DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
حشر پڙ/دارسر پڙ /اولڊٿاڻو
ملير جو ھي اھم تاريخي ماڳ مڪان اڳوڻي دور ۾ حشر پڙ موجوده دور ۾ داسر پڙ ۽ اولڊٿاڻي سان مشھور آھي. ھڪ ماڳ آھي، پر ٽن مختلف نالن سان پڪاريو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. ھي ماڳ ملير سٽي کان چئن ڪلوميٽرن  جي مفاصلي تي واقع آھي، جتي سنڌين ۽ بلوچن جا گڏيل ڳوٺ آھن ۽ ڪافي سالن کان گڏ رھن ٿا، جنھن جي ڪري ھتي جا سنڌي ڳالھائيندڙ به بلوچي ڳالھائين ٿا، جنھن ۾ خاصخيلي قبيلي جي اڪثريت زياده آھي. انھي تاريخي ماڳ مڪان کان ٿورو پھريان قديم درگاه مھر علي شاهھ مست بخاري جي به آھي، مقامي ماڻھن جي معلومات کان خبر ملي ته، ھي بزرگ اصل ۾ ضلعي ٺٽي جي بخاري سيدن مان ھو، جڏھن ٺٽو تباهھ ٿيو ته ھزارن جي تعداد ۾ ھتان مالوند ماڻھو لڏپلاڻ ڪري ملير جو رخ ڪيو.
ھن بزرگ به پنھنجي پوري خاندان سميت  ملير جي ماڳ حشر پڙ جي ڀر ۾ رھائش اختيار ڪئي. ھي مست ملنگ انسان ھو، پوري ملير ۾ پيادل گھمندو ھو، مقامي ماڻھو ان کي مست چوندا ھئا. سندس وفات کان پوءِ سندس پولڳن مريدن سندس وڏو مقبرو ٺھرايو، جتي اڳ ۾ قاسم علي شاهھ قبرستان موجود ھو، جيڪو ھاڻي وڏي درگاهھ جو روپ وٺي ويو آھي. ھر سال سندس عرس به ٿيندو آھي، جنھن ۾ راڳ رنگ جي محفل کان علاوه ملاکڙو به ٿيندو آھي، جيڪو ڄام ڳوٺ جي اسڪول جي ميدان اڳيان علائقي جي معززين جي نگراني ۾ ٿيندو آھي، جتي سنڌ جا مشھور ملھھ پھلوان اچي گڏ ٿيندا آھن ۽ ھي ملاکڙو ٽي ڏينھن جاري رھندو آھي.

حشرپڙ/داسر پڙ:
ھتي جا وڏا بزرگ چون ٿا ته ھن ھنڌ تي انگريز دور کان به اڳي شھر جي مختلف علائقن مان مومن اچي گڏ ٿيندا ھئا، خاص طور تي ڏھين محرم تي وڏو ميڙ گڏ ٿيندو ھو ۽ اھي مومن باهھ جو وڏو مچ ٻاري ماتم ڪندا ھئا، اھو سلسلو ڪافي سالن تائين جاري رھيو،  وقت ۽ حالتن جي تبديل ٿيڻ ۽ بلوچستان مان جدگال قبيلي جي لڏپلاڻ ملير ڏانھن شروع ٿي ته حشر پڙ جي پاسي ۾ آبادي ٿيڻ شروع ٿي، جتي سنڌين ۽ بلوچن جي ڳوٺن جا بنياد پوڻ شروع ٿيا. آبادي جي وڌڻ ڪري ساليانو ماتم به ختم ٿي ويو، مومنن ھتي اچڻ ڇڏي ڏنو. ان جا ڪھڙا سبب ھئا آبادي جي ڪري يا ٻيو ڪو اھم سبب، ان جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيا آھن. بلوچن جي اڪثريتي آبادي جي ڪري ان ماڳ کي بلوچي زبان ۾ داسر پڙ سڏڻ لڳا. سنڌي ۾حشر پڙ ته بلوچي زبان ۾ داسر پڙ مشھور ٿي ويو. موجوده دور ۾ ان ماڳ تي صرف الم لڳل آھي، جيڪو نشاني جي طور تي قائم آھي. جنھن کي ڀر واري درگاه مھر شاه بخاري جا معتقد سنڀاليندا ٿا اچن، پر جئين اڳ ۾ ساليانو ماتم ٿيندو ھو، اھو آبادي جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪونه ٿو ٿئي.

اولڊ ٿاڻو:
انھي ساڳئي ماڳ کي اولڊ ٿاڻو جي نالي سان به لکيو ۽ پڪاريو وڃي ٿو،  ملير جي روينيو رڪارڊ ۾ ديھھ ٿاڻو به آھي، جيڪا ديھھ پندرنھن کن ڳوٺن تي مشتمل آھي.  موجوده دور ۾ سڀ کان گھڻو استعمال ٿيندڙ ۽ بس اسٽاپ ۽ آبادي اولڊ ٿاڻي جي نالي سان مشھور مقبول آھي، ان جي باري ۾ ڄاڻ ملي ته انگريز جڏھن ڪراچي تي قابض ٿيا ته ھنن ملير جو به رخ ڪيو، جتي ھنن ملير سٽي کان ويھن ڪلوميٽرن تي گھاٽي ٻيلي ۾ ھڪ ريسٽ ھائوس ٺھرايو ھو،  جيڪو ريسٽ ھائوس سان گڏ سب جيل به ھوندو ھو، خاص ڪري ان دور ۾ سياسي اڳواڻن کي ھن ريسٽ ھائوس ۾ نظر بند ڪيو ويندو ھو. موجوده دور ۾ اھو ريسٽ ھائوس واٽر بورڊ وارن جي قبضي ۾ آھي، اتي ڀر ۾ انھن جون آفيسون آھن. ان ڪري ئي ھنن ريسٽ ھائوس کان پري ويران علائقي ۾ جتي حشر پڙ ھو، ان جي ڀر ۾ ننڍي فوجي چوڪي قائم ڪئي ھئي، جيڪا پوءِ انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ ڊاھي وئي،  پر ان جو نالو مقامي ماڻھن انگريزي ٻولي ۾ ئي رکي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان کي انگريزن ئي قائم ڪيو ھو، انھن جي ئي يادگار ھئي، ان ڪري مقامي ماڻھو ان فوجي چوڪي کي اولڊٿاڻو ئي چوڻ لڳا ۽ اڄ ڏينھن تائين اھو ئي نالو قائم دائم آھي. ان ۾ڪابه تبديلي نه آئي، جڏھن ته ان جي ڀر ۾ بلوچ برادري جا ڪافي ڳوٺ آھن، جيڪي مختلف نالن سان آھن، پر اھو نالو مضبوط ۽ سرڪاري انگن اکرن ۾ محفوظ ٿي ويو .
ھتي جي يونين ڪاونسل به ان ئي نالي سان آھي، حڪومتي ڪابه اسڪيم ترقياتي ڪم ٿيندا آھن ته اھي به اولڊ ٿاڻي جي نالي سان ڪيا ويندا آھن.

گل حسن ڪلمتي پنھنجي ڪتاب ”ڪراچي جا لافاني ڪردار“ ۾ ھڪ ڪردار قادو مڪراني جو به آھي، ان ۾ صرف مختصر ذڪر ڪيائين ته قادو جڏھن احمد آباد کان سنڌ آيو ته، ڪراچي بندر تي سخت نگراني ھئڻ ڪري، ھو ملير جي علائقي اولڊٿاڻي ۾ آيو ۽ اتان اٺ جي سواري ڪري، لياري جو رخ ڪيائين جتان پوءِ گرفتار ٿيو، ان ۾ گل حسن صاحب اولڊٿاڻو جي تفصيل نه ڏني آھي.