سنڌ رڳو ڌرتيءَ ناهي، سنڌ هڪ تاريخ آهي، هڪ تهذيب آهي، هڪ ٻولي، هڪ ثقافت، هڪ احساس ۽ انهن بي شمار نسلن جي سڃاڻپ آهي جن پنهنجي رت، پگهر ۽ قربانين سان هن ڌرتيءَ کي آباد ۽ زندھ رکيو آهي. سنڌ ڪنهن جي کڻي آيل ڌرتي ناهي نه ئي ڪنهن عارضي اقتدار جي مهربانيءَ سان وجود ۾ آئي آهي سنڌ پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن سان دنيا جي نقشي تي پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ ڌرتي آهي ، هيءَ اها ئي سنڌ آهي جنهن جي تهذيبي روشني موهن جي دڙي کان وٺي، اڄ تائين انساني تاريخ کي روشن ڪندي آئي آهي. هيءَ اها ڌرتي آهي جنهن جي ثقافت جو ڳاٽ صدين کان اوچو رهيو آهي ۽ جنهن جي ماڻهن هر دور ۾ پنهنجي وطن جي بقا، آزادي ۽ عزت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، سنڌ جي تاريخ جو هر ورق ٻڌائي ٿو ته جڏهن به هن ڌرتيءَ تي ڏکيو وقت آيو، جڏهن به ڪنهن ڌارين طاقتن سنڌ جي وسيلن، وجود يا آزاديءَ ڏانهن ميري اک کئين، تڏهن سنڌ جي ماڻهن پنهنجي اندر جي خاموش طاقت کي جاڳايو آھي، تاريخ ۾ راجا ڏاهر، دودي سومري، دريا خان، هوشو محمد شيدي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪردارن جون مزاحمتي روايتون ان ڳالهه جي علامت آهن ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ کي هميشه پنهنجي وجود جو حصو سمجهيو آهي، سنڌين کي ڪڏهن ڪڏهن سست، ستل يا خاموش قوم چيو ويندو آهي، پر اها خاموشي ڪمزوري ناهي، سنڌين جي خاموشيءَ جي اندر صدين جو شعور، برداشت ۽ تاريخ سان ڳنڍيل هڪ گهرو مزاج موجود آهي جڏهن اها قوم جاڳي ٿي ته پوءِ ان جي آواز کي دٻائڻ آسان ناھي رهندو، سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ قومي شعور کي بيدار ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي اڳواڻن، اديبن ۽ ڪارڪنن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آھي سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، بشير قريشي، اياز لطيف پليجو ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي پنهنجي فڪر ۽ جدوجهد ذريعي سنڌ جي قومي سوال کي عوامي بحث جو حصو بڻايو، انهن جي جدوجهد مان اهو سبق ملي ٿو ته قومن جي بقا صرف نعريبازي سان نه پر شعور، تنظيم، تعليم، جمهوري جدوجهد ۽ پرامن مزاحمت سان ممڪن آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ 1943ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي پاڪستان جي حق ۾ قرارداد جو باب پڻ اهم آهي، جنهن کي سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ نمايان واقعو سمجهيو وڃي ٿو، پاڪستان جي قيام کان اڳ سنڌ پنهنجي تاريخي ۽ آئيني حيثيت سان موجود هئي، تنهنڪري سنڌ جي وجود، تاريخ ۽ سڃاڻپ کي ڪنهن نئين دور جي پيداوار سمجهڻ تاريخ سان ناانصافي آهي، اڄ جيڪڏهن سنڌ جي ورهاڱي يا سنڌ جي وحدت کي نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون ته انهن کي جذبات کان وڌيڪ شعور، دليل، جمهوريت ۽ آئيني جدوجهد سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي، قومن جي طاقت رڳو تعداد ۾ ناھي هوندي اصل طاقت اتحاد، تنظيم، علم، سياسي شعور ۽ پرامن عوامي جدوجهد ۾ هوندي آهي، سنڌ جا نوجوان، شاگرد، استاد، وڪيل، هاري، مزدور، اديب، صحافي، عورتون، ٻار ۽ سماج جا سڀ باشعور طبقا جيڪڏهن پنهنجي ڌرتيءَ جي مسئلن تي گڏيل آواز بڻجن ته اهو آواز ڪنهن هڪ فرد يا جماعت جو آواز نه رهندو، مگر سنڌ جي اجتماعي شعور جو آواز بڻجي ويندو، اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي اختلافن کي هڪ پاسي رکندي، سنڌ جي بنيادي مسئلن تي گڏيل موقف اختيار ڪيو وڃي، پاڻي، زمين، وسيلا، روزگار، تعليم، صحت، ماحول ۽ سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ جهڙا سوال ڪنهن هڪ سياسي جماعت جا سوال ناهن، اهي سنڌ جي هر باشعور ماڻهوءَ جا سوال آهن، اسان کي اهو به سمجهڻو پوندو ته وطن سان محبت جو مطلب نفرت پيدا ڪرڻ ناهي، سنڌ سان محبت جو سڀ کان خوبصورت اظهار اهو آهي ته اسان پنهنجي ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ وسيلن جي حفاظت لاءِ قانوني، جمهوري ۽ پرامن رستو اختيار ڪريون اسان جي مزاحمت اهڙي هجي، جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ مثال بڻجي وڃي، اهڙي جدوجهد هجي، جنهن ۾ علم هٿيار هجي، دليل طاقت هجي ۽ اتحاد سڀ کان وڏو سهارو هجي، سنڌ جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته قومون تڏهن مضبوط ٿينديون آهن جڏهن انهن جا ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن کان مٿي ٿي اجتماعي مفادن کي سمجهڻ شروع ڪندا آهن. سنڌ کي اڄ اهڙي ئي اجتماعي شعور جي ضرورت آهي، اسان جي نسل کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا اسان پنهنجي تاريخ کي رڳو ڪتابن ۾ پڙهنداسين يا ان مان مستقبل لاءِ سبق به حاصل ڪنداسين؟ ڇا اسان پنهنجي ثقافت کي رڳو جشنن تائين محدود رکنداسين يا پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ سنڌي ٻولي، ادب، علم ۽ روايتن کي به زندھ رکنداسين؟ ڇا اسان اختلافن ۾ ورهائجي ڪمزور ٿينداسين يا اختلافن باوجود سنڌ جي بنيادي حقن تي گڏ بيهنداسين؟ سنڌ کي بچائڻ جو پهريون قدم سنڌ کي سمجهڻ آهي، سنڌ کي سمجهڻ جو پهريون قدم تاريخ، ادب، ٻولي ۽ ثقافت سان ڳنڍجڻ آهي ۽ سنڌ کي مضبوط ڪرڻ جو رستو علم، اتحاد، جمهوري جدوجهد ۽ انسان دوستيءَ مان گذري ٿو، هيءَ ڌرتي اسان لاءِ رڳو نقشو ناهي، هيءَ اسان جي يادگيرين جي زمين آهي اسان جي وڏڙن جي قبرن جي مٽي آهي اسان جي ٻوليءَ جي جنم ڀومي آهي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو مستقبل آهي، تنهنڪري وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو نوجوان ننڊ مان جاڳي ڪتاب هٿ ۾ کڻي، تاريخ پڙهي، سوال ڪري، پنهنجي حقن کي سمجهي ۽ سماج جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، استاد علم جو ڏيئو روشن ڪري، صحافي، اديب قلم کي سچ لاءِ استعمال ڪري، وڪيل قانون جي طاقت سان حقن جو دفاع ڪن، هاري ۽ مزدور پنهنجي معاشي حقن لاءِ منظم ٿين ۽ سياسي قوتون ذاتي مفادن کان مٿي ٿي، سنڌ جي بنيادي مسئلن تي گڏيل حڪمت عملي جوڙين. سنڌ کي ڪنهن نفرت جي باھ جي ضرورت ناهي، سنڌ کي شعور جي روشنيءَ جي ضرورت آهي، سنڌ کي تڪرار جي نه اتحاد جي ضرورت آهي. سنڌ کي تشدد جي نه جمهوري مزاحمت جي ضرورت آهي ۽ سنڌ کي خاموش تماشائين جي نه مگر باشعور ۽ ذميوار وارثن جي ضرورت آهي ، اڄ جيڪڏهن سنڌ جو ڪو نوجوان پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ آواز بلند ڪري ٿو ته اهو آواز رڳو هڪ نعرو نه آهي اهو صدين جي تاريخ سان ڳنڍيل هڪ سوال آهي اهو سوال اسان جي ضمير کان آهي ته اسان پنهنجي ڌرتيءَ، ٻولي، ثقافت ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيون؟ اچو ته اختلافن کي ھڪ پاسي رکي گڏ بيهون، پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند ڪريون ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي وحدت، وسيلن ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي حفاظت لاءِ شعوري جدوجهد جاري رکون ڇو ته سنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سبق اهو ئي آهي ” هي قوم جڏهن خاموش هوندي آهي ته شايد ستل نظر اچي، پر جڏهن شعور سان اٿي بيهندي آهي ته ان جو آواز محشر کان به تکو محسوس ٿيندو آهي“ سنڌ هڪ تاريخ آهي، سنڌ هڪ سڃاڻپ آهي، سنڌ هڪ احساس آهي ۽ سنڌ جي وحدت جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
***