ڪراچيءَ جي ملير ۾ ”ايجوڪيشن سٽي“ جي نالي تي قديم سنڌي ڳوٺن، آباد زمينن ۽ مقامي ماڻهن جي رهائشي وسندين کي ختم ڪرڻ بابت سنگين سوال اٿاري رهيا آهن. تعليم لاءِ جديد ۽ منظم شهر يا ادارا قائم ڪرڻ يقيناً هڪ مثبت قدم آهي، ۽ اهڙن منصوبن جي مخالفت نه ٿي ڪري سگهجي؛ پر جيڪڏهن تعليم جي نالي تي صدين کان آباد ڳوٺ، ماڻهن جا اباڻا گهر، باغ، فارم ۽ خانداني زمينون مسمار ڪيون وڃن ته پوءِ ان منصوبي جي مقصد ۽ طريقيڪار بابت سوال اٿڻ فطري ڳالهه آهي.
ملير جي موجوده آباديءَ ۾ ڪيترائي اهڙا مقامي سنڌي ڳوٺ شامل آهن، جيڪي سوين سالن کان آباد آهن. انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو ڪنهن ٻاهرين وقت جا آبادڪار نه، پر پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڌرتيءَ سان نسلن کان ڳنڍيل مقامي رهواسي آهن. سندن گهر، زمينون، باغ ۽ وسنديون رڳو ملڪيت جا ٽڪرا نه، پر سندن تاريخ، سڃاڻپ ۽ اجتماعي يادگيريءَ جو حصو آهن.
تازو ملير ضلعي جي گڊاپ ٽائون، ديهه چوهڙ ۾ قائم قديمي فقير محمد بلوچ ڳوٺ ۾ مبينا طور ايجوڪيشن سٽي انتظاميا ۽ پوليس جي ڪارروائي دوران گهرن، باغن، فارم هائوس ۽ مسجد کي ڊاهي پٽ ڪرڻ واري واقعي مقامي ماڻهن ۾ سخت ڳڻتي پيدا ڪئي آهي. ان ڪارروائي خلاف ڳوٺاڻن پاران لڳاتار تقريباً 20 ڪلاڪن تائين احتجاج پڻ ڪيو ويو.
سوال اهو آهي ته جيڪڏهن واقعي هتي تعليم جي شهر جو قيام مقصد آهي ته پوءِ ان منصوبي ۾ صدين کان آباد ماڻهن جي حقن، انهن جي گهرن ۽ سندن زمينن جي تحفظ لاءِ ڪهڙو انتظام ڪيو ويو آهي؟ ترقيءَ جو مطلب اهو ته هرگز نه ٿو ٿي سگهي ته مقامي آباديءَ کي بي دخل ڪري، سندن تاريخي وسندين کي ميساري نئين شهر جو بنياد رکيو وڃي.
ملير رڳو زمين جو نالو ناهي. هي ڪراچيءَ جي قديم زرعي ۽ سرسبز سڃاڻپ جو اهم حصو رهيو آهي. هتان جي گرين بيلٽ، باغن، ڳوٺن ۽ قدرتي ماحول جي تباهي پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. مقامي سطح تي زمينن جي مبينا قبضي ۽ لينڊ گريپنگ بابت به مسلسل سوال اٿندا رهيا آهن، تنهنڪري ”ايجوڪيشن سٽي“ جهڙي وڏي منصوبي جي نالي هيٺ ٿيندڙ هر ڪارروائي شفاف ۽ عوام آڏو جوابده هجڻ گهرجي.
جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ حقيقي تعليم، تحقيق ۽ علمي ترقيءَ لاءِ منصوبو قائم ڪيو وڃي، جنهن سان عوام ۽ ايندڙ نسلن کي فائدو پهچي، ته اهو يقيناً ساراهه جوڳو قدم هوندو. پر قديم ڳوٺن کي ڊاهي، هزارين خاندانن کي سندن اباڻن گهرن ۽ زمينن کان محروم ڪري، ان عمل کي تعليم جي ترقيءَ جو نالو ڏيڻ ان منصوبي جي بنيادي مقصد بابت ئي شڪ پيدا ڪري ٿو. اهڙي صورتحال ۾ مقامي ماڻهن جو اهو خدشو به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته ڪٿي تعليم جي نالي کي زمين حاصل ڪرڻ ۽ قبضي لاءِ استعمال ته نه ڪيو پيو وڃي.
افسوس جو متاثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته علائقي جي چونڊيل نمائندن جي موجودگي ۽ ڪردار بابت به سوال پيدا ٿي رهيا آهن. ملير مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ڪيترائي نمائندا چونڊجي اچن ٿا، پر جڏهن قديم ڳوٺن جي رهواسين کي پنهنجي گهرن ۽ زمينن جي تحفظ لاءِ آواز جي ضرورت پوي ٿي ته سندن اثرائتي موجودگي محسوس نه ٿيڻ هڪ سنجيده سوال آهي.
ترقيءَ جا منصوبا مقامي ماڻهن کي اجاڙڻ بدران انهن کي شامل ڪري ٺاهڻ گهرجن. حڪومت جيڪڏهن واقعي ملير ۾ تعليم جو شهر قائم ڪرڻ چاهي ٿي ته مقامي آباديءَ سان بامقصد صلاح مشورو، زمينن جي قانوني حيثيت جي شفاف جاچ، مناسب معاوضو ۽ آبادين جي تحفظ کي بنيادي شرط بڻايو وڃي. ڪنهن به منصوبي جي نالي تي قديم وسندين کي ختم ڪرڻ نه ترقي آهي ۽ نه ئي انصاف.
ملير جي ڌرتي ڌڻين جو سوال رڳو اڄ جي گهرن جو سوال ناهي؛ اهو سندن تاريخ، سڃاڻپ، زمين ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل جو سوال آهي. ملير جي قديم ڳوٺن ۽ گرين بيلٽ جي تحفظ لاءِ شفافيت، قانون جي بالادستي ۽ مقامي ماڻهن جي حقن جي ضمانت ضروري آهي.