DIGITAL SINDH
MAGAZINE
ميگزين
ڊجيٽل سنڌ
DIGITAL SINDH
امن، ڀائيچارو ۽ سلامتي اسان جو پيغام | ڊجيٽل سنڌ ميگزين — سماجي، ادبي ۽ ثقافتي پليٽفارم | مواد موڪلڻ لاءِ WhatsApp: 03032037722 يا Email: digitalsindh876@gmail.comڪري سگهو ٿا
*ميگزين پاليسي:ڊجيٽل سنڌ ميگزين هڪ سنڌ جو سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ غير سياسي پليٽفارم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ ڀلائي، رواداري، ڀائيچاري ۽ مثبت سوچ کي فروغ ڏيڻ آهي. اسان جو عزم آهي ته پڙهندڙن تائين اهڙو مواد پهچايو وڃي جيڪو علم، ادب ۽ سياسي ۽ سماجي هم آهنگيءَ کي وڌائي.*غير سياسي حيثيت:هي ميگزين ڪنهن به سياسي پارٽي، گروهه يا نظريي جي حمايت يا مخالفت نٿي ڪري. اسان جو مقصد صرف سماجي ۽ ادبي ترقي آهي.*سماجي ۽ ادبي واڌارو:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مواد ادب، ثقافت، تعليم ۽ سماجي قدرن جي عڪاسي ڪندو، جنهن سان معاشري ۾ مثبت تبديلي اچي.*رواداري ۽ ڀائيچارو:اسان هر قسم جي نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. ميگزين جو هر مواد امن، محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو پيغام ڏيندو.*قانون ۽ قومي سلامتي جو احترام:ڪنهن به صورت ۾ اهڙو مواد شايع نه ڪيو ويندو جيڪو ملڪي سلامتي، قومي ادارن يا قانونن جي خلاف هجي.*ذميوار اظهار:ليکڪن کي آزادي آهي، پر اها آزادي ذميواري سان مشروط آهي. ڪو به مضمون، راءِ يا بيان اهڙو نه هوندو جيڪو ڪنهن فرد، اداري يا سماج لاءِ نقصانڪار هجي.*پروفيشنل معيار:ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ هر مواد کي اعليٰ ادبي ۽ اخلاقي معيارن مطابق جانچيو ويندو ته جيئن پڙهندڙن کي معياري ۽ قابلِ اعتماد مواد ملي.هي ميگزين علم، ادب ۽ سماجي سڌاري جو هڪ ذريعو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ مثبت سوچ، اتحاد ۽ انسانيت جي قدرن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي ويبسائيٽ تي ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جو شمارو يارهون پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ اوهان پڙهي سگهو ٿا، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرنٽ افيئر تي شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔جنهن ۾ جديد نقطه نظر سان پرڏيهي سياست تي سنڌ جي محبوب سينيئر تجزيه نگار، صحافي محترم فياض نائچ جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان پڙهي سگهندا سنڌ جي موجوده صورتحال تي سينيئر صحافي، تجزيه نگار محترم حبيب جتوئي صاحب جو شاندار آرٽيڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سياست، ادب، تاريخ، فلسفو, ڪهاڻيون ۽ شاعري سان گڏوگڏ گهڻو ڪجهه۔۔۔۔۔۔۔ ڊجيٽل سنڌ ميگزين جي شماري يارهين کي اوهان آساني سان ڊانلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔۔
Skip to Content
سنڌ جي تاريخي ۽ زرخيز ضلعي خيرپور مان هڪ اهم ۽ اميد ڀري خبر سامهون آئي آهي، جنهن نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان ۾ نئين اميد پيدا ڪئي آهي. تعلقي ڪنگري جي علائقي ۾، ڳوٺ واحد بخش مڱڻهار، ڳوٺ ريڍر جي ويجهو ۽ گمبٽ شهر کان تقريباً 7 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، زمين جي گهراين ۾ موجود جيوٿرمل پاڻي (Geothermal Formation Water) ۾ ليٿيئم جي موجودگي جي ثابتي ملي آهي. هي دريافت مستقبل جي جديد دنيا لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ معدنيات سان لاڳاپيل آهي، ڇاڪاڻ ته ليٿيئم کي اڄ جي دور ۾ “مستقبل جي توانائيءَ جي معدنيات” طور ڏٺو وڃي ٿو.
                 ليٿيئم هڪ اهڙو منفرد معدني عنصر آهي، جيڪو وزن ۾ انتهائي هلڪو، پر توانائي محفوظ ڪرڻ جي صلاحيت ۾ تمام طاقتور آهي. موجوده جديد دؤر ۾ موبائل فون، ليپ ٽاپ، اليڪٽرڪ گاڏيون، شمسي توانائيءَ جي ذخيرن ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجين ۾ استعمال ٿيندڙ بيٽرين جو اهم جزو ليٿيئم آهي. دنيا جڏهن ماحول دوست توانائي، برقي گاڏين ۽ صاف توانائيءَ جي نظام ڏانهن وڌي رهي آهي، تڏهن ليٿيئم جي اهميت به تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. جنهن طرح گذريل صديءَ ۾ تيل ۽ گئس عالمي معيشت جا اهم وسيلا رهيا، اهڙي طرح موجوده ۽ ايندڙ دور ۾ ليٿيئم کي توانائيءَ جي نئين انقلاب جو بنيادي عنصر سمجهيو وڃي ٿو.
قدرتي طرح ليٿيئم عام طور تي ٻن طريقن سان ملي ٿو. هڪڙو طريقو سخت پٿرن (Hard Rock Deposits) ۾ موجود ليٿيئم جو آهي، جيڪو اڪثر جبلن ۽ پهاڙي علائقن ۾ ملي ٿو. انهن پٿرن کي کوٽي، ٽوڙي ۽ ڪيميائي عمل ذريعي ليٿيئم حاصل ڪيو ويندو آهي. آسٽريليا، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ ليٿيئم جي پيداوار جو وڏو حصو اهڙي طريقي سان حاصل ڪيو وڃي ٿو. ٻيو طريقو لوڻياٺي زير زميني پاڻي (Brine) مان ليٿيئم حاصل ڪرڻ جو آهي، جنهن ۾ ليٿيئم پاڻيءَ ۾ حل ٿيل حالت ۾ موجود هوندو آهي. چلي ۽ ارجنٽينا جهڙا ملڪ اهڙي طريقي سان دنيا جو وڏي مقدار ۾ ليٿيئم پيدا ڪن ٿا. خيرپور ۾ رپورٽ ٿيل دريافت جو تعلق ٻئي طريقي سان آهي. هتي ليٿيئم ڪنهن جبل يا ظاهري پٿر جي صورت ۾ موجود نه آهي، پر زمين جي گهراين ۾ موجود پاڻيءَ ۾ شامل معدني عنصر طور موجود آهي. ان ڪري هن منصوبي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي پاڻي مان ليٿيئم کي الڳ ڪرڻو پوندو. واحد بخش مڱڻهار ۽ ريڍر ڳوٺ جي ڀرپاسي وارو علائقو تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور جو اهو خطو آهي، جيڪو زرعي، ثقافتي ۽ تاريخي اهميت رکي ٿو. هي علائقو سنڌ جي ميداني زمينن تي مشتمل آهي، جتي صدين کان ماڻهو زراعت ۽ پنهنجي روايتي زندگيءَ سان ڳنڍيل رهيا آهن. خيرپور اڳ ئي تيل ۽ گئس جي ڳولا جي حوالي سان اهم علائقو رهيو آهي، جتي کوٽائين ۽ جيولاجيڪل تحقيق ذريعي زمين جي هيٺين بناوت بابت ڄاڻ حاصل ڪئي وئي آهي. اها سائنسي ڄاڻ مستقبل ۾ ليٿيئم جي تحقيق ۽ پيداوار ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. بهرحال، خيرپور ۾ ليٿيئم جي موجودگي جي خبر پهريون قدم آهي؛ اصل ڪاميابي ان وقت ٿيندي، جڏهن ان جي مقدار، معيار ۽ تجارتي اهميت جو مڪمل جائزو ورتو ويندو. زمين مان ليٿيئم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ پيچيده سائنسي عمل ضروري هوندو. پهرين مرحلي ۾ ليٿيئم واري پاڻي کي کوهن ذريعي مٿي آندو ويندو، پوءِ جديد ليبارٽريز ۾ ان جي جانچ ڪئي ويندي. ان کان پوءِ جديد ڪيميائي ٽيڪنالاجي ذريعي ليٿيئم کي ٻين لوڻن ۽ غير ضروري عنصرن کان الڳ ڪيو ويندو. آخرڪار ليٿيئم ڪاربونيٽ (Lithium Carbonate) ۽ ليٿيئم هائيڊرو آڪسائيڊ (Lithium Hydroxide)  جھڙا اعليٰ معيار وارا ڪيميائي مادا تيار ٿيندا، جيڪي بيٽرين جي صنعت ۾ استعمال ٿيندا آهن.
دنيا ۾ ليٿيئم جي اهميت ۽ واپار تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. آسٽريليا هن وقت دنيا جو وڏو ليٿيئم پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، جڏهن ته چلي ۽ ارجنٽينا وٽ وڏا برائن ذخيرا موجود آهن. چين ليٿيئم جي استعمال، پروسيسنگ ۽ بيٽري ٺاهڻ واري صنعت ۾ دنيا جو اهم مرڪز بڻجي چڪو آهي. ليٿيئم جي اصل معاشي قيمت صرف ان جي موجودگي ۾ نه، پر ان ڳالهه ۾ آهي ته ان کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي اعليٰ معيار جي پيداوار ۾ تبديل ڪيو وڃي.

قدرتي وسيلن جي ترقي سان گڏ ماحولياتي ذميواري به انتهائي اهم آهي. ڪنهن به ليٿيئم منصوبي ۾ زمين هيٺ پاڻيءَ جي حفاظت، زرعي زمين جي بچاءَ، ڪيميائي فضلي جي محفوظ انتظام ۽ ماحولياتي نگراني کي يقيني بڻائڻ ضروري هوندو. ترقي اهڙي هئڻ گهرجي، جيڪا فطرت سان هم آهنگ هجي ۽ ايندڙ نسلن جي حقن جو تحفظ ڪري. هن دريافت سان گڏ مقامي آباديءَ جي حقن ۽ ڀلائيءَ جو سوال به انتھائي اهم آهي. واحد بخش مڱڻهار، ريڍر، گمبٽ ۽ ڪنگري جي رهندڙ ماڻهن جو هن ڌرتيءَ سان گهرو تعلق آهي. اهي ماڻهو هن علائقي جا اصل وارث ۽ نسلن کان آباد آهن. دنيا ۾ قدرتي وسيلن جي ترقيءَ جو جديد اصول اهو آهي ته مقامي ماڻهن کي صرف تماشائي نه، پر ترقيءَ جو حصيدار بڻايو وڃي!