DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
26 آگسٽ 2026 تي وفاقي گادي واري شھر اسلام آباد جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال "پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز - (پمز)" جي مڌر اينڊ چائلڊ هيلٿ وارڊ جي نرسري ۾ جيڪو سانحو پيش آيو، ان سڄي قوم کي رت روئاري ڇڏيو. صبح 6 لڳي 45 منٽ تي لڳندڙ باهه ۾ 14 معصوم نوان ڄاول ٻار دم گهٽڻ ۽ سڙڻ سبب فوت ٿي ويا. هي واقعو صرف هڪ حادثو آهي يا ان جي پويان ڪنهن جي غفلت ۽ بي حسي لڪل آهي؟ اچو ته اصل حقيقتن جو جائزو وٺون.
شروع ۾ ريسڪيو ۽ ميڊيا ۾ هي خبر هلندي رهي ته باهه ايئر ڪنڊيشن جي ڪمپريسر ڦاٽڻ يا شارٽ سرڪٽ سبب لڳي. پر پمز انتظاميه جي ابتدائي تحقيقاتي رپورٽ ان کان مڪمل مختلف ڳالهه ٻڌائي ٿي.  رپورٽ موجب، باهه جو سبب شارٽ سرڪٽ نه هو. نرسري ۾ انڪيوبيٽر سان ڳنڍيل "آڪسيجن جي مقدار جانچڻ وارو نيبولائيزر" ڦاٽيو. نيبولائيزر جي ڦاٽڻ سان آڪسيجن فوري باهه وٺي ورتي. آڪسيجن جي موجودگي سبب ننڍڙي باهه پل ۾ وڏي باهه ۾ تبديل ٿي وئي. نرسري ۾ سخت دونهون ڀرجي ويو، جيڪو پائپ ذريعي سڌو ٻارن جي ساهه ۾ ويو. ان سان گڏ حادثي وقت آڪسيجن جي فراهمي بند ٿيڻ به ٻارن جي فوتگي جو وڏو سبب بڻيو.
هاڻي سوال اهو آهي ته هڪ حساس يونٽ ۾ موجود سامان جي چيڪنگ ڪير ڪندو آهي؟ ڇا ان نيبولائيزر جي باقاعده ميئنٽيننس ٿيندي هئي؟ اهي سڀ انتظامي ناڪامي جون نشانيون آهن.۔ سي ڊي اي فائر برگيڊ جي رپورٽ ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته اسپتال جا "فائر سيڪيورٽي انتظام ناڪافي ۽ غير معياري" هئا. باهه لڳڻ کانپوءِ ريسڪيو اهلڪارن کي دريءَ جون گرلون ٽوڙي 19 ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻو پيو. جيڪڏهن ايمرجنسي رستا کليل هجن ها ته ايتري دير نه لڳي ها. جڏهن ته اي ڊي پمز جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ "تسلي بخش فائر سسٽم" موجود هو، پر سي ڊي اي جي رپورٽ ان کي رد ڪري ٿي.متاثر والدين جو سڀ کان وڏو سوال آهي ته "NICU جو دروازو لاڪ ڇو هو؟" جيڪڏهن دروازو وقت تي کلي ها ته شايد وڌيڪ ٻار بچي وڃن ها.
پراڻي روايت وانگي هن سانحي کانپوءِ وفاقي حڪومت جاڳي پئي. وزيراعظم شهباز شريف سخت نوٽيس وٺندي وفاقي سيڪريٽري صحت اسلم غوري کي فوري معطل ڪري ڇڏيو. اڳوڻي سيڪريٽري داخله شاهد خان جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي به ٺهي وئي آهي.
وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال پاڻ اسپتال پهچي سي ٽي وي فوٽيج جو ذڪر ڪيو ۽ احتساب جو واعدو ڪيو، پر سندس رويو انتهائي نامناسب هو.  ۔هي وقت متاثرين سان همدردي ڪرڻ ۽ کين سندن پيارن جي وڇوڙي جي زخمن تي مرهمن رکڻو هو، پر سندس جارحاڻو رويو ڏکايلن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو، ۔ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ سمورو واقعو سندس نگرانيءَ هيٺ ٿيو آهي۔ ڇو ته، قاتل قتل ڪرڻ کان پوءِ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙي پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۔ بهرحال هتي سوال اهو آهي ته ڇا اسپتال جي چند ملازمن جي معطلي سان سمورو معاملو ختم ٿي ويندو؟ گذريل 35 سالن ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيترا سانحا ٿيا آهن، ڪيتريون ڪميٽيون ٺهيون آهن، پر نتيجو ڪو به نه نڪتو آهي ته پوءِ هن واقعي جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو،۔ اهو سموري قوم اڳواٽ ڄاڻي ٿي.
   هي سوال هاڻي هر ماءُ پيءُ جي زبان تي آهي ته، جيڪڏھن اهو واقعو اتفاقي هو ته اسپتال جو ڊاڪٽر يا ڪو ٻيو عملو معصوم ٻارن کي اڪيلو ڇڏي ڪاڏي غائب ٿي ويو،  جيڪڏهن عملو موجود هجي ها ته ٻارن کي ٻاهر کڻي سگهيو پئي. ان مان ثابت ٿي رهيو آهي ته اسپتال عملو ڊيوٽيءَ تي موجود ئي نه هو، ۔ هي سانحو اهو به ٻڌائي  ٿو ته، پراڻو سامان، ٽريننگ جو فقدان، ۽ اوور لوڊ هجڻ جي ڪري اهڙا حادثا ٿيندا آهن. اسان جون سرڪاري اسپتالون اڳ ۾ ئي "تجربن جي ليبارٽري" بڻيل آهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن 15 ٻارن مان 14 فوت ٿين ۽ صرف 1 معجزانه طور بچي، جڏهن فائر سسٽم هجڻ باوجود ڪم نه ڪري، جڏهن دروازو لاڪ هجي، ته پوءِ دل کي يقين نٿو اچي ته اهو واقعو رڳو اتفاق هو. جيڪڏهن آڪسيجن سپلائي بند ٿيڻ سان ٻار مري  ويا آهن ته اها انتظاميه جي سڌي غفلت آهي. جيڪڏهن فائر سيڪيورٽي نه هئي ته اهو سڌو حڪومت جو ڏوهه آهي. پمز اسپتال واقعي ۾ معصوم ٻارڙن جي قتلن جو تعين ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو سربراھ اڳوڻو سيڪريٽري داخلا شاھد خان خود 2022ع کان نيب کي مختلف ڪرپشن جي ڪيسن م ڀوڳي رھيو آھي . ڏھ ارب سالياني بجيٽ رکندڙ اداري اندر ٿيندڙ ھيڏي وڏي سانحي جي جاچ وري به ھڪ ڪرپٽ ڪاموري حوالي ڪئي وئي آھي،  جاچ تي انااللہ وانااليہ راجعون پڙھي، چار قل پڙھي معصومن کي بخش ڪري ڇڏيو . ھتي انصاف ٽي سئو سڙي ويل پورهيتن کي نه مليو ته، معصومن کي ڇا ملندو!!
اسلام آباد جهڙي شهر ۾ پمز اسپتال اندر پيش آيل اهو دل ڏاريندڙ واقعو هر حساس دل کي لوڏي ڇڏي ٿو. نون ڄاول معصوم ٻار، جيڪي اڃا هن دنيا کي ڏسڻ ۽ پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ پلجڻ به شروع نه ڪري سگهيا هئا، باهه جي لپيٽ ۾ اچي پنهنجي زندگيون وڃائي ويٺا! هي رڳو هڪ حادثو ناهي، هي اسان جي اجتماعي بيحسي، انتظامي غفلت ۽ انسانيت لاءِ هڪ وڏو سوال آهي.
سوال اهو آهي ته آخر انسانيت ڪيڏانهن وئي هلي،۔ اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل ماڻهن کان وٺي اسپتالن جي انتظاميا تائين، هر ان ماڻهو کان سوال ٿيڻ گهرجي، جنهن جي ذميواري انهن معصوم زندگين جي حفاظت هئي. غريب جو ٻار هجي يا امير جو، ڪنهن ننڍڙي شهر جو هجي يا اسلام آباد جو، هر انسان جي جان برابر قيمتي هجڻ گهرجي.اسان وٽ افسوسناڪ واقعو ٿيندو آهي، ڪجهه ڏينهن شور ٿيندو آهي، بيان ايندا آهن، جاچ ڪميٽيون ٺهنديون آهن ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان سڀ ڪجهه وساري ڇڏبو آهي. پر جن مائرن جون جهوليون خالي ٿي وڃن ٿيون، انهن لاءِ اهو واقعو ڪڏهن ختم نٿو ٿئي.
اسان عوام کي به پاڻ کان سوال ڪرڻو پوندو ته آخر اسان ڪيترو وقت خاموش رهنداسين؟ جيستائين عوام پنهنجي حقن لاءِ آواز نه اٿاريندو، جيستائين غفلت، نااهلي ۽ بيحسيءَ تي سوال نه ٿيندا، جيستائين ذميوارن کان جوابدهي نه ٿيندي، تيستائين اهڙا واقعا ورجائبا رهندا. اسان کي ڪنهن سياسي جماعت جي خلاف نه، پر ناانصافي، غفلت ۽ بيحسيءَ جي خلاف بيهڻو آهي. اسان کي مطالبو ڪرڻ گهرجي ته واقعي جي شفاف جاچ ٿئي، ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙي سانحي کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.اڄ اهي معصوم ٻار ڪنهن ٻئي جا هئا، سڀاڻي شايد اسان جا به ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اڄ اسان خاموش رهياسين ته اسان جي اها خاموشي به هن نظام جي بيحسيءَ کي طاقت ڏيندي.
اچو ته آواز اٿاريون، سوال پڇون ۽ پنهنجو جائز انصاف گهرون. ڇاڪاڻ ته خاموش عوام صرف تماشو ڏسندي آهي، پر باشعور عوام پنهنجي حقن جي حفاظت ڪندي آهي. انهن معصوم ٻارن جي موت جو حساب گهرڻ،  رڳو انهن جي والدين جو نه، پر اسان سڀني جو حق ۽ فرض آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاءَ ڪونهي ته، پمز اسپتال جو هي واقعو اسان جي صحت جي نظام جو جنازو آهي.
ڊي اين اي ذريعي لاشن جي سڃاڻپ ڪرڻ، واهه ڪينٽ ۾ نياڻي جو جنازو وغيره اهي منظر انهن انسان کي جهنجوڙي ڇڏين ٿا، جن جي سيني ۾ دل آهي جن وٽ ذري برابر به انسانيت آهي. هاڻي ضرورت ڪميشن جي نه، پر ڪارروائي جي آهي. قوم جو مطالبو آهي ته وفاقي وزير ۽ وزيراعظم فوري طور استعيفا ڏين، جانچ رپورٽ 15 ڏينهن ۾ پبلڪ ڪئي وڃي. غفلت جا ذميوار انتظامیه، چاهي ڪيترو به وڏو آفيسر يا سفارش رکندڙ هجي، ان کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.  ملڪ جي سمورين سرڪاري اسپتالن جو فوري سيڪيورٽي ۽ سامان جو آڊٽ ڪيو وڃي.
ياد رکو! اسپتال ۾ ٻار مري ته اهو صرف شماريات جو انگ ناهي هوندو، اهو ڪنهن جي گهر جو چراغ هوندو آهي. جيستائين اسان "سانحي" کي "سازش" سمجهي، ان جي اصل جڙ تائين نه پهتاسين، تيستائين اهڙا واقعا رونما ٿيندا ۽ سڄو ڏوهه مقدر تي ڏيئي پنهنجا پاند آزاد ڪري ڇڏيندا.




***