڻهن کي قبول ڪن، انهن کي اتي نوڪريون ڏين، ڪاروبارن ۾ حصو ڏين، گهر ڏين، ملڪيتون خريد ڪرڻ جو حق ڏين ته مڃبو ته هتي سڀ برابر آهن، باقي جيڪي سدائين سنڌ جو کائين به ٿا ۽ نفرتون به وڌائين ٿا اهي پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا، جڏهن سنڌ ڪو حق جو سوال ٿي ڪري يا انهن وڳوڙين جي نيڪالي جو مطالبو ٿي ڪري ته اتي وري پاڪستاني ۽ مسلماني جو لباس پائي، وري ڪجھھ مفادي ڌريون وڏا ليڪچر ڏيڻ شروع ڪريو  ڇڏين.
انهن ليڪچرن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم مسلسل ٻڌي ٻڌي ھاڻ سندن اندر جي ابليس کي چڱي ريت سمجهي چڪي آهي، ان ڪري سنڌ جي محبتن کي مجبوري بجاءِ وڏي دل ڪري قبول ڪرڻ گهرجي، نفرتن جي سياست، هتان جي پيار محبت ۽ امن سان رهندڙ رهواسين کي نفرتن جي اوڙاھ ۾ ڌڪڻ کان پاسو ڪري مستقبل جي بهتر ترقي يافته سنڌ کي هڪ ٿي گڏجي مضبوط ڪرڻ گهرجي، جنهن سان رڳو هڪ سنڌ مضبوط نه ٿيندي، پر اهي قومون جيڪي هن ڌرتي سان جڙجي چڪيون آهن، اهي به مضبوط ٿينديون، پوءِِ جڏهن اهي مضبوط ٿينديون ته پورو پاڪستان نه رڳو مضبوط پر مستحڪم ٿيندو،  جنهن سان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ٿيندو، ان جي بدلي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري به وڌندي روزگار جا موقعا پئدا ٿيندا، عام به ماڻهو سکي ستابي زندگي گذاريندو،
تعليم هنر ۽ صحت جا نوان موقعا پئدا ٿيندا، ان ڪري تاريخ جو اصول اهو آهي ته ان ۾ پاڻ کي داغدار ڪرڻ بجاءِ تاريخ جي ورقن ۾ سنڌ جي ڏنل لازوال قربانين محبتن ۽ پنهنجائپ جو جواب نفرتن ۽ وحدانيت تي وار ڪري ڏيڻ بجاءِ محبتن ۽ محنتن سان ڏيڻ گهرجي، جنهن سان سنڌ جو ڪنڌ فخر سان بلند هجي ۽ پاڪستان سميت سنڌ ۽ سنڌ جي سڀني رهواسين جي تاريخ سونهري اکرن ۾ شاندار نموني لکي وڃي

Email: qasimkhaskheli97@gmail.com




***