نامور سياستدان، قانوندان ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ حفيظ قريشي، جيڪو عام طور ”چاچا حفيظ قريشي“ جي نالي سان مشهور هو، 26 جولاءِ 1920ع تي هالا پراڻا جي مشهور قاضي خاندان ۾ قاضي شفيع محمد جي گهر ۾ جنم ورتو. اڃا هڪ سال جو مس هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. کيس ٻه وڏا پيئيتا ڀائر، قاضي محمد بچل ۽ قاضي فضل الله هئا. والد جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس پرورش ۽ تربيت جي ذميواري وڏي ڀاءُ قاضي محمد بچل سنڀالي.
حفيظ قريشي شروعاتي روايتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي مان حاصل ڪئي، جڏهن ته سيڪنڊري تعليم ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول مان ورتائين. اتي حاڪم علي زرداري، قاضي ڀليڏني جو فرزند عبدالرحيم جوڻيجو ۽ قاضي عبدالرحمان قريشي سندس هم سبق رهيا. هن ميٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽيءَ مان ڏنو، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ سنڌ ۾ ميٽرڪ جا امتحان ممبئي يونيورسٽي وٺندي هئي.
ميٽرڪ کان پوءِ بي. اي جي تعليم لاءِ ممبئي ويو، جتي سندس ملاقات نامياري دانشور پروفيسر ڪرار حسين سان ٿي. پروفيسر ڪرار حسين جي صحبت ۾ هو غالب ۽ علامه اقبال جي فڪري عظمت، شاعراڻي رمزن ۽ فلسفياڻي خيالن کان واقف ٿيو. ساڳئي دور ۾ هو علامه عنايت الله مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ان زماني ۾ پڙهيل لکيل ۽ سياسي طور سرگرم حلقن تي ٿياسافيڪل سوسائٽي ۽ خاڪسار تحريڪ جا نمايان اثر موجود هئا.
ممبئيءَ مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ هن ڪراچي لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ساڳئي وقت سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ استاد طور پڙهائڻ شروع ڪيو. ڪراچيءَ ۾ سامونڊي فوج جي بغاوت دوران جڏهن ماڻهن جا ميڙ ٽاور ڏانهن وڌي رهيا هئا ته حفيظ قريشي ۽ جمال ابڙو به انهن ۾ شامل هئا. سرڪاري اهلڪارن جي شيلنگ ۽ فائرنگ وقت هن جمال ابڙي کي پٺي ڏئي ڀڄڻ بدران پٺئين پير هلڻ جي صلاح ڏني، جيئن گولي لڳڻ جي صورت ۾ پٺيءَ بدران ڇاتيءَ ۾ لڳي. اهو واقعو سندس جرئت، بهادري ۽ بيباڪيءَ جو مثال سمجهيو وڃي ٿو.
ايل. ايل. بي جي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن ماستري ڇڏي ۽ رام باغ، ڪراچيءَ ۾ وڪالت جي آفيس قائم ڪئي. هو پنهنجي دور جو هڪ ڪامياب ۽ قابل وڪيل هو. انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين تي کيس مڪمل عبور حاصل هو، جڏهن ته عربي ۽ فارسيءَ جي پڻ سٺي ڄاڻ رکندو هو. سندس حافظو غيرمعمولي، گفتگو مدلل، زبان شسته ۽ انداز حاضر جواباڻو هوندو هو.
1958ع ۾ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندي ٽرين ۾ سندس ملاقات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ٿي. ڊاڪٽر بلوچ، حفيظ قريشيءَ جي غالب ۽ علامه اقبال سان دلچسپي ڏسي، کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ شاعريءَ ڏانهن متوجه ڪيو. اڳتي هلي هن جي. سائين جي ايم. سيد کان به لطيف شناسي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سڄي زندگي سندس فڪر، گفتگو ۽ سياست تي لطيفي رنگ ڇانيل رهيو. سندس تقريرن ۾ منطق، استدلال، شاهه لطيف جي بيتن ۽ قرآن پاڪ جي آيتن جو اهڙو حسين امتزاج هوندو هو، جيڪو ٻڌندڙن تي گهرو اثر ڇڏيندو هو. سائين جي. ايم. سيد کيس ”سنڌ جو ابوالڪلام“ جو لقب ڏنو، جڏهن ته قومي تحريڪ ۾ هو محبت ۽ احترام سان ”چاچا حفيظ قريشي“ سڏيو ويندو هو.
حفيظ قريشيءَ جي سياسي ۽ قومي جدوجهد لڳ ڀڳ اڌ صديءَ تي پکڙيل هئي. زمينداري ۽ وڪالت سندس روزگار جا ذريعا هئا، پر سنڌ جو روشن مستقبل سندس زندگيءَ جو بنيادي مقصد هو. هو سائين جي. ايم. سيد سان گڏ بزم صوفياءِ سنڌ، اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۽ سنڌ متحده محاذ سميت مختلف سياسي ۽ قومي تنظيمن ۾ سرگرم رهيو. قومي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ سبب کيس ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت، 1988ع کان 1990ع تائين، سائين جي. ايم. سيد جي سنڌ جي دوري دوران کيس سکر مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هو سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد رهيو.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ هن رسول بخش پليجي سان گڏجي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ قائم ڪئي. حفيظ قريشي ان جو صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري مقرر ٿيو. بعد ۾ رسول بخش پليجي جا جي. ايم. سيد سان اختلاف پيدا ٿيڻ تي حفيظ قريشي تحريڪ کان ڌار ٿي ويو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان به سندس ويجها واسطا هئا ۽ هن ساڻس گڏ سنڌ جا دورا پڻ ڪيا، پر سياسي معاملن ۾ هو ڀٽي صاحب سان اختلاف رکندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ حفيظ قريشيءَ کي وفاقي وزارت جي آڇ ڪئي ۽ سنڌ جي ڪنهن تڪ تان چونڊرائڻ جي خاطري پڻ ڪرائي، پر هن اها آڇ قبول نه ڪئي.
حفيظ قريشي سائين جي. ايم. سيد جو انتهائي احترام ڪندو هو، پر ساڻس حجت ۽ بيباڪيءَ سان ڳالهائيندو هو. هو سنڌ جي انهن ڪميونسٽن، خاص طور اردو ڳالهائيندڙ ڪميونسٽن، جو سخت مخالف هو، جيڪي ”انڪارِ وطن“ واري فلسفي ۾ يقين رکندا هئا. سياسي معاملن ۾ هو اصول پسندي، وطن دوستي ۽ سنڌ جي قومي حقن جو پرجوش علمبردار رهيو.
هو زمينداري نظام کي مذهبي، اخلاقي ۽ سماجي اصولن جي خلاف سمجهندو هو. قرآن ۽ حديث مان حوالا ڏئي اهو دليل پيش ڪندو هو ته زمينداري استحصال، ناانصافي ۽ زمين تي فساد جو سبب بڻجي ٿي. هو سنڌ جي قديم زرعي اصول ”جو کيڙي، سو کائي“ جو حامي هو ۽ زمين تي پورهيت هاريءَ جي حق کي بنيادي اهميت ڏيندو هو.
حفيظ قريشي ٻه شاديون ڪيون. سندس پهرين گهر واري خديجه قريشيءَ مان کيس ست پٽ ٿيا. خديجه قريشيءَ جي وفات کان پوءِ هن سيما قريشيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي. سندس اٺ پٽ ۽ هڪ نياڻي تعليم يافته ٿيا، جن مان ٻه پٽ سندس حياتيءَ ۾ وفات ڪري ويا. هو پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت جو سمورو ڪريڊٽ پنهنجي ٻي گهر واري سيما قريشيءَ کي ڏيندو هو.
قدرت کيس اولاد ۽ جائداد سان نوازيو، پر هو ذاتي ملڪيت ۽ دنياوي آسائشن کان گهڻو لاپرواهه رهيو. سندس زندگي سچائي، بيباڪي، قومي خدمت، علمي گفتگو ۽ سياسي اصول پسنديءَ جو نمونو هئي.
حفيظ قريشي 29 جولاءِ 1997ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس خواهش هئي ته کيس سن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي پيرانديءَ کان دفنايو وڃي، پر سندس پونئيرن کيس مخدوم عربي ڏياني، المعروف شاهه دياني، جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو، جتي هو ابدي آرامي آهي.
(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان)