DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
سنڌ  ۾ احتجاج ڪا نئين ڳالهه ناهي، هيءَ اها ڌرتي آهي، جتي جڏهن به حق کي دٻائڻ جي ڪوشش ٿي آهي تھ اتي ڪنهن نه ڪنهن  صوت ۾  آواز ضرور اٿيو آهي. ڪڏهن اهو آواز ڪنهن شاگرد جو  آهي، ڪڏهن ڪنهن هاريءَ جو، ڪڏهن ڪنهن ماءُ جو، ۽ ڪڏهن ڪنهن اهڙي نوجوان جو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي سال ڪتابن جي ورقن ۾ پنهنجي مستقبل جي تلاش ڪندي گذاريا هجن.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڀرتين ۽ امتحاني عمل بابت ميرٽ، شفافيت ۽ طريقيڪار تي جيڪي سوال اٿاريا پيا وڃن، انهن کي رڳو  چند اميدوارن جي شڪايت سمجهڻ، سنڌ جي نوجوان نسل سان ناانصافي هوندي. هي سوال هزارين انهن نوجوانن جو آهي، جيڪي محدود وسيلن هوندي به محنت ڪن ٿا، راتيون جاڳي تياري ڪن ٿا ۽ اميد رکن ٿا ته جڏهن مقابلو ٿيندو ته سندن قابليت سندن قسمت جو فيصلو ڪندي.
پر جيڪڏهن ڪنهن نوجوان جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿي وڃي ته ”ڇا نوڪري منهنجي قابليت سان ملندي يا ڪنهن جي سفارش سان؟“ ته پوءِ مسئلو صرف هڪ نوڪريءَ جو نه رهندو آهي؛ اهو سڄي نظام جي اعتبار جو مسئلو بڻجي ويندو آهي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن سان هزارين خاندانن جون اميدون وابسته آهن. هڪ امتحان جو نتيجو ڪنهن هڪ اميدوار جي ڪاميابي يا ناڪامي کان گهڻو اڳتي وڃي ٿو. ان سان ڪنهن گهر  جي معاشي حالت، ڪنهن والدين جي اميد، ڪنهن شاگرد جي سالن جي محنت ۽ ڪنهن خاندان جي مستقبل جا خواب ڳنڍيل هوندا آهن. تنهنڪري جڏهن ميرٽ بابت سوال اٿن ٿا ته انهن جو جواب خاموشي نه، پر شفافيت هجڻ گهرجي. سنڌ حڪومت لاءِ به هي وقت انتهائي اهم آهي. حڪومت جو ڪم صرف احتجاج ڪندڙن کي روڊ تان هٽائڻ يا ڌرڻا ختم ڪرائڻ ناهي. حڪومت جو اصل ڪم اهو آهي ته ماڻهن جي ذهنن ۾ پيدا ٿيندڙ شڪ کي دليل، دستاويز ۽ شفاف عمل سان ختم ڪري. جيڪڏهن SPSC  جو  عمل شفاف آهي ته پوءِ حڪومت ۽ ڪميشن کي گهرجي ته اعتراض ڪندڙ نوجوانن جي سامهون سمورو عمل واضح ڪن. جيڪڏهن ڪنهن تي الزام غلط آهي ته ثبوتن سان غلط ثابت ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن ڪٿي واقعي بي ضابطگي ٿي آهي ته ان جي آزاد جاچ ڪرائي ذميوارن کي قانون جي دائري ۾ آندو وڃي. ميرٽ جو دفاع ڪنهن هڪ سياسي جماعت جو ڪم ناهي؛ اهو رياستي ادارن جي بنيادي ذميواري آهي.  سنڌ جو نوجوان اڳ ئي بيروزگاري، مهانگائي ۽ معاشي  جنگ ۾ آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن سرڪاريپاليسيون بھ   شفاف نظر نه اچن ته مايوسي وڌيڪ ٿئي سگهي ٿي.
اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته احتجاج ڪندڙ هر نوجوان حڪومت جو دشمن ناهي هوندو. گهڻو ڪري هو پنهنجي مستقبل جو محافظ هوندو آهي.
جنهن نوجوان کي اڄ روڊ تي بيٺل ڏسون ٿا،  اهي شايد ڪالهه ڪنهن لائبريريءَ جي خاموش ڪنڊ ۾ پنهنجي خوابن لاءِ پڙهي رهيا هوندا!
سوال اهو آهي ”اسان جي محنت جي قيمت ڪير مقرر ڪندو؟“
سنڌ حڪومت کي هن سوال کان لنوائڻ بدران ان جو جواب ڏيڻ گهرجي.
ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ حڪومتون پنهنجي عمارتن، گاڏين ۽ اعلانن سان ياد ناهن رهنديون؛ حڪومتون ان ڳالهه سان ياد رهنديون آهن ته انهن جي دور ۾ عام ماڻهوءَ سان انصاف ڪيترو ٿيو. جيڪڏهن اڄ سنڌ حڪومت ميرٽ بابت اٿندڙ سوالن کي سنجيدگيءَ سان وٺي، آزاد ۽ شفاف جاچ ڪرائي، اعتراضن جو کليل جواب ڏئي ۽ نوجوانن جو اعتماد بحال ڪري ٿي ته اهو صرف هڪ احتجاج کي ختم ڪرڻ نه هوندو؛ اهو سنڌ جي ادارن تي عوام جو اعتماد مضبوط ڪرڻ هوندو. پر جيڪڏهن سوالن کي نظرانداز ڪيو ويو، آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ نوجوانن جي بيچيني کي سياسي مخالفت جو نالو ڏئي نظرانداز ڪيو ويو ته پوءِ تاريخ پنهنجو فيصلو ضرور لکندي.
ياد رکو تھ، واڌو واهه کان اٿندڙ آواز هاڻي واڌو واهه تائين محدود ناهي رهيو.
هي آواز انهن سڀني شاگردن جو آهي، جن وٽ سفارش ناهي، پر قابليت آهي. هي آواز انهن والدين جو آهي، جيڪي پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ پنهنجون سموريون آسائشون ۽ سڪون  قربان ڪن ٿا. هي آواز انهن نوجوانن جو آهي، جيڪي سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ پنهنجو مستقبل ڏسڻ چاهين ٿا.
۽ هي آواز سنڌ حڪومت کان هڪ ئي ڳالهه پڇي رهيو آهي:
ميرٽ واقعي سڀني لاءِ برابر آهي ته پوءِ ان کي ثابت ڪرڻ ۾ خوف ڪهڙو؟
اڄ جيڪڏهن سنڌ حڪومت شفافيت جو رستو اختيار ڪري ٿي ته شايد هي احتجاج هڪ تاريخي مثال بڻجي وڃي، اهڙو مثال، جنهن ۾ هڪ ننڍڙي هنڌ کان اٿندڙ آواز آخرڪار ادارن کي وڌيڪ جوابده ۽ نظام کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ جو سبب بڻيو. پر جيڪڏهن اهو آواز ٻڌڻ کان انڪار ڪيو ويو ته پوءِ ممڪن آهي ته تاريخ هن دور کي هڪ ٻئي نالي سان ياد ڪري!
ياد رکو حق جڏهن سوال بڻجي عوام جي زبان تي اچي وڃي، تڏهن ان جو جواب طاقت سان نه، انصاف سان ڏيڻو پوندو آهي!

***